09/26/2026
چين ۾ AI وڊيوز جي نئين صنعت , سنڌ لاءِ ڪهڙو موقعو؟
چين ۾ AI ذريعي وڊيو ٺاهڻ هاڻي رڳو هڪ تجربو نه رهيو آهي، پر تيزيءَ سان باقاعده صنعت بڻجي رهيو آهي.
رائٽرز موجب، چين ۾ ڪاروباري ماڻهو AI فلم اسٽوڊيو قائم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه مقامي حڪومتون هن شعبي کي مالي سهائتا، ڪمپيوٽنگ جا وسيلا ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن.
اي جا نوان اوزار هاڻي هڪ خيال يا اسڪرپٽ مان ڪردار، منظر ۽ وڊيو ٺاهڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. نتيجي ۾ اشتهارن، اينيميشن، تفريحي ۽ سوشل ميڊيا مواد ٺاهڻ لاءِ گهربل وقت ۽ خرچ گهٽجي سگهي ٿو.
اڳ:
متن → تصوير → مختصر تجرباتي وڊيو
هاڻي:
اسڪرپٽ → ڪردار → منظر → ايڊيٽنگ → مڪمل وڊيو
سنڌ لاءِ ان جو مطلب ڇا آهي؟
سنڌ کي چين جهڙي وڏي AI صنعت ٺاهڻ جي ضرورت ناهي. پر اهي ئي اوزار استعمال ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ گهٽ خرچ سان تعليمي وڊيوز، تاريخي ۽ ثقافتي مواد، زراعت بابت ڄاڻ، ٻارن لاءِ مواد ۽ سوشل ميڊيا پروگرام تيار ڪري سگهجن ٿا.
پر خطرو به ساڳيو آهي: AI سان جعلي ۽ گمراهه ڪندڙ وڊيوز ٺاهڻ به وڌيڪ آسان ٿيندو.
ان ڪري AI Literacy سان گڏ Media Verification Literacy به ضروري آهي:
ذريعو ڏسو ، حقيقت جاچيو ، پسمنظر سمجهو ، پوءِ يقين ڪريو.
چين AI وڊيوز جي صنعت ٺاهي رهيو آهي؛ سنڌ لاءِ سوال اهو آهي ته اسان هن ٽيڪنالاجي کي سنڌي ٻولي، تعليم ۽ ثقافت ء ڪاروبار لاءِ ڪيئن استعمال ڪريون؟
Digital Sindh Network (DSN)