16/08/2026
اي ربِ ڪريم! مٺڙي محبوب حضرت محمد ﷺ جي آمدِ باسعادت واري بابرڪت مهيني جي صدقي، اسان تي پنهنجون خاص رحمتون نازل فرما. اسان جا گناهه معاف فرما، دلين کي عشقِ رسول ﷺ سان روشن فرما ۽ اسان کي سچي محبت، ادب ۽ سنتِ نبوي ﷺ تي هلڻ جي توفيق عطا فرما.
يا الله! اسان کي مديني منوره جي حاضري نصيب فرما، پنهنجي محبوب ﷺ جي روضيِ اقدس جي زيارت ڪراءِ، مسجدِ نبوي ﷺ ۾ نماز پڙهڻ ۽ درِ مصطفى ﷺ تي سلام پيش ڪرڻ جي سعادت عطا فرما.❤️🙏