14/01/2026
*اُستاد جي مٿان قُدرت, اِنساني نسل کي سنوارڻ, اُجاگر ڪرڻ, تعليم جي روشني سان روشناس ڪرڻ جي عَظِيم ذميواري رکي آھي,*
*جڏھن ھڪ اُستاد ھِن عظيم ۽ پروفيشنل پيشي کي, اِيمانداري, اَمانتداري ۽ دَيانتداري سان بخُوبي نڀائي پنھنجي قوم تائين پھچائي ٿو تڏھن قُدرت جي اٽل قانون ~جيڪا پوک ڪبي اھائي لڻبي~ موجب قوم, استاد, شاگرد سندن آجيان ۾ نيڪ تَمنائُون دِلي دُعائون ۽ مُستَقبِل جي لاء نيڪ تمنائن جو اِظھار ڪن ٿا.*
*محترم سائين اسان جي اسڪول گورنمنٽ پرائمري اسڪول فقير علي بخش جي بھترين, محنتي ۽ پئنڪچوئل استاد سائين ڪندن لال* *جي بدلي جي موقعي تي سندن شاگرد, ھيڊ ماستر ۽ سمورو اسٽاف سائين جن کي نھايت ئي پرخُلوص, عزت, مان ۽ شان سان الوداع ڪري ٿو,*
*سائين جَن جُون اسڪول جي بھتري لاء ڪيل ڪاوِشُون سندُن ھميشه ياد رھنديون*.
* Faqir Ali Bux Halepoto*