Sindh Agriculture University Umerkot Campus

Sindh Agriculture University Umerkot Campus Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sindh Agriculture University Umerkot Campus, Education & Learning, SAU CAMPUS UMERKOT (Sindh Agriculture University Tandojam), Umerkot.

    The date for registration in subsequent (Fall) Semester of all classes (1st year to Final year classes) undergraduat...
16/08/2026




The date for registration in subsequent (Fall) Semester of all classes (1st year to Final year classes) undergraduate degree programs of all Faculties/ Institute/Centre, Khairpur College of Agricultural & Management Science & Sindh Agriculture University Campus @ Umerkot for the academic year 2025-26, has been extended upto *24th August, 2026* with usual fee.

15/08/2026

Live Long my Beloved Country

14/08/2026

**سلام پاڪستان 🇵🇰*
14 آگسٽ جون جھلڪيون - SAU ڪيمپس عمرڪوٽ
پاڪستان زنده باد!

 ,   🌱*  Hon. Assistant Commissioner *Rajab Sathio* joined us  at SAU Campus Umerkot for tree plantation, dua, and a vis...
14/08/2026

, 🌱*
Hon. Assistant Commissioner *Rajab Sathio* joined us at SAU Campus Umerkot for tree plantation, dua, and a visit to our Hydroponics site.
Together for a greener and self-reliant future. 💚

🇵🇰 Independence Day Celebrated at Sindh Agriculture University Campus Umerkot 🇵🇰Sindh Agriculture University Campus Umer...
14/08/2026

🇵🇰 Independence Day Celebrated at Sindh Agriculture University Campus Umerkot 🇵🇰

Sindh Agriculture University Campus Umerkot celebrated the 79th Independence Day of Pakistan on 14th August 2026 with patriotic spirit, enthusiasm, and a renewed commitment to the country’s progress and prosperity.

The ceremony began with flag hoisting, recitation of the Holy Quran, the National Anthem, and prayers for the peace, stability, and prosperity of Pakistan.

In his address, Pro Vice Chancellor Prof. Dr. Zia-ul-Hassan Shah emphasized that the future of Pakistan depends on education, hard work, honesty, discipline, and a strong sense of responsibility. He also paid tribute to the Pakistan Armed Forces for defending the nation and appreciated teachers and administrative staff for their dedicated service to students and the institution.

Among the guest speakers, social activist Dr. Kunpo Chohan and Engr. Suresh Kumar Piragani, representative of SAMI Foundation, addressed the audience. Campus staff members Prof. Dr. Muhammad Ali Khanzada, Dr. Vishan Das Suthar, Mr. M. Saleem Chang, and Mr. M. Saleem Junejo also shared their views.

The celebrations included tree plantation, jointly organized by SAU Campus and SAMI Foundation, symbolizing the commitment to a greener and healthier Pakistan. Sweets and national flag badges were also distributed among the participants.

Later, following the conclusion of the central Independence Day ceremony at Jinnah Park, Assistant Commissioner Taluka Umerkot Mr. Rajab Ali Sathio, along with ADC-II and the Mukhtiarkar, visited SAU Campus Umerkot. They participated in tree plantation, offered prayers, and extended their best wishes for the continued progress of the Campus. They also visited the under-construction hydroponics greenhouse and met members of the TIKA team present there. The visiting officers appreciated the overall development efforts and the leadership role of Prof. Dr. Zia-ul-Hassan Shah and his team, particularly acknowledging Mr. M. Saleem Chang’s efforts in successfully securing this important project for the region.

In the end, Pro Vice Chancellor Prof. Dr. Zia-ul-Hassan Shah thanked all the guests and participants, especially the Campus employees, for their wholehearted participation and active engagement in the national event. 🇵🇰

Pakistan Zindabad! 🇵🇰

SALAM PAKISTAN. LIVE LONG PAKISTAN. You are cordially invited to attend the National Independence Day Celebration of our...
13/08/2026

SALAM PAKISTAN. LIVE LONG PAKISTAN.

You are cordially invited to attend the National Independence Day Celebration of our beloved country on August 14, 2026, organised by the SAU Campus Umerkot, at Vehro Sharif. The Official Program is as attached here.

Online Classes Timetable Announcement*  Dear Students,  The Online Classes Schedule for the following departments has be...
02/08/2026

Online Classes Timetable Announcement*
Dear Students,
The Online Classes Schedule for the following departments has been uploaded:
*1. Soil Science*
*2. Agronomy*
*3. Plant Protection*
*4. Livestock Diploma*

Kindly check your timetable and attend classes on time.
For any queries, contact your respective department coordinator.

Online Classes Timetable Announcement*  Dear Students,  The Online Classes Schedule for the following departments has be...
02/08/2026

Online Classes Timetable Announcement*
Dear Students,
The Online Classes Schedule for the following departments has been uploaded:
*1. Information Technology*
*2. English Language & Literature*
*3. Software Engineering*

Please check the timetable carefully and join your classes on time.
For any queries, contact your respective department coordinator.

   Alhamd o li ALLAH !The Second (2nd) Semester of the Academic Year 2026 shall commence as scheduled through a Hybrid T...
29/07/2026




Alhamd o li ALLAH !

The Second (2nd) Semester of the Academic Year 2026 shall commence as scheduled through a Hybrid Teaching Model, comprising:
• Synchronous and asynchronous online teaching;
• Printed lecture notes, assignments and other learning material, wherever required;
•Scheduled physical laboratory practicals, demonstrations, field visits and academic exposure programmes at SAU, Tandojam.

*ڀلي ڪندو ڀڳوان*“زرعي ڪیمپس عمرڪوٽ: ڪُجھ خواب، ڪُجھ حقیقتون”‘ڪاڪو بیگو مل’ اسانجي پاڙي ۽ شھر جو ھڪ نماڻو, صوفي ڪردار ھُی...
24/07/2026

*ڀلي ڪندو ڀڳوان*

“زرعي ڪیمپس عمرڪوٽ: ڪُجھ خواب، ڪُجھ حقیقتون”

‘ڪاڪو بیگو مل’ اسانجي پاڙي ۽ شھر جو ھڪ نماڻو, صوفي ڪردار ھُیو۔ ھُو گھُمندي ڦرندي ھر وقت ھڪڙي ئي صدا لڳائیندو ھُیو، “ڀلي ڪندو ڀڳوان”۔ انھي نماڻي صدا جي روحاني رمز شاید اھا ھُئي تہ “جیڪو نیڪ بخت ھوندو، ڀلائي ڪرڻ اُنھي ئي انسان جو ڀاڳ ھوندو۔” ھر ڪنھن جو ڀاڳ یا سگھ ناھي تہ ھو خیر ڪري، ٻین انسانن کي فائدو پھچائي “خیر الناس” جو منصب ماڻي سگھي۔

مارچ 2026ع ۾ سنڌ زرعي یونیورسٽي عمرڪوٽ ڪیمپس جي اڳواڻي سنڀالڻ مُرشد لطیف چواڻي “مونکي مون پرین ٻڌي وڌو ٻار ۾” ھڪ مُشڪل فیصلو ھُیو۔ مون ڄاتو پئي تہ اِھو ڪیمپس ڪافي وقت کان اَنیڪ مسئلن جو شڪار آھي۔ تنھن ھوندي بہ پرڳڻي ۾ قائم ٿیل ھن واحد اعلي تعلیمي اداري جي بحالي ۾ عام ماڻھن جي ٻچن جو روشن مُستقبل ڏسندي انھيءَ ڪم کان نابري وارڻ ڪو سُٺو عمل نہ پئي لڳو۔

عمرڪوٽ ڪیمپس جون حالتون “ڏونگر ھوئي تي کیڙ لیون، ٿارو ڪیمپس نہ کیڙیو جائي” واریون ھُیون۔ ضروري بُنیادي سھولتون یا تہ صفا اَڻ لَڀ ھُیون یا وري ٿوري گھڻي ڪم جي ڪري ناڪارہ پیل ھیون۔ ڪیمپس جي عمارتن جون ڇتیون انتھائي خراب حالت ۾ ھُیون، جن تان وڏا وڏا چاپڙ ڪرڻ جو سلسلو سال 2024ع کان جاري ھیو پر ھاڻي تمام شدید ٿي ویو ھُیو۔ تنھن سبب جي ڪري انھن عمارتن جا اڪثر تدریسي ڪمرا ۽ تحقیقي لیباریٽریون استعمال جي لائق نہ ھُیون۔ انتھائي قیمتي سمارٽ ڪلاس روم، ڪمپیوٽر لیباریٽریون، انٽرنیٽ ڊیٽا سینٽر انتھائي خراب حالت ۾ ھُئا۔ سال 2023ع ۾ ڪرایل اھو ناقص مرمت وارو ڪم ٻہ سال بہ جٽاداري سان نہ ھلي سگھیو۔ ڪیمپس جون ننڍیون وڏیون گاڏیون - ٽریڪٽر ٽرالیون، پوائنٽ بسون، ڊوم وین، سوزوڪي بولان، رڪشا، موٽر سائیڪلون، بنا ڪنھن ضروري تیل پاڻي ۽ مرمت جي، ڪنھن بہ ڇپر ڇانو جي بغیر بي یارو مددگار اُس ھیٺیان بیٺیون ھُیون۔ اِھو سمورو لقاءُ انتھائي ھانءُ ڏاریندڙ ھُیو۔

اسان ڏینھن رات ھڪ ڪري وس آھر ڪیمپس جون تمام گھڻیون سھولتون بحال ڪرایون، جھڙوڪ ٽرانسپورٽ سسٽم، زمیني مٺو پاڻيءَ، سولر سسٽم، اُستادن ۽ آفیسرن جي مُناسب رھائش، الیڪٽرانڪ لیب، سمارٽ ڪلاس روم جي قیمتي سامان جي محفوظ جڳھ مُنتقلي، آفیسن جي فائل سسٽم جي بحالي، شاگردن جا نوان امتحاني بلاڪ ٺاھي پیپر وٺڻ، ڇھ مھینا پُراڻن ۽ گُذریل امتحانن جا نتیجا وقت تي جمع ڪرائڻ، آخري سال جي شاگردن کي سندن مارڪ شیٽون، نُو ڊیوز، ۽ ٻیا سرٽیفیڪٽ وقت تي سھولت سان ڏیڻ۔ ڪیمپس جي لاءِ تُرڪیہ حڪومت کان لکین روپین جو ھئڊروپونڪ گرین ھائوس منظور ڪرائڻ اسانجي وڏي ڪامیابي آھي، جیڪو سموري سنڌ ۾ پنھنجي نوعیت جو پھریون شاھڪار ھوندو۔ سندس سِول ورڪ پُڄاڻي تي پھتو آھي ۽ باقي مڪمل اَڏاوت ۾ ٻہ مھینا لڳندا۔

اپریل 2026ع ۾ محترم سید سردار علي شاھ صاحب اسانکي تُرت ئي پبلڪ اسڪول جي بلڊنگ ڪیمپس جي نالي ڪرائي ڏني، جنھن لاءِ سندس ۽ سنڌ حڪومت جون لک ڀلایون۔ تنھن کانپوءِ ئي پي-سي ون روائز ڪرڻ ۽ ھائر ایجوڪیشن ڪمیشن کي فنڊز جي بحالي لاءِ لکڻ مُمڪن ٿیو۔ تاریخ 3 جون 2026ع تي پلاننگ ڪمیشن جو نمائندو سنڌ زرعي یونیورسٽي عمرڪوٽ ڪیمپس جي اڀیاسي دوري تي آیو ۽ سڄي صورتحال جو تفصیلي جائزو وٺي ویو۔ ھاڻي جلد ئي فنڊز جي بحالي لاءِ پلاننگ ڪمیشن جي میٽنگ ۾ ڪو فیصلو ٿیندو۔ تازي بجیٽ ۾ وفاقي گورنمنٽ ڪیمپس جي ترقیاتي بجیٽ وڌائي 200 ملین جي واڌ سان ڪُل 300 ملین ڪئي آھي جیڪو ھڪ انتھائي سُٺو سنئوڻ آھي۔ تنھن کانپوءِ ئي وائس چانسلر صاحب خوشخبري ڏني آھي تہ الحمدللہ چند ھفتن ۾ ئي ڪیمپس جي موجودہ ایڊمن بلاڪ جي سامھون ھڪ عالیشان اڪیڊمڪ بلاڪ (ڪلاس، لیباریٽریون، آفیسون) بلڊنگ جي تعمیر شروع ٿیڻ واري آھي، جنھن سان ڪیمپس جي زندگي جو ھڪ نئون سونھري باب شروع ٿیندو۔

مُلازمن جي پوري پگھار جاري ڪرڻ ۽ بقایائن جي ادائگي سان گڏوگڏ ڪیمپس جو ڪار وھنوار بھتر طور ھلائڻ لاءِ سنڌ گورنمنٽ کي اسپیشل گرانٽ ڏیڻ لاءِ جمع ٿیل درخواست تي بہ وائس چانسلر صاحب جون ڪوششون ھلندڙ آھن۔ حقیقت اھا آھي تہ ڪیمپس جا اڪثر مُلازم پري کان اچن ٿا ۽ سندن اڌ پگھار اوٽ موٽ سفر یا ماني ٽڪي ۽ رھائش ۾ ئي اُڏامي وڃي ٿي، خاص ڪري ننڍن مُلازمن جي۔ جنھن سان سندن حاضري ۽ ڪیمپس جو ڪار وھنوار سخت متاثر ٿئي پیو۔

ھن وقت ڪیمپس جا ڪلاس ۽ لیبارٽریون سرڪاري انجینیئرن جي مشوري مطابق بند ڪیل آھن۔ سندن ڇتین جا چاپڙ ناقص مرمت جي ڪري گرمي سبب اوچتو ڪرندا رھن ٿا ۽ ھاڻوڪین برساتن ۾ اھا حالت ویتر خراب ٿیندي۔ سندن جوڳي مرمت لاءِ اسان یونیورسٽي انتظامیہ سان زُباني ۽ لکت ۾ ڪنھن مُناسب ۽ وقتائتي فیصلي لاءِ مسلسل رابطي ۾ رھیا سین تہ جیئن شاگردن جا ڪلاس بھتر نموني ھلائي سگھجن۔ یا اگر آن لائن ڪلاس اَڻٽر ھُجن تہ یونیورسٽي جي تمام خراب مالي حالتن جي باوجود شاگردن سان سیمیسٽر فیس ۾ 50 سیڪڙو یا حد مُمڪن رعایت ڪئي وڃي ۽ کین ٽرانسپورٽ فیس جي 100 سیڪڙو ڇوٽ ڏني وڃي۔ اھڙي فیصلي جو انتظار شاگردن ۽ اُنھن جي مائٽن کي بہ رھیو۔ اسانکي پنھنجن شاگردن (خاص طور آخري سال وارن) جي احساسن، اُمیدن ۽ اُڌمن جي چڱي ریت خبر آھي۔ پر شاگردن جي زندگي کي خطري ۾ وجھندڙ ڪوبہ اھڙو تڪڙو قدم کڻڻ ڪنھن بہ ریت بھتر نہ ھوندو، جنھن جا بعد ۾ ڪي اڻوڻندڙ نتیجا سامھون اچن۔ اھڙي ڪنھن بہ واقعي جو امڪان عمارتن جي موجودہ حالتن کي سامھون رکندي رَد نہ ٿو ڪري سگھجي۔ ڇا اسان پنھنجي شاگردن جي حفاظت جا ذمیوار ناھیون؟ ڇا اسان بہ پنھنجن شاگردن جا مائٽ ناھیون؟ اسانجا شاگرد ۽ سندن والدین بہ انھن حقیقتن کان چڱي ریت واقف آھن۔ انھي مسئلي جي حل بابت حتمي راءِ یونیورسٽي جي ایندڙ اعلي انتظامي ۽ ٽیڪنیڪل ٽیم ڏیندي جنھن جو اسان سڀني کي انتظار ھُیو۔ الحمدللہ ھن سومر تي یونیورسٽي جي ھڪ اعلي سطح جي وفد جو ڪیمپس جو دورو وائس چانسلر صاحب جي اڳواڻي ۾ رٿیل آھي، جنھن کانپوءِ ڪلاسن ھلائڻ بابت ڪو فیصلو ممڪن ٿیندو۔

سنڌ زرعي یونیورسٽي انتظامیہ کي ڪیمپس جي مسئلن جو پوري ریت احساس آھي۔ محترم وائس چانسلر انجینیئر پروفیسر الطاف علي سیال صاحب انھي سلسلي ۾ یونیورسٽي جي شدید مالي مجبورین جي باوجود بہ ڪیمپس جي مدد ڪندو پیو اچي۔ ڪیمپس جي مُلازمن کي یونیورسٽي جي فنڊز مان مسلسل اڌ پگھارون ڏیڻ ۽ اُستادن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ نون عارضي اُستادن جي مُقرري جي منظوري انھي اَمر جا گواھ آھن۔ تازو ئي ڪیمپس جي مُختلف شعبن ۾ تعلیم جي بھتري ۽ اُستادن جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ عارضي لیڪچرارن جي چونڊ عمل مُڪمل ڪري مقرري جون سفارشون موڪلي ڇڏیون ویون آھن۔

اسان اھي حقیقتون تفصیل سان پنھنجن سمورن مھربانن، شاگردن ۽ سندن والدین سان ڪنھن مُناسب وقت تي اورڻ چاھیون پئي۔ پر اسان گُذریل پنجن مھینن کان وٺي ڪیمپس جي بحالي جي ڪمن ۽ یونیورسٽي انتظامیہ سان انھي بابت لک پڙھ ۽ جوڰي فیصلہ سازي بابت ڏینھن رات مصروف ھُئاسین۔ اسانجا مھربان ھاڻي بہ ڪنھن بہ وقت اچي ڪیمپس جون بیان ڪیل حالتون پنھنجي اکین سان ڏسي سگھن ٿا۔ اسانکي سمجھڻ کپي تہ مُڪمل طور تباھ ٿیل سرشتن جي مُڪمل بحالي ۾ وقت لڳندو آھي، جنھن لاءِ صبر، ڏاھپ ۽ وڏ ماڻھپي جي ضرورت ھوندي آھي۔ سنڌ زرعي یونیورسٽي عمرڪوٽ ڪیمپس جي “یونیورسٽي آف ٿر عمرڪوٽ” ڏانھن سفر ۾ جیڪي بہ مُشڪل مرحلا سامھون ایندا اسان پنھنجن علائقي واسین، وڏڙن ۽ مھربانن کي پاڻ سان گڏ بیٺل ڏسندا سین۔ پرڳڻي جو اھو واحد اعلي تعلیمي ادارو اسان جي مُڪمل غیر مشروط سھڪار، دُعائن ۽ خیر جو طلبگار آھي۔ “ڀلي ڪندو ڀڳوان”۔ اوھان جو ساٿ سدائین گھُربل رھندو، خاص ڪري پنھنجن شاگردن جو۔ اسان ھُجون نہ ھُجون، ڪا جوت جلائي وینداسین۔ ان شاءَاللہ۔

کرکڻا لاھي سُک نہ سُتا ڪڏھن،
اوسیئڙو آھي، کاھوڙین کي پنڌ جو۔

ضیا شاھ
ویھرو شریف
جولاءِ 24, 2026ع،
ٻہ لڳي ویھ منٽ

Address

SAU CAMPUS UMERKOT (Sindh Agriculture University Tandojam)
Umerkot
69100

Opening Hours

Monday 08:00 - 15:30
Tuesday 08:00 - 15:30
Wednesday 08:00 - 15:30
Thursday 08:00 - 15:30
Friday 08:00 - 12:30

Telephone

+923452074120

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Agriculture University Umerkot Campus posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share