23/12/2020
عام اطلاع
جيڪي خاندان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا حاصل ڪري رهيا آھن انهن لاء سونهري موقعو آهي ته اهي پنهنجي ٻارن کي ويجھي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ پروگرام ۾ شامل ٿي وظيفو حاصل ڪريو، جيڪي ٻار 4 چار کان 12 سالن جي عمر ۾ پهرئين درجي کان پنجين درجي تائين ڪنهن به اسڪول ۾ داخل آهن، يا انهن کي جلد کان جلد پنهنجي ويجهو ڪنهن اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ انهن ٻارن لاء وسيله تعليم پروگرام تحت وظيفو حاصل ڪريو
ڇوڪري لاء 1500
نياڻي لاء 2000 روپيا هر ٽئين مهيني ان جي ماء کي بائيو ميٽرڪ ذريعي ڏنا ويندا.
پوء دير نه ڪريو اڄ ئي پنهنجي ٻارن کي ويجهي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ وظيفو حاصل ڪريو پر نادرا طرفان ب فارم ٺهرائڻ لازمي آهي،
نوٽ: جيڪڏهن اوهان جي علائقي يا اسڪول ۾ اهڙا ٻار موجود آهن جنهن جون مائرون بينظير انڪم سپورٽ مان فائدو حاصل ڪري رهيون آهن ته انهن جي نشاندهي ڪري انهن تائين اهو پيغام پهچايو.
فارم جمع ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 جنوري 2021