08/01/2026
ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر گھوٽڪي ايٽ ميرپور ماٿيلو
گهوٽڪي، 8 جنوري 2026: ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد ڪنراني گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽگ اوباوڙو جو دورو ڪيو، جتي هن هڪ خصوصي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مڊ ٽرم ٽيسٽ ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ انعام پڻ ورهايا ويا. تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري سيد اسرار احمد شاهه سميت اسڪول انتظاميه، استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد ڪنراني چيو ته تعليم ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جو بنياد آهي ۽ اڄ جي جديد دور ۾ ڪاميابي لاءِ معياري تعليم حاصل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته هو محنت، جذبي ۽ نظم و ضبط کي اپنائن ۽ جديد سائنسي ۽ فني تقاضائن مطابق پاڻ کي تيار ڪن ۽ ڪتابن کي پنهنجو دوست بڻائن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته حڪومت سنڌ تعليم جي سڌاري لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ ميرٽ جي بنياد تي هزارين استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن ته جيئن تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته قابل ۽ محنتي شاگردن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جو مقصد کين اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائڻ آهي. هن استادن جي ڪردار کي به ساراهيندي چيو ته شاگردن جي ڪاميابي ۾ استادن جي محنت ۽ رهنمائي اهم حيثيت رکي ٿي جو هڪ بند پيل اسڪول کلي چڪو آهي جتي شاگرد تعليم حاصل ڪن پيا. ان موقعي تي ڊي اي او سيڪنڊري سيد اسرار احمد شاهه ڳالهائيندي چيو ته محنت کان سواءِ ڪاميابي ممڪن ناهي، شاگردن وٽ اهو ئي وقت آهي ته هو پنهنجي مستقبل کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت محنت ڪن. هن چيو ته سڀني استادن کي گهرجي ته هو فرض شناسي سان شاگردن کي تعليم ڏين جيڪو سندن قومي فرض آهي، ڇو ته استادن جي محنت کان سواءِ تعليمي معيار بهتر نٿو ٿي سگهي.
ڈسٹرکٹ انفارمیشن آفیسر گھوٹکی ایٹ میرپور ماتھیلو
گھوٹکی 8 جنوری 2026: ڈپٹی کمشنر گھوٹکی منظور احمد کنرانی نے گورنمنٹ بوائز ہائی اسکول ٹگ اوباورو کا دورہ کیا، جہاں انہوں نے ایک خصوصی تقریب میں شرکت کی۔ اس موقع پر مڈ ٹرم ٹیسٹ میں نمایاں کارکردگی کا دکھانے والے طلبہ میں انعامات بھی تقسیم کیے گئے۔ تقریب میں ڈسٹرکٹ ایجوکیشن آفیسر سیکنڈری سید اسرار احمد شاہ سمیت اسکول انتظامیہ، اساتذہ اور طلبہ کی بڑی تعداد نے شرکت کی۔ اس موقع پر خطاب کرتے ہوئے ڈپٹی کمشنر منظور احمد کندرانی نے کہا کہ تعلیم کسی بھی قوم کی ترقی کی بنیاد ہے، اور آج کے جدید دور میں کامیابی کے لیے معیاری تعلیم کا حصول ناگزیر ہے۔ انہوں نے طلبہ پر زور دیا کہ وہ محنت، لگن اور نظم و ضبط کو اپنا شعار بنائیں، جدید سائنسی و تکنیکی تقاضوں کے مطابق خود کو تیار کریں اور کتابوں کو اپنا دوست بنائیں۔ ڈپٹی کمشنر نے کہا کہ حکومت سندھ تعلیم کے فروغ کے لیے سنجیدہ اقدامات کر رہی ہے، میرٹ کی بنیاد پر ہزاروں اساتذہ بھرتی کیے جاچکے تاکہ تعلیمی معیار کو بہتر بنایا جاسکے. انہوں نے مزید کہا کہ قابل و محنتی طلبہ کی حوصلہ افزائی کا مقصد انہیں مزید آگے بڑھنے کا حوصلہ دینا ہے۔ انہوں نے اساتذہ کے کردار کو بھی سراہتے ہوئے کہا کہ طلبہ کی کامیابی میں اساتذہ کی محنت اور رہنمائی کلیدی حیثیت رکھتی ہے کہ بند اسکول کھل چکا ہے جہان پر طلبہ تعلیم حاصل کر رہے ہیں۔ اس موقع پر ڈی ای او سیکنڈری سید اسرار احمد شاہ نے کہا کہ محنت کے بغیر کامیابی ممکن نہیں، طلبہ کے پاس یہی وقت ہے کہ وہ اپنے مستقبل کو بہتر بنانے لیے سخت محنت کریں، انہوں نے کہا کہ تمام اساتذہ کو چاہیے کہ وہ دلی لگن سے طلبہ کو تعلیم دیں جو کہ ان کا قومی فریضہ ہے، کیوں اساتذہ کی محنت کے بغیر تعلیمی معیار بہتر نہیں ہوسکتا.