02/05/2026
ٺل شاگرد اتحاد طرفان فائونڊيشن اسسٽيڊ اسڪول حاجي اياز احمد کوسو جو دورو ڪيو ويو.
جتي هلندڙ تعليمي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن کي ساراهيو ويو۔
هنن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته (سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن گورنمينٽ آف سنڌ) پاران پوئتي پيل علائقن ۾ اسڪول کولڻ هڪ انتهائي انقلابي قدم آهي جنهن سان ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ جا بهتر موقعا ملي رهيا آهن۔
انشاءَالله اهي ٻار پڙهي لکي مستقبل ۾ ڪنهن نه ڪنهن اعليٰ مقام تي ضرور پهچندا۔
ان موقعي تي سالياني اسيسمينٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ ٻارن کي شيلڊون ۽ رزلٽ شيٽون پڻ ڏنيون ويون۔
ان سان گڏ ٻارن جي حوصلا افزائي لاءِ پرجوش موٽيويشنل تقريرون پڻ ڪيون ويون
جنهن ۾ ٻارن کي محنت جاري رکڻ ۽ پنهنجي مقصدن ڏانهن اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪئي وئي۔
آخر ۾ ٻارن کي اهو پيغام ڏنو ويو ته هو پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏين ڇو ته تعليم ئي کين روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي.