15/09/2026
بسم اللہ الرحمن الرحیم، السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته
📢 عوامي اپيل
اسان جي ٻارن جي تعليم جو سوال آهي!
🏫 گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول آخوند براديه ڪئمپس ٺٽو ۽ اسان جي مرج يونٽ اسڪول گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رضوي محلہ ٺٽو جي تعميراتي ڪمن کي ADP ۽ SERP اسڪيمن تحت شروع ٿيندي تقريباً 22 مهينا گذري چڪا آهن پر اڃا تائين ٻئي اسڪول مڪمل نه ٿي سگهيا آهن!
سوال سادو آهي:
ته آخر اسان جي ٻارڙن کي پنهنجي اسڪول لاءِ وڌيڪ ڪيترو انتظار ڪرڻو پوندو؟
الحمدلله، اسان جي اسڪولن ۾ استاد، ڪتاب، فرنيچر ۽ ٻيون بنيادي سهولتون موجود آهن؛ پر پنهنجي مڪمل، محفوظ ۽ مناسب عمارت کان محرومي اسان جي ٻارن جي تعليم لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهي.
🔴 ٺٽو واسي ٺيڪيدار سيد شھزاد شاھ حسيني باغائي پاران ADP اسڪيم تحت گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول آخوند براديه ڪئمپس ٺٽو جا رهيل ڪم:
❌ فرش/ماربل جو ڪم
❌ دروازن ۽ درين جي تنصيب
❌ رنگ روغن
❌ بجلي جي فٽنگ
❌ باٿ رومز جي تعمير/تڪميل
❌ گرائونڊ جي فلنگ
❌ ڪمپائونڊ وال جي توسيع
❌ مرڪزي لوهي گيٽ جي تعمير
❌ ٻيا ضروري تعميراتي ڪم
🔴 ڪراچي واسي ٺيڪيدار شھزاد قائمخاني پاران SERP اسڪيم تحت گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول رضوي محلہ ٺٽو جا رهيل ڪم:
❌ باٿ رومز جون فٽنگون
❌ اسڪول گرائونڊ جي فلنگ
❌ ورانڊي جون گِرلز
❌ سيڙهي جو دروازو ۽ ريلنگ
❌ خراب بجلي جا پنکا تبديل ڪرڻ
❌ لائيٽن جي مرمت/تنصيب
❌ ڪمپائونڊ وال جي مرمت ۽ اوچائي ۾ واڌ
❌ لوهي گيٽ جي تنصيب
❌ پاڻي جون ٽانڪيون
❌ پاڻي مٿي چاڙهڻ واريون مشينون
❌ ۽ ٻيا رهيل ڪم
📌 افسوس! پرائمري اسڪول جو به لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ڪم اڃان رهيل آهي.
هن صورتحال سبب اسان جا استاد ۽ معصوم شاگرد 1 نومبر 2024ع کان پنهنجي اصل اسڪولن کان محروم ٿي عارضي ۽ محدود جڳهن ۾ گرمي، سردي ۽ ٻين مشڪلاتن باوجود تعليم جو سلسلو جاري رکڻ تي مجبور آهن.
💔 سوچيو!
جيڪڏهن اسان جي ٻارن کي پڙهڻ لاءِ اسڪول ته ڏنو ويو آهي پر اسڪول جي مڪمل عمارت نه ڏني وئي ته پوءِ اسان انهن جي مستقبل سان ڪهڙو انصاف ڪري رهيا آهيون؟
هي ڪنهن فرد خلاف ذاتي دشمني ناهي.
هي ڪنهن کي بدنام ڪرڻ جي مهم ناهي.
هي فقط پنهنجي ٻارن جو حق گُهرڻ آهي!
📢 لاڳاپيل اختيارين، تعليم کاتي، ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي پرزور اپيل آهي ته فوري نوٽيس وٺي ٻنهي اسڪولن جا رهيل ڪم معياري طريقي سان ۽ بنا ڪنهن وڌيڪ دير جي مڪمل ڪرايا وڃن.
🤲 اسان کي واعدا نه، پنهنجي ٻارن لاءِ اسڪولن جون مڪمل عمارتون گهرجن!
🏫 اسان جو مطالبو هڪ ئي آهي:
ته اسان جي ٻارن کي سندن اسڪول مڪمل طور تعمير ٿيل واپس ڏيو!
اڄ آواز نه اٿارينداسين ته سڀاڻي پنهنجي ٻارن جي مستقبل بابت شڪايت ڪرڻ جو اسان وٽ ڪهڙو جواز رهندو؟
📣 هي پوسٽ شيئر ڪريو، آواز بلند ڪريو ۽ پنهنجي علائقي جي ٻارن جي حق ۾ بيهو!
اسان جو آواز ڪنهن خلاف ناهي؛
اسان جو آواز پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي حق ۾ آهي. ❤️
جيئي تعليم،
جيئي سنڌ،
جيئي ڀٽو،
جيئي محترمه بينظير ڀٽو،
جيئي پاڪستان 🇵🇰