*واٽس ايپ تان ڪاپي پيسٽ ٿيل هڪ ڪڙو سچ*
هڪ قلم هڪڙو مان
****************
تعليم ۽ تعليمي ادارن جو جنازو ڪيئن بنا غسل ڪفن جاهل حڪمران ڪڍن پيا سو انتهائي افسوسناڪ آھي
****************
جنازو ڪيئن پيا ڪڍن سو غور سان پڙهندا وڃو
****************
ڳچ عرصو اڳ تعليم جو مهور استاد هو
پوء تعليم جو مهور شاگرد بڻيو
پوء تعليم جو مهور نصاب رهيو
انهن ٽنهي دورن ۾ تعليم ڪجھ بهتر هئي
جڏھن کان تعليم جو مهور اين جي اوز-روينيو جا عملدار-جج صاحبان-بايوميٽرڪ سسٽم۽ استادن کي گاريون ڏيڻ تعليم بچايو سنڌ بچايو جا نعرا بڻيا آھن سچ ٻڌايو تعليم جو معيار ڪٿي بيٺو آھي سو ڏسندا وڃو
************-*****
هن وقت حالت اهيا آھي تہ ضلع کان ويندي تعلقي سطح جي مقرر تعليمي آفيسرن کي سڌ ئي ناهي تہ اسان ڇو ۽ ڇالاء آھيون
*****************
ڪئمپس اسڪول جي هيڊماسترن کان ويندي پرائمري اسڪول جي هيڊ کي خبر ناهي تہ اسان ڪهڙي ڪهڙي مقرر ڪاموري جو چوڻ وٺون ڪنهن ڪنهن کي ڊيٽا ڏيون سڀڪو اچيو چوي آئون آهيان اوهان جو بالا آفيسر
****************
بايوميٽرڪ سسٽم تعليم کاتي ۾ ڪرپشن جو هڪ نئون ادارو قائم ڪيو ويو آھي آڱوٺي جا 15-20هزار وٺڻ لڳا بدلي جا 50-60هزار مقرر تعليم سڌاريو سنڌ سنواريو
بايوميٽرڪ عملو نوجوان رنگروٽن تي مشتمل استاد ايمرجنسي ۾ ڪنهن کان موڪل وٺي ڪا خبر ناهي
****************
مقرر روينيو جا عملدار سنڌ جي زمين تين وال ڪري هاڻ اهي بہ تعليمي ادارن ۾ اچيو چون اسان آهيون اوهان جا بالا
*****************
مزيدار ڳالھ روينيو جي عملدار کي هيڊ ماستر ڪئمپس چيو استادن جي موڪل علمي وارا قبول ئي نٿا ڪن
صاحب فخريا انداز سان چيو اهيو علمي وري ڪير آھي ڏيو نمبر تہ داٻو پٽيانس
***************
ڪلاسن ۾ سوال پڇن پاڪستان جا صوبا گهڻا ٻار چون چار هي چون نہ پنج
***************
شڪايت ڪجين ابا اسڪولن ۾ سهولتون ناهن چون اهيو اسان جي مٿي جو سور ناهي ان لاء وري ٻيا بالا مقرر آهن
*****************
استادن کي ڏبيون گاريون نعرا هڻبا
ٻار پڙھايو سنڌ سنواريو
*******************
سمارٽ ڪارڊ کان ويندي بايوميٽرڪ تائين پريشان وري بہ ڊيوٽي ڪندڙ ۽ پڙهائيندڙ استاد آھي
ڊيوٽي نہ ڪندڙ اڄ بہ ڪي فوڪل ڪي لوڪل ڪي چالو آفيسر مقرر ٿي مزن ۾ آھن
--------------------------------
معزز قلم جي تحرير پڙهندڙئو
هي جيڪي توهان کي عجيب و غريب نعرا ٻڌڻ ۾ ايندا هوندا تہ سنڌ جي تعليم تباھ و برباد ڪئي وئي آھي اچو تہ ٽيڪا ڏئي تعليم کي بچايون
سچ پڇو نڪو هنن کي تعليم جو لاچار آهي نڪو تعليم جي ڀلي جو لاچار آھي نڪو غريب ٻارن جو لاچار آھي نڪو اسڪولن ۾ اڻپوريون نہ هجڻ برابر سهولتن جي ڳڻتي آھي
اصل ۾ تعليم دشمن اٿوو ئي اهي جيڪي مختلف ملڪن کان ڪروڙين ڊالر وٺي پنهنجا گهر ڀرين پيا
اهي چهرا اهي صورتون ياد رکي ڇڏيو
وقت تبديل ٿيندي پروجيڪيٽ تبديل ٿيندي ديرئي نہ لڳندي اهي ساڳيا چهرا هوندا جيڪي تعليم تعليم ڪن پيا وري صابڻ هٿن ۾ هوندن توهان کي چوندا گهر ٻھاريو صحت سڌاريو
ڪاڪوسن کي صاف رکو
ڀلجي اوهان چوندون بابا ڳالھ ڀلي پر اسان وٽ ڪاڪوس ئي ناهي ڇا ڪريون اوهان کي چوندا هي قوم نہ سڌرندي گندي ٿي مرندي
بلڪل ائين تعليم ۽ تعليمي ادارن جي پٺيان هٿ ڌوئي پيا آھن
مونکي ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي تعليم جي ناهي
تہ هي ڪاليجن يونيورسٽين ۾ داخلا ڪهڙا فرشتا پيا وٺن
ايم فل ب ٿين پيون پي ايڇ ڊي ب ٿين پيون
ميڊيڪل کان ويندي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ او داخلا آخر وڃو سيلف فنانس تي ٿئي
آخر هي تعليم جو رينگٽ ڪهڙن بنيادن تي ڪيو پيو وڃي
منهنجو ڄم ڪو قائد اعظم جي دور جو ناهي
پٽي کڻي اسڪول ويندا هئاسين
ان تي سبق ملندو هو ڇا جي ٽيوشن ڇاجا سبجيڪٽ سليٽ تي لکبو هو
پنج درجا پاس ڪري سرٽيفڪيٽ ملندو هو انگريزي پڙھڻ ويو
اتي وڃي ڇهين ڪلاس ۾ اي بي سي سکبي هئي
اهي ٻار بہ پڙھي وڃي منصبن تي پهتا آھن
سبب اهيو هو جو ان وقت تعليم جو مهور استاد هو
نااهلن ڏٺو تعليم تہ اوج وٺندي وڃي
استاد جي ناموس عزت بہ چوٽ چڙھندي وڃي
ڇا ڪيائون جو تعليم جو مهور استاد هٽائي ڪيائون ٻار کي مهور
آرڊر پاس ٿيا هلا اٿوو ٻار کي ڪجھ بہ نہ چئجو جيئن وڻي تيئن ڪري پڙھي تہ پڙهايوس نہ تہ ڇڏي ڏيوس
مزيدار ڳالھ مثال وري سڌريل ملڪن جي تعليمي ادارن جا ڏيندا بابا فلاڻي يونيورسٽي تحقيق ڪئي آھي تہ ٻار کي ڇڏيو پنهنجي مرضي تي
نتيجن ڇا ٿيو
اهو پڙھندڙ ٻار وڃي ليڊر بڻيو ڇو جو ڪو چوڻ وارو هوس ڪون پوء دهشت ب بڻيو دهشتگرد بہ بڻيو
نااهل حڪمرانن ڏٺو هي ڪم تہ ڳچي ۾ ٿو پئي هي تہ ڪامريڊ پيا پيدا ٿين
نتيجن استاد بہ مهور ختم ٿيو
شاگرد بہ مهور ختم ٿيو
مهور ڪيائون نصاب کي آرڊر اچي ويا
ٻارن کي ڪتاب ۾ جيئن لکيل آ پڙھايو
پهرين کان انگريزي بہ پڙهايو عربي ب پڙھايو
ايڏا کڻي نصابي ڪتاب ڏنائون جو ٻار جو وزن پنج ڪلو تہ ڪتابن جو وزن ڏھ ڪلو
ٻار قد ئي نہ وڌائين
اسڪولن ۾ سهولتون صفا نل بٽا نل
ڏٺائون ان ۾ بہ تعليمي ادارا هلن پيا
هاڻ ڇا ڪيو اٿن
نڪو تعليم جو مهور استاد نڪو شاگرد نڪو نصاب هاڻ مهور اٿن ادارا تہ انهن کي ڪيئن تباھ ڪيون
اعلان ٿي ويا سمارٽ ڪارڊ ٺھرايو
وٺ وٺان سروس بڪ ڪڇن ۾ استاد ويچارا صبح کان لائنن ۾ بيهي ڪارڊ ٺھرائڻ لڳا
تعليم تعليمي ادار ٻار پئي رليا
وري جج صاحبان عدالتون ڇڏي اسڪولن ڏي موڪليائون وري ب پريشان اهي جيڪي حاضر عجيب سوال ٻار پٽ تي ڇو ويٺا آھن
پاڻي ڇو ناهي هاڻ استاد ڇا چئي ڇا ڪري
خير آيو پيچوهو ابا بايوميٽرڪ ڪرايو عجيب ستم وري بہ پريشان اهي ٿيا جيڪي ريگيولر هجن
نتيجن ڪراچي جا پنڌ ڪري او آخري ڏھ ڏھ هزار ڏئي آڱوٺو لڳرايائون
اسڪولن جي حالت اهيا آھي جو ٻارن جي ويهڻ لاء بئنچون ناهن پيئڻ لاء پاڻي ناهي
ڪلاس جهڙا عذاب خانا بند ٻوسٽ
زور اهيو لڳو پيو آ
استادن کي گاريون
۽ نعرا لڳن پيا
ٻار پڙھايو سنڌ سنواريو
ڀلي ڳالھ ٻار کي پڙھڻ گهرجي
پر داخلا کان پوء انهن نون ٻارن لاء اسڪولن ڪلاسن ۾ ويهارڻ جي سهولت بہ آھي يا نہ
سو اسان تہ تاڙي وڄائي پڙھايون پيا
ان لاء ڪٿي ٻارن جي گهڻائي غوڙ شور سبب ڪٿي ٻار ٻڌڻ جي صلاحيت کان محروم تہ نہ ٿي ويا آھن
سو طبيعت چيڪ اسان بہ نہ ڪرائي آھي
ڪٿي ٿي نہ ويا هجون
بي پي جا مريض
مطلب بلڊ پريشر
رفيق ملاح
Education Development Forum Thatta
The Official Page of Taluka Education Officers of District Thatta and Sujawal for promoting and sharing their sincere efforts for Education and awareness
30/09/2016
General Meeting of Head Masters of Union Council Chhato Chand Taluka Thatta chaired by Taluka Education Officer Primary Make Thatta Noor Muhammad Serai.
Alhamdo Lillah
By the grace of Almighty Allah After Posting (1st November 2014) as Taluka Education Officer Primary Male Thatta, with the support of my Team we have Re-opened 12 Closed Primary Schools of Taluka Thatta. The journey will cross great milestones ahead. Insha Allah.
Noor Muhammad Serai
Taluka Education Officer
(Primary) Male Taluka Thatta.
01/12/2014
(Y)
Beshak Joray Asmano pe bante hen,
,
,
,
,
Per Setting PTI k jalson main hoti hai.
SUBHIN KHY SALAAM
20/11/2014
Education is the most powerful weapon which you can use to change the world. (Y)
18/11/2014
If you want your children to improve, let them overhear the nice things you say about them to others.
15/11/2014
WE CONDEMN ATTACK ON MR. ABDUL WAHAB ABBASI SAHEB
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
Thatta