G N Soomro public page

G N Soomro public page G N Soomro public page

جيڪي منجھ جھان سان سڀ صفت تنھنجي قادر جي قدرت جا مڙئي مڪانڳڻي ڳڻيا ڪيترا تو آگي جا احسانظاھر ساڻ زبان چئي چوان ڪيترا،پٽا...
31/08/2026

جيڪي منجھ جھان سان سڀ صفت تنھنجي
قادر جي قدرت جا مڙئي مڪان
ڳڻي ڳڻيا ڪيترا تو آگي جا احسان
ظاھر ساڻ زبان چئي چوان ڪيترا،پٽائي سرڪار

جديد تحقيق آھي ته توھان ھڪ نه پر ٻه ذھن رکندڙ آھيو ،کاٻو دماغ ۽ ساڄو دماغ ،کاٻو دماغ ساڄي ھٿ سان ۽ ساڄو دماغ کاٻي ھٿ سان...
12/08/2026

جديد تحقيق آھي ته توھان ھڪ نه پر ٻه ذھن رکندڙ آھيو ،کاٻو دماغ ۽ ساڄو دماغ ،کاٻو دماغ ساڄي ھٿ سان ۽ ساڄو دماغ کاٻي ھٿ سان ٻڌل آھي ،ساڄو دماغ وجداني ،غير منطقي ،غير عقلي ،شاعراڻو افلاطوني تخيلاتي رومانوي ۽ مذھبي آھي جڏھن ته کاٻو دماغ منطقي عقلي رياضياتي ۽ ارسطوئي سائنسي دماغ آھي

پٽائي سرڪار جيڪا سھڻي ۽ ميھار جي داستان جي منظر ڪشي ۽ عڪاسي ڪئي آھي حيرت ۽ عقل دنگ رهجيو وڃي ۽ صرف ڀٽائي سرڪار ئي اھڙي م...
09/08/2026

پٽائي سرڪار جيڪا سھڻي ۽ ميھار جي داستان جي منظر ڪشي ۽ عڪاسي ڪئي آھي حيرت ۽ عقل دنگ رهجيو وڃي ۽ صرف ڀٽائي سرڪار ئي اھڙي منظر ڪشي ڪري سگهي ٿو.
سھڻي سندس سرتين کي مخاطب ٿيندي چوي ٿي.
ساھڙ مون جيئن سرتيون جي ڏسو سڀيئي
ته سمھو ڪين سک ٿي پاسو ور ڏيئي
مونھان اڳي ئي گھڙو سڀ گھڙا کڻي
2 جيڏيون ڏٺيان جي صورت ساھڙ ڄام جي
سک ٿي ستيون ڪين ڪين،ڪانڌن پاسي ڪي
مونھان ئي اڳي گھڙو سڀ گھڙا کڻي.

۽ ڌريا جي جيڪا ڌھشت آھي جنھن جي منظر ڪشي ڪجھ ھن ريت آهي
ڪارا ڪن ڪاري تڳي جت ڪاريھر ڪڙڪا
مئي متي مهراڻ ۾ اچن دپارا ڌرڪا
ويندي ساهَڙَ سامهان جھولَ ڏنس جھڙڪا
کرڪين جا کڙڪا سونھان ٿيئڙم سير ۾

اھڙي ڌريا جي دھشت ۾ ڀٽائي سرڪار سھڻي کي مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو
متان گھڙي سھڻي اڄ درياهه ۾ دم
ڪارئ رات ڪنن ۾ ڪھڙو اٿئي ڪم
مٿان جاڳي ڏم پڇي پاڙي واريون؟
ته سھڻي جواب ڏي ٿي
پڇي پاڙي واريون ڪوھ ڪريندو ڏم
ڪارئ رات ڪنن ۾ آھ ڪانيارن ڪم
ھئ ھڏو ۽ ڇم گھوريو محب ميھار تان .
2 چڙن چوري آھيان سک ٿي سمھان ڪيئن
ساريان ساھڙ ڄام کي ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينھن
ميھار مرڻ سينء نيئر پاتم نينھن جو

۽ ھنن ڀيتن ۾ ڀٽائي سرڪار سھڻي کي جيڪو عشق ھو ان جو اندازو لڳايو آھي ۽ فرمائي ٿو
سياري سھ رات ۾ جا گھڙي وسندي مينھن
ھلو تہ پڇون سوھڻي جا ڪر ڄاڻي نينھن
جنھن کي راتو ڏينهن ميھار ئي من ۾
2 سانوڻ گھڙي سڀڪا ھئ سرھي سياري
تن وڌائين تار ۾ ارواح جي آري
محبتي ماري ڪونهي داد درياءَ ۾

۽ جڏھن سھڻي گھڙو کڻي ڌريا ۾ گھڙي ٿي ڌريا جي اندر جي جيڪا حالات آھي پٽائي سرڪار ھن ڀيت ۾ فرمائي ٿو
گھڙي گھڙو ھٿ ڪري الائي تھار
ڄنگھ ڄرڪي وات ۾ سسئ کي سيسارَ
ڇوڙا ٻيڙا چڪ ۾ لڙ ۾ لڙيس وار
لکين ڇوٽيس لوھڻيون ٿيلهيون ٿر نئون ڌار
مڙيا مچ ھزار ڀاڱا ٿيندي سوھڻي.

۽ جڏهن سھڻي درياهه جي وچ ۾ پھچي ٿي ۽ سندس گھڙو ڀڄيو وڃي ته ان مھل ڀٽائي سرڪار فرمايو آهي
گھڙو ڀڳو ته گهوريو آسر مَ لاهج
لاتفنطوا من رحمة الله ترھي ان تريج
حبيباڻي ھيج پسين منھن ميھار جو

۽ جڏهن سھڻي درياهه ۾ ٻڏي پئي ۽ ٻي پاسي ميھار ڪنڌيءَ تي بيٺو درياهه کي دانھ ڏي ۽ ملحائن کي پيو سڏي ته پٽائي سرڪار فرمائي ٿو
ڪنڌيءَ جھليو ڪانهن عاشق اڀو آھون ڪري
تو ڪيئن ٻوڙي سھڻي ٻيلي منھنجي ٻانھن
درياهه توتي دانهن ڏيندس ڏينھن قيام جي
2 اڀو تڙ ميھار ملاحن سڏ ڪري
آئون پڻ وجھان هٿڙا ائين پڻ وجھو ڄار
گھوريو ڪارونڀار مان مڙنھون سپرين.

جڏهن سھڻي ٻڏي پئي ۽ موت جو فرشتو روح قبض ڪرڻ وارو جڏهن سامھون اچي ٿو ته ان کي سھڻي مخاطب ٿي چوي ٿي ته
ملڪلموت ميھار کي منھنجا ساري ڏج سلام
سھڻي گھڙي سير ۾ جنھن سان ڪاري ٿي قيام
جنھن جي اچڻ جا اجھام سا ٻانهياري ٻوڙيون اچا

۽ جڏهن سھڻي ٻڏي وئي سندس جنازو جيڪو وھندي ويو درياهه جي لھرن ڇولين ۾ ته ان وقت جي عڪاسي ھن ڀيت ۾ آھي
ڪاندي ڪنگ ٿياس وھڻ جنازو سھڻي
ٻگا جي ٻيٽن جا ڪلھا تن ڏناس
اکيين ملڪ ڏٺاس توء من ڪاڍو ميھار ڏي
سنڌ جو گھوٽ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائى ستئ ۽ لنڍئ جي باري ۾ فرمايو آھي                                                                ...
07/08/2026

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائى ستئ ۽ لنڍئ جي باري ۾ فرمايو آھي

1 لنڍيون ھن لوڪ ۾ مر ھزارين ھونه
اٺئي پير انگڙا ڌويو ڌويو ڌوئن
پٺي پير نه پون ان جا عبداللطيف چئي
2 لکي ٿيون لنڍيون دوزڪ کان دور
جڙين جاء جنت ۾ ھليون ڏانهن حضور
تن ستين وڏو سور جيڪي ونگيون رھيون ورن سي
3 ستين سڀ ڄمار پنھنجي وڏائئ ۾ وڃائي
ستيون پنھجي سيل تي ڪنڀيون ڀر نه ڪار
تن وٽا حوت ھزار ڪوڙئي ورھندا ڪيترا
4 لنڍيون لک جيئن جي ڏين سر سڀڪي
سي ستيون سڀ مرن جي ونگيون رھيون ورن سي
5 لنڍي ٿي لاڏ ڪري نه ٿي ستي سڏائي
آسرو آھي لنڍئ کي لباس جو

Address

Thatta Mirpur Sakro
Thatta

Telephone

+13103009335

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when G N Soomro public page posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category