20/08/2026
استاد قوم جو معمار هوندو آهي،
۽ جڏهن ڪو سچو استاد پنهنجي خدمتن جو سفر مڪمل ڪري رٽائر ٿئي ٿو ته اهو لمحو خوشي سان گڏ جذباتي به هوندو آهي.
اڄ هاءِ اسڪول غلام ﷲ ۾ محترم سائين عبدﷲ سومرو صاحب جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي ھاءِ اسڪول غلام ﷲ جي انتظاميا ۽ اسٽاف پاران سندن مانَ ۾ هڪ مختصر پر نهايت باوقار الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي.
هن تقريب ۾ خاص مهمان طور سائين قمرالدين سرائي صاحب، سائين عبدالحفيظ ٺينگو صاحب، سائين اقبال خواجه صاحب ۽ سائين مولوي الهڏنو بلوچ صاحب شريڪ ٿيا.
مهمانن پنهنجي خطابن ۾ سائين عبدﷲ سومرو صاحب جي تعليمي، اخلاقي ۽ پيشاور خدمتن کي ڀرپور لفظن ۾ ساراهيو ۽ سندن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.
اسان به سائين عبدﷲ سومرو صاحب کي سندن شاندار خدمتن تي دل جي گهراين سان خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته الله پاڪ کين صحت، سلامتي، خوشيون ۽ ڊگهي عمر عطا فرمائي.
آمين.
🌹 الله پاڪ سندن باقي زندگي خير، برڪت ۽ سڪون سان ڀرپور فرمائي.
آمين