27/07/2022
اي سي اي استادن جو پ پ ڪو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان پڪي ڪرڻ جو مطالبو(قسط11)
اڄ مطابق ڪلينڊر ٻڌائي ٿو ته اڄ 27 جولاء سال 2022 ڏينهن اربع جو آهي ٠
ان موقعي تي اسين جملي 246 اي سي اي استاد (Early Childhood Teachers) سنڌ اندر خاص ڪري پنجن ضلعن ، بدين ، ٽنڊو محمدخان ، نوشهروفيروز ، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ سال 2009 کان بطور ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچر مسلسل 14 سالن کان سنڌ جي 150 سرڪاري اسڪولن ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهيون، ياد رهي ته 14 ئي سال ڪانٽريڪٽ تي رکيو ويو آهي جيڪا هڪ اي سي اي استادن نا انصافي ٿي آهي ، منهنجي لکڻ جو مقصد نشاندهي ڪرڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪيڏا هاڃا اي سي اي استادن ٿيا آهن بلاول کي سڌ ڏيڻ چاهيان ٿو ، افسوس سان لکي رهيو آهيان ته سال 2018 ۾ رکيل اي سي ٽي ٽيچرس کي پڪي ڪرڻ لاء تياري مڪمل ڪئي وئي آهي پر 2009 وارن اي سي اي استادن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي سنڌ ۾ 1500 اي سي اي جون پوسٽون آر ايس يو جي ويب سائيٽ تي ظاهر آهن جن مان فقط 1150 فيميل اي سي اي ٽي جون نوڪريون ظاهر ڪيل آهن جڏهن 246 اي سي اي استادن کي شامل نه ڪيو ويو آهي ان مان ظاهر ٿئي پيو ته هنن تجربيڪار سينيئر ترين اي سي اي ميل فيميل 246 استادن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو اهڙي بي رحماڻي عمل کي روڪيو وڃي ، جڏهن ته آر ايس يو جي رپورٽ موجب اي سي اي استادن جون سنڌ ۾ 350 خالي جايون موجود آهن ، اي سي اي استادن کي شامل ڪرڻ کان پوء به 104 خالي جايون رهجي وينديون تنهن جي باوجود به تعليم کاتو 14 سالن ۾ اي سي اي استادن کي انصاف نه ڏئي سگهيو آهي سنڌ جي وڏي وزير ، چيف سيڪريٽري سنڌ ، وزير تعليم ، سيڪريٽري تعليم ۽ اي سي اي ڊاريڪٽر کان ترت انصاف ڏياريو وڃي ٠
بلاول ڀٽو زرداري صاحب اوهان نوجوان آهيو اسان نوجوان اي سي اي استادن جو درد سهي نموني سمجهي سگهو ٿا سال 2019 ۾ به اسان مٿان هڪ اوکي ويل آئي هئي 30جون 2019 کان ڊسمبر 2021 تائين ڪرونا وائرس جي سبب ڪري اڍائي سال پگهارن کان محروم ڪيو ويو آهي وڏي افسوس جي ڳالھ آهي سنڌ جي وڏي وزير جي ڏنل منظوري تي سيڪريٽري ايجوڪيشن عمل ڪري نه سگهيا آهن جنهن ڪري 70,778 ملين بجيٽ ليپس ٿي وئي آهي سيڪريٽري تعليم کي ڪليم ڪري ليپس ٿيل بجيٽ 70,778 ملين واپس وٺڻ لاء پا بند ڪيو وڃي سمري 1392۽ 352 تي عمل ڪرايو وڃي ٠
خدشو آهي ته ويجهڙائي ۾ اي سي اي استادن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو اهڙي اطلاع جو نوٽيس وٺي بروقت انصاف ڏياريو وڃي ، 246 اي سي اي استادن مٿان سيڪريٽري تعليم امڪاني برطرفي جي تلوار لٽڪائي ڇڏي آهي سيڪريٽري تعليم کي 246 اي سي اي استادن کي جبري برطرف ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ جٽادار تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو ستت ئي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان اڳ جيان وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم خلاف احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو ڏنو ويندو ، وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کان اي سي اي استادن جا هي مطالبا هوندا
1, سال 2009 کان پڪو ڪري سروس ڪائونٽ ڪئي وڃي٠
2،ڪم اجرت جو ازالو ڪري ڊفرنس بل ڏنو وڃي ٠
3,اڍائي سالن جون رهيل پگهارون ڏنيون وڃن٠
4,اي سي اي پوسٽ سان لاڳاپيل اسڪيل( 15_BPS) ڏنو وڃي.
4, ٽيچنگ سان وابستا سمورا الائونس ڏنا وڃن.
5, سروس بڪ سال 2009 کان هر اي سي اي استاد جو تيار ڪيو وڃي٠
6,پگهار ماهوار ڏني وڃي
7,امپلائي آء ڊي هر اي سي اي استاد جي جاري ڪئي وڃي ٠
8, هر اي سي اي استاد کي ماهوار پگهار جو پيرول ( پي سلپ) جاري ڪيو وڃي
9,پڪي ڪرڻ لاء سنڌ جي وڏي وزير کي سمري جاري ڪئي وڃي
10,اي سي اي هر استاد کي سنڌ حڪومت پاران مقرر ريٽ مطابق تنخواه ڏني وڃي٠
11,اين سي ايڇ ڊي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن جيان گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25000 ڏني وڃي
12,جنوري 2022 کان جون 2022 تائين ڊفرنس بل ڏنو وڃي٠
13,ضلعي نوشهري فيروز جي اي سي اي استادن کي 6 مهينن جون پگهارون نه ملي سگهيون آهي بجيٽ انهن جي ليپس ٿي وئي آهي بجيٽ واپس ڪليم ڪري کين پگهارون 25000 ريٽ سان کين ڏنيون وڃن٠ ڊي اي او نوشهرو فيروز کي اهڙي لا پرواهي جي سزي ڏني وڃي،
بلاول ڀٽو زرداري صاحب اهي جائز مطالبا اوهان جي سامهون آهن جن کان اسان اي سي اي استادن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي ان جي ازالي لاء اوهان کي زحمت ڏني آهي اميد ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريندا، ان مثال کي قائم رکندا ته پيپلز پارٽي سدائين نوڪريون ڏنيون آهن کسيون ناهن پر اوهان جي هوندي اي سي اي استادن کي ٻيو ڀيرو بيروزگار ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي سيڪريٽري تعليم اهڙي خطري جي گهنٽي وڄائي آهي خدارا اسان کي بيروزگاري کان بچايو اسان جي ٻچن کي بک ۽ بد حالي ۾ ڌڪيو پيو وڃي بلاول صاحب هن مهانگائي جي دور ۾ اسان اي سي اي استاد ليڊ ٽيچر 14000 ۽ اسسٽنٽ استاد 12000 تي 14 سالن کان نوڪريون ڪري رهيا آهيون ، پر سدائين اسان کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جو ڊپ ڏنو ويندو آهي آخر ائين ڇو ڪيو پيو وڃي اسان جي زندگين ۽ مستقبل کي کلواڙى ڇوٿو بڻايو وڃي ڇا استادن کي روڊن تي ذليل ڪرڻ کان سواء حق نٿا ڏئي سگهجن قبلا سائين اسان اي سي اي استادن جو ڪو به ڏوھ نه آهي تڏهن به هر وقت 246 اي سي اي استادن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جا دڙڪا ملي رهيا آهن اهڙو اطلاع سنڌ جي ڏي وزير ، وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کي واٽس اپ ۽ سوشل ميڊيا جي توصل سان ڏنو ويو آهي پر ٽنهي فريقين کان ڪو به مثبت جواب ناهي ملي سگهيو ان کان اڳ 23 جولاء 2022 تي سيڪريٽري تعليم هي جواب ڏنو هو There is no possibility. Six months are over. Pl find any other job ان کان پوء ڪنهن به قسم جي ڪابه موٽ ناهي ملي جڏهن ته سيڪريٽري تعليم جي ان جواب ملڻ ڪري 246 اي سي اي استادن جي خاندانن کي گمراھ ڪري ڇڏيو آهي هر گهر ۾ سوڳ وارو ماحول برپا ٿي ويو آهي هر اک آلي آهي اي سي اي استادن جي ٻچن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا آهن اڃا اسان اي سي اي استادن کان اڍائي سالن جي بيروزگاري جا سور ئي نه وسريا آهن ٽن سالن ۾ 6 مهينن جون پگهارون مس مليون آهن وري اهو ٿيڻ وڃي پيو جيڪو ڌوڪو اي سي اي استادن کي 30 جون 2019 تي ڏنو ويو هو ، اسان جملي246 اي سي اي استاد بلاول صاحب اوهان جي آڏو رڙيون ڪري ڪيهاٽ ڪري سڏڪا ڀري آهون ڪري اوهان کي التجا ٿا ڪيون ته هڪ اسان کي ڪانٽريڪٽ جي زهر کان بچايو ۽ پڪو ڪرايو ڇاڪاڻ سدائين اسان اي سي اي استادن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي جبري برطرف ڪيو ويو آهي هاڻي به اهڙو ئي ظلم ٿيڻ وارو آهي شهيد راڻي جي صدقي اي سي اي استادن کي امڪاني برطرفي کان بچايو ، اي سي اي استاد بچايو ، تعليم بچايو ٠ پيارا بلاول اسان اي سي اي استاد لٽجڻ وارا آهيون اسان اي سي اي استادن جي ٻچن جي روزگار تي ڌاڙو لڳڻ وارو اسان جي ٻچن تي رحم جي نظر ڪيو ، اسان اي سي اي استادن جي ٻچڙن جي روزگار تي راتاهو لڳڻ وارو آهي سائين چپ جو روزو ختم ڪيو اسان اي سي اي استادن جي وڌ کان وڌ جائز مدد ڪيو اسين سگهاري ۽ خوشحال سنڌ ۾ 246 اي سي اي استاد لاوارث وڏي ڏمر هيٺ آهيون وارث بڻجي مدد ڪيو ٠
خدا حافظ