Hikmat Luqmania Sath

Hikmat Luqmania Sath "A healthy outside starts from the inside"

25/07/2026
ڳوٺ حاجي الله بخش پليجو ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ جو انعقاداڄ اسان جي ڳوٺ حاجي الله بخش پليجو ۾ ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ صاحب، ڊاڪٽر ...
14/06/2026

ڳوٺ حاجي الله بخش پليجو ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ جو انعقاد

اڄ اسان جي ڳوٺ حاجي الله بخش پليجو ۾ ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ صاحب، ڊاڪٽر فهيم بخش پليجو صاحب ۽ سندس گهرواري ڊاڪٽر عائشه فهيم پليجو صاحبه جن جي خصوصي ڪوششن سان هڪ مفت ميڊيڪل ڪيمپ منعقد ڪئي وئي. هن ڪيمپ دوران ڳوٺ جي مردن ۽ عورتن جا هيپاٽائٽس بي، هيپاٽائٽس سي ۽ ايڇ آءِ وي (HIV) جا ٽيسٽ ڪيا ويا.

هن ڪيمپ جي ڪامياب انعقاد ۾ ڳوٺاڻن ايڊووڪيٽ محمد هاشم پليجو ايڊووڪيٽ منصور علي پليجو ظهير احمد پليجو نظير احمد پليجو سليمان پليجو عمران علي پليجو اظهر علي پليجو پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڪيمپ ۾ لڳ ڀڳ 200 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي، جن مان 12 ماڻهن جون رپورٽون مثبت (Positive) آيون آهن. انهن مريضن کي وڌيڪ جاچ ۽ مناسب علاج لاءِ PCR ٽيسٽ ڪرائڻ خاطر رجسٽر ڪيو ويو ۽ ان شاءَ الله سندن صحت ۾ بهتري جي اميد آهي.

ڪيمپ دوران ماڻهن کي هيپاٽائٽس بي، هيپاٽائٽس سي ۽ ايڇ آءِ وي (HIV) جي سببن، ڦهلاءَ جي طريقن، بچاءَ، ويڪسينيشن ۽ علاج بابت مفيد آگاهي پڻ ڏني وئي، جيئن هو هن بيماري کان بچاءَ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺي سگهن.

ڊاڪٽرن موجب اهڙن ڪيسن جي هڪ اهم سبب پيئڻ جي پاڻي جو غير معياري ۽ آلودہ هجڻ آهي. اهو مسئلو رڳو اسان جي ڳوٺ تائين محدود نه پر ڀلڙي شاهه ڪريم تعلقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پڻ موجود آهي.

ان موقعي تي سنڌ حڪومت کي اپيل ڪجي ٿي ته عوام کي صاف ۽ محفوظ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ متاثر علائقن ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽس قائم ڪيا وڃن، جيئن خطرناڪ بيمارين جي روڪٿام ممڪن بڻجي سگهي ۽ عوام جي صحت جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.

الله پاڪ سڀني مريضن کي مڪمل شفا عطا فرمائي. آمين..

Hikmat E Luqmania Sath Arramge Heatwave relief camp, offering Free Drinking Water, Cold Fluids, and First Aid In   Under...
08/05/2026

Hikmat E Luqmania Sath Arramge Heatwave relief camp, offering Free Drinking Water, Cold Fluids, and First Aid In Under Supervision Of .
Abdul Khalique

Hussnain Ahmed Khan

Address

Tando Muhammad Khan

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Hikmat Luqmania Sath posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share