Laar Students Council SAU Tandojam

Laar Students Council SAU Tandojam Wellcome to the official page of - laar student council SAU tandojaam

ٽنڊوڄام ۾ زرعي يونيورسٽي جي پرامن شاگردن مٿان ثقافتي ريلي ڪڍڻ تان داخل ڪيل ايف آءِ آر ۽ بغاوت جهڙا قلم سنڌ جي سڃاڻپ تي ح...
09/12/2025

ٽنڊوڄام ۾ زرعي يونيورسٽي جي پرامن شاگردن مٿان ثقافتي ريلي ڪڍڻ تان داخل ڪيل ايف آءِ آر ۽ بغاوت جهڙا قلم سنڌ جي سڃاڻپ تي حملو آهن، جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا.

ثقافت سان محبت ڏوھ ناهي!
بيگناهه شاگردن خلاف ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن.





24-11-2025"🌟 ڪل لاڙ اسٽوڊنٽ ڪائونسل زرعي ورسٽي ۽ انڊس اسپتال جي سهڪار سان هاسٽل ۾ شاندار بلڊ ڪيمپ لڳائي وئي، جتي شاگردن ...
25/11/2025

24-11-2025

"🌟 ڪل لاڙ اسٽوڊنٽ ڪائونسل زرعي ورسٽي ۽ انڊس اسپتال جي سهڪار سان هاسٽل ۾ شاندار بلڊ ڪيمپ لڳائي وئي، جتي شاگردن جذبن سان رت عطيو ڪري انسانيت جي خدمت ۾ حصو ورتو. ❤️💉"

🌟 Laar Student Council Presents: Celebration × Blood Donation Camp 🌟In Collaboration with Indus Hospitalجيڪڏهن توهان هڪ ...
23/11/2025

🌟 Laar Student Council Presents: Celebration × Blood Donation Camp 🌟
In Collaboration with Indus Hospital

جيڪڏهن توهان هڪ مسڪراهٽ، هڪ زندگي، يا هڪ اميد بچائڻ چاهيو ٿا—
ته پوءِ هي Camp توهان لاءِ آهي۔
هڪ ٿورو رت… ۽ ڪنهن لاءِ نئون ساهُ۔ ❤️

“سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي داخلا ٽيسٽ ڏيندڙ سڀني اميدوارن لاءِ نيڪ تمنائون. الله پاڪ اوهان جي محنت، لڳن ۽ ڪوششن...
22/11/2025

“سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي داخلا ٽيسٽ ڏيندڙ سڀني اميدوارن لاءِ نيڪ تمنائون. الله پاڪ اوهان جي محنت، لڳن ۽ ڪوششن کي ڪاميابي سان نوازے. پرُاعتماد. الله اوهان لاءِ روشن مستقبل لکي.
پاران:لاڙ اسٽوڊنٽ ڪائونسل زرعي ورسٽي ٽنڊوڄام

اسين سنڌ جي عظيم درسگاھ جنت السنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انٽري ٽيسٽ لاء ايندڙ سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي لاڙ اسٽوڊنٽ...
22/11/2025

اسين سنڌ جي عظيم درسگاھ جنت السنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انٽري ٽيسٽ لاء ايندڙ سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي لاڙ اسٽوڊنٽ ڪائونسل زرعي يونيورسٽي طرفان دل جي گھرائين سان ڀليڪار ڪيون ٿا
اگر ڪنهن به شاگرد يا شاگردياڻي کي ٽيسٽ ۾ مشڪلات اچي ٿي ته اسان هر وقت حاضر آهيو

✨🎆 ديئا ٻاريا دل ۾، نينهن نمرتا نين،اُجالو ٿيو اندر ۾، جيئن چمڪي چين. 🎆✨ديئا ۽ خوشين جو هيءَ تهوار سڀني لاءِ محبت، امن ۽...
20/10/2025

✨🎆 ديئا ٻاريا دل ۾، نينهن نمرتا نين،
اُجالو ٿيو اندر ۾، جيئن چمڪي چين. 🎆✨

ديئا ۽ خوشين جو هيءَ تهوار سڀني لاءِ محبت، امن ۽ گڏجڻ جو پيغام کڻي آيو آهي 🪔💫

20/10/2025

تون کان ڏيندي ڌار💔

LSC Musical Nighat at latif hostel

20/10/2025

Part2

20/10/2025

هن دل ڪرڻڻ تي چئيه توهان سان هزار جهڙا❤️

nighat Program at Latif Hostel

18/10/2025

لاڙ جي ليلان لڙي، ڪنڌي ڪنڌي ڪنوار
نينهن جا نارا نڪريا، مٺي ٻوليءَ ۾ پڪار

18/10/2025

رئي وڃ رات ڀنڀور ۾

پريس رليزسنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي هاسٽل ۾ لاڙ اسٽوڊنٽ ڪائونسل پاران هڪ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو، جيڪو لاڙ...
18/10/2025

پريس رليز

سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي هاسٽل ۾ لاڙ اسٽوڊنٽ ڪائونسل پاران هڪ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو، جيڪو لاڙ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي نئين باڊي جي مان ۾ رکيو ويو. تقريب جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ، نعتِ رسول ﷺ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب ٿي، جتي هاسٽل پروويسٽ ۽ چيئرپرسن گڏجي اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي نئين باڊي سان گڏ ڪيڪ ڪٽيو.

ان موقعي تي مهمانن کي سنڌي ثقافت جي علامت اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا، جڏهن⁠ته لاڙ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي باڊي پڻ هاسٽل پروويسٽ کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو. چيئرپرسن پنهنجي خطاب ۾ لاڙ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي ڪردار ۽ مقصدن بابت روشني وڌي ۽ سڀني مهمانن جو ڀليڪار ڪيو.

پروگرام جي آخر ۾ رنگين سنگنگ شو جو انتظام ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري شرڪت ڪندڙن مان داد حاصل ڪيو. پروگرام کي شاگردن طرفان وڏي ساراهه ملي.

Address

Agriculture University Tandojaam
Tando Jam
QURESHI

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Laar Students Council SAU Tandojam posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share