GBPS Tandojam Farm

GBPS Tandojam Farm Education For All.

اڄ تاريخ 29 جنوري تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام فارم جي سالياني انسپيڪشن ٿي گذري، انسپيڪشن ٽيم استادن جي محنت ...
29/01/2025

اڄ تاريخ 29 جنوري تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام فارم جي سالياني انسپيڪشن ٿي گذري، انسپيڪشن ٽيم استادن جي محنت ۽ شاگردن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. جڏھن ته ھيڊ ماستر نعيم الدين چنا جي اسڪول جي بھتري لاء ورتل ڪوششن جي پڻ تعريف ڪئي.

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام فارم جي چوٿين ۽ پنجين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سائنس جي سرگرمي خاطر سنڌ زرعي ...
05/12/2024

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام فارم جي چوٿين ۽ پنجين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سائنس جي سرگرمي خاطر سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ اينٽامالاجي ڊپارٽمينٽ جو مطالعاتي دورو ڪرايو ويو. شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سائين نعيم الدين چنا، سائين عزير ميمڻ، سائين مستنصر جمالي، سائين گووندا رميش جي سربراهيءَ ۾ فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن جي اينٽامالاجي دپارٽمينٽ جي ليباريٽريز جو دورو ڪرايو ويو. جتي يونيورسٽي جي پي ايڇ ڊي ۽ ماسٽرس جي شاگردن، ٻارن کي مختلف قسمن جي فائديمند ۽ نقصانڪار جيتن (Insects) بابت ڄاڻ ڏني ۽ ٻارن کي خوردبيني جو استعمال پڻ سيکاريو ويو. اسان سائين عمران کتري چيئرمين ڊپارٽمينٽ آف اينٽامالاجي جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جن شاگردن جي سکيا لاءِ اسڪول انتظاميا سان سهڪار ڪيو.

انڊس يوٿ ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران گورنمينٽ پرائمري اسڪولن جي وچ ۾ منعقد ڪيل اسپورٽس گالا ۾ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام ...
07/11/2024

انڊس يوٿ ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران گورنمينٽ پرائمري اسڪولن جي وچ ۾ منعقد ڪيل اسپورٽس گالا ۾ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام فارم جي شاگردن ٽگ آف وار، رلي ريس سميت 11 مقابلن مان 6 مقابلن ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي، ھڪ مقابلي ۾ ٻي پوزيشن، ٻن مقابلن ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. اسڪول جي ھيڊ ماستر نعيم الدين چنا شاگردن جي محنت کي ساراهيو ۽ شاگردن کي مبارڪباد ڏني.

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام فارم طرفان خميس 2024-10-17 تي اسڪولي ٻارڙن کي سنڌ جي تاريخي شھر ٺٽي جو مطالعاتي دور...
19/10/2024

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام فارم طرفان خميس 2024-10-17 تي اسڪولي ٻارڙن کي سنڌ جي تاريخي شھر ٺٽي جو مطالعاتي دورو ڪرايو ويو. جنهن جي رهنمائي سائين نعيم الدين چنا، سائين فرحان سومرو، سائين عبدالرشيد ٽڳڙ، سائين محبوب سيال ۽ سائين عرفان خانزادي ڪئي.
دوري دوران شاگردن کي ايشيا جو قديم قبرستان ۽ پاڪستان جي قديم ثقافتي ماڳ مڪلي قبرستان ۾ تاريخي مقبرن جي سير سياحت سان گڏوگڏ ان بابت ڄاڻ مهيا ڪئي وئي.
ان کانپوء شاهجهان مسجد جو سير ڪرايو ۽ ان جي تاريخ ۽ تعمير بابت پڻ ٻارن کي ڄاڻ ڏني وئي.
آخر ۾ سنڌ جي مشھور ۽ خوبصورت سياحتي مقام ڪينجھر ڍنڍ جو سير ڪرايو ويو، جتي شاگردن تمام گهڻو لطف ماڻيو.
اسان نھايت شڪر گذار آھيون محترم منوج ڪمار (رينج فاريسٽ آفيسر)، سيد عرفان علي شاھ، واحد علي سومرو ۽ عرفان علي مهر جا جن شاگردن جي مطالعاتي دوري دوران اسڪول انتظاميه سان ڀرپور ساٿ ڏنو.

جشن ولادت سرور قونين، ٻنهي جهانن جي سردار ،خاتم الانبياء حضرت محمد مصطفیٰ صلي الله عليه وآليه وسلم جن جي سلسلي ۾ اڄ گورن...
16/09/2024

جشن ولادت سرور قونين، ٻنهي جهانن جي سردار ،خاتم الانبياء حضرت محمد مصطفیٰ صلي الله عليه وآليه وسلم جن جي سلسلي ۾ اڄ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام فارم ۾ هڪ پروقار تقريب رکي ويئي جنهن ۾ اسڪول جي سڀني شاگردن، استادن ۽ هيڊ ماستر سميت پوري اسٽاف ڀرپور شرڪت ڪئي ۔
تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن طرفان عقيدت سان حمد باري تعالیٰ ۽ نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم ۽ حضور اقدس صلي الله عليه وسلم جي پاڪ حياتيءَ تي تقريرون پيش ڪيون.
تقريب جي پڄاڻيءَ تي اسڪول انتظاميه طرفان شاگردن ۾ مٺائي پڻ ورهائي وئي.

اڄ 6 سيپٽمبر 2024 تي پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام ۾ تقريب منعقد ڪئي ...
06/09/2024

اڄ 6 سيپٽمبر 2024 تي پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. شاگردن قومي عقيدي ۽ جذبي سان پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳايا ۽ پاڪ فوج جي شهيد جوانن کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي. انھي موقعي تي اسڪول جي هيڊماستر نعيم الدين چنا شاگردن کي خطاب ڪندي چيو تہ پاڪ فوج جي جوانن 6 سيپٽيمبر 1965 تي ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملايو، پاڪ فوج سان گڏ عام ماڻھن پڻ جان جي پرواهه نہ ڪئي ۽ جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڪيترن ئي جوانن لاءِ پنھنجي جان قربان ڪري شھادت ماڻي، ۽ ڀارتي فوج کي پنھنجي ڌرتي تان تڙي ڪڍيو. اسان سڀني کي ھر وقت پنھنجي ملڪ جي خدمت لاءِ تيار رھڻ گھرجي.
پاڪ فوج زنده آباد
پاڪستان پائنده آباد

اڄ ڇنڇر 04 مئي 2024 تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام فارم جي سالياني امتحان ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۾ انعام ورها...
04/05/2024

اڄ ڇنڇر 04 مئي 2024 تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊوڄام فارم جي سالياني امتحان ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا. تقريب ۾ هيڊ ماسٽر نعيم الدين، سينئر استاد گلزار ڪليري، فرسٽ اسسٽنٽ محمد فرحان ۽ شوڪت سومرو (ايس ايم سي چيئر مين) پڻ شرڪت ڪئي. سائين شوڪت صاحب جن شاگردن جي محنت کي ساراهيو ۽ حوصلا افزائي پڻ ڪئي.

سائين علي محمد جمالي صاحب جن کي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نمبر 1 جون انچارج هيڊ ماسٽر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي.
16/04/2024

سائين علي محمد جمالي صاحب جن کي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نمبر 1 جون انچارج هيڊ ماسٽر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي.

Assembly View at GBPS Tandojam Farm
07/03/2024

Assembly View at GBPS Tandojam Farm

Terminal Examination Result of 2024 announced at GBPS Tandojam Farm. Students securing positions were awarded with Troph...
12/01/2024

Terminal Examination Result of 2024 announced at GBPS Tandojam Farm. Students securing positions were awarded with Trophies and Medals.

Alhamdulillah Terminal Examinations 2023-24 smoothly started at GBPS Tandojam Farm. Sir Naeemuddin Channa accompanied wi...
11/12/2023

Alhamdulillah
Terminal Examinations 2023-24 smoothly started at GBPS Tandojam Farm. Sir Naeemuddin Channa accompanied with Mushtaque Ahmed Solangi and Muhammad Farhan Soomro visited classes and praised satisfactory arrangements by the Teachers.

Assembly View of GBPS Tandojam Farm on Monday 11.12.2023. Students' attendance shows their interest in the Mid-Term Exam...
11/12/2023

Assembly View of GBPS Tandojam Farm on Monday 11.12.2023. Students' attendance shows their interest in the Mid-Term Examinations 2023-24.

Address

Tando Jam

Opening Hours

09:00 - 17:00

Telephone

+923033260649

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBPS Tandojam Farm posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to GBPS Tandojam Farm:

Shortcuts

Share

Category