جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام

جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام, College & University, Boys hostel, Tando Jam.

جساف (بھتر تعليم - بهتر سياست) تي اعتماد ڪندي تعليمي ادارن جي اندر شاگردن جي وارثي ۽ مالڪيءَ ڪرڻ سان گڏ سنڌوديش جي مڪمل قومي آزاديءَ تي يقين رکي جدوجهد ڪري ٿي.!!

جساف (جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن)

مذمتي بيان سنڌوديش مقدر آ     سائين جي ايم سيد رهبر آ  قاسم آباد يونٽ جي ليڪچر پروگرام تي ڊي ايس پي قاسم آباد ڪاشف قادري...
16/09/2026

مذمتي بيان
سنڌوديش مقدر آ سائين جي ايم سيد رهبر آ
قاسم آباد يونٽ جي ليڪچر پروگرام تي ڊي ايس پي قاسم آباد ڪاشف قادري جي اڳواڻي ۾ چڙهائي جساف آريسر ضلعي حيدرآباد جو نائب صدر ببلو سومرو ، تعليمي سيڪريٽري اسد سنڌي ، يونٽ قاسم آباد جنرل سيڪريٽري دريا خان سومرو ، يونٽ حسين آباد جنرل سيڪريٽري آفاق سرڪي ، لالا ارسلان پٺاڻ ، صدام ڪولاچي ، سليم چانڊيو ، راجا چانڊيو مٺل ڪانڌڙو سميت جساف جا ڪيترا ئي دوست گرفتار ڪري نسيم نگر ٿاڻي تي رکيا ويا آهن ،

رياستي وانگارو ڊي ايس پي قاسم آباد ڪاشف قادري جي دهشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ، ايس ايڇ او نسيم نگر کي چتاءُ ٿا ڏيون ته دوستن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت رد عمل ڏنو ويندو.

پريس سيڪريٽري

جساف جسقم ضلعو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

جساف جسقم ضلعي زرعي يونيورسٽيءَ جي چيف آرگنائيزر سچل سنڌيءَ جو اڄ مڊٽرم جو پيپر ھئو. اڄ سچل پاڻ شاگرد دشمن ۽ دھشتگرد ريا...
09/09/2026

جساف جسقم ضلعي زرعي يونيورسٽيءَ جي چيف آرگنائيزر سچل سنڌيءَ جو اڄ مڊٽرم جو پيپر ھئو.
اڄ سچل پاڻ شاگرد دشمن ۽ دھشتگرد رياست جي بند ۾ باندي آھي، سندس ساٿين پاران سچل جي سيٽ نمبر تي احتجاج طور تي تصوير رکي وئي.

جيئي سنڌوديش جيئي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد چتاءُ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام يونيورسٽي گھٽ پوليس جي چوڪي وڌيڪ پئي ل...
07/09/2026

جيئي سنڌوديش جيئي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد
چتاءُ

سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام
يونيورسٽي گھٽ پوليس جي چوڪي وڌيڪ پئي لڳي. زرعي يونيورسٽي جي انتظاميه يونيورسٽي جي اندر شاگردن جي بائيڪن کي گيٽ جي سائيڊ روڪي شاگردن جي بائيڪن کي فيڪلٽين جي اندر اچڻ جي اجازت نه پئي ڏي پئي طرف جيڪي انتظاميا جا ماڻھون آھن سو سري عام گھمن ٿا سو شاگردن جي اھڙي تذليل نا قابلي برداش آھي جڏھن تہ پوليس موبائيل سري عام گھمي رھيا آھن خبر نٿي پئي تہ ادارو شاگردن جي علم جي درس گاھ آھي يان پوليس ٿاڻو انتظاميا شاگردن ۾ حراس فلاحي رھيو آھي
زرعي يونيورسٽي جي انتظاميه کي چتاءُ ٿا ڏيون ته اداري جي اندر پوليس موبائيل کي برداشت نه ڪيو ويندو. ٻئي صورت ۾ انتظاميا ۽ پوليس جي رستا روڪ ڪيو ويندو نت جيڪو دري عمل شاگردن ڏيندو تہ پو ان جو ذميوار انتظاميا پاڻ ھوندو
پاران
جساف جسقم آريسر
ضلعو
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

جنهن طرح سان پنجاب جي يونيورسٽين ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي لاءِ مذاڪرا ڪرايا پيا وڃن ڇا سنڌ جي يونيورسٽين جي سربراهن ۾ ايتري ج...
07/09/2026

جنهن طرح سان پنجاب جي يونيورسٽين ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي لاءِ مذاڪرا ڪرايا پيا وڃن ڇا سنڌ جي يونيورسٽين جي سربراهن ۾ ايتري جرعت آهي جو وفاق جي طرفان سنڌ سان 1947ع کان وٺي ڪيل ناانصافين تي ڪو مذاڪرو ڪرائي سگهن؟

سنڌ جا وسيلا، سنڌ جو پاڻي، سنڌ جو ناڻو، سنڌ جااختيار، سنڌ جو سامونڊي علائقو ، سنڌ جو ڊيلٽا ۽ سنڌ جو تيل گئس ڪوئلو ڇا ان تي ڪو مذاڪرو ڪرائي سگهن ٿا؟

ڇا نوان صوبا سنڌ جي قومي وحدت ۽ ان جي وسيلن تي قبضي جي سازش جي موضوع تي ڪا يونيورسٽي ڪو مذاڪرو يا سيمينار ڪرائڻ
جي جرعت ڪري سگهي ٿي؟
”پاڪستان جي وفاق جي ناڪامي ۽ سنڌ جي قومي حق خوداختياري جو سوال“ ڇا ان موضوع تي سنڌ جو ڪو ميڊيا جو ادارو ڪو مذاڪرو ڪرائي سگهي ٿو؟

پروفيسر انعام ڀٽي

06/09/2026

جساف جسقم ضلعي حيدرآباد جي ريليءَ تي رياستي ادارن جي چڙهائي، ڪيترائي قومي ڪارڪن گرفتار.
جساف اڳواڻ لالو ارسلان گرفتاريءَ دوران مؤقف ڏيندي..

جيئي سنڌو ديش     جيئي سائين جي ايم سيد پريس پڌرائي  ڪالھ رات ادي سورٺ سنڌو٬ ڊاڪٽر محبوب جتوئي۽ ايڊوڪيٽ عمار دايو سان سن...
06/09/2026

جيئي سنڌو ديش جيئي سائين جي ايم سيد

پريس پڌرائي

ڪالھ رات ادي سورٺ سنڌو٬ ڊاڪٽر محبوب جتوئي۽ ايڊوڪيٽ عمار دايو سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جساف ۽ جساف آريسر جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ٿي. جنهن ۾ زرعي يونيورسٽي جي موجوده مسئلن ۽ شاگردن سان درپيش سياسي معاملن تي سياسي ڪچهري پڻ ٿي

پريس سيڪريٽري
جساف جسقم سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

ڪاري ڪاري رات چيائون کنڀجي وياٿورو اونچو ڳاٽ ڪيائون کنڀجي وياجساف اڳواڻ سچل سنڌي کي سيشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويو آھي...
04/09/2026

ڪاري ڪاري رات چيائون کنڀجي ويا
ٿورو اونچو ڳاٽ ڪيائون کنڀجي ويا

جساف اڳواڻ سچل سنڌي کي سيشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويو آھي..

سنڌ زرعي یونیورسٽي ٽنڊوڄام جي انتظامیان سڪیورٽي انچارج اشرف رستماڻي، اسٽوڊنٽ افیئرس پیار علي شر ، ھاسٽل پرووسٽ قمرالدین ...
03/09/2026

سنڌ زرعي یونیورسٽي ٽنڊوڄام جي انتظامیان سڪیورٽي انچارج اشرف رستماڻي، اسٽوڊنٽ افیئرس پیار علي شر ، ھاسٽل پرووسٽ قمرالدین جوڳي
روز جي بنیاد تي شاگرد اڳواڻن کي حراسان پیا ڪن پوء ڪڏھن اھو شوڪاز نوٽیس ڏئي ڪري ڪڏھن ریسٽیگیٽ لیٽر تہ ڪڏھن FIR ڪرائي شاگردن کي حراسان ڪیو پیو وڃي۰
ڪلھ رات جساف آریسر ضلعي زرعي یونیورسٽي جي صدر سچل سنڌي کي پولیس ۽ سول ڊریس نقاب پوش ماڻھن سان گڏجي اشرف رستماڻي پاڻ بیھي یونیورسٽي گیٽ وٽان کنڀي گم ڪرایو آھي۰
اسین سمجھون ٿا تہ اھو سڀ ڪجھ شاگرد سیاست کي ناڪام ڪرڻ جون سازشون آھن اسین انتظامیان کي اھو واضع طور تي چتاءُ ٿا ڏیون تہ اگر اسان جي شاگرد اڳواڻن کي آزاد نہ ڪیو ویو تہ ھي زرعي یونیورسٽی جا باشعور شاگرد روڊن تي اچڻ ۾ دیر نہ ڪندا۰
جڏھن پاڻ ۾ شاگردن جو جھیڙو ٿئي ٿو تڏھن اداري اندر ھٿیار ڪٿان پیو اچي؟ اتي اشرف رستماڻي ۽ ھتان جي پولیس خاموش آھي باقي جیڪڏھن ڪو پر امن شاگرد اڳواڻ شاگردن جي حقن جي ڳالھ ڪري ٿو تہ ان جي ایڊمیشن ڪینسل ڪئی ٿي وڃي اگر اسان جي شاگرد اڳواڻن کي ڪجھ بہ ٿیو ان جي ذمیوار زرعي یونیورسٽي جي انتظامیان ھوندي

پریس سیڪریٽري
جساف جسقم ضلعو زرعي یونیورسٽي ٽنڊوڄام

مذمتي بيان ـ 03 سيپٽمبر 2026ع سنڌوديش مقدر آ ـ سائين جي ايم سيد رھبر آ ھن رياست اندر پرامن سياسي ڪارڪنن ۽ باشعور شاگردن ...
03/09/2026

مذمتي بيان ـ 03 سيپٽمبر 2026ع

سنڌوديش مقدر آ ـ سائين جي ايم سيد رھبر آ

ھن رياست اندر پرامن سياسي ڪارڪنن ۽ باشعور شاگردن جي کنڀجڻ جو سلسلو رڪجي نہ سگهيو.
هيئنر ئي ڪجھ وقت پھريان جساف جسقم ضلعي زرعي يونيورسٽيءَ جي صدر سچل سنڌي کي زرعي يونيورسٽي سيڪيورٽي انچارج جي تعاون سان هاسٽل تان ٽنڊوڄام پوليس هٿان کنڀي گم ڪيو ويو آهي۔
گڏوگڏ جساف جسقم ضلعي دادو جي صدر منگل پانڊي کي ڪجھ دير پهرين دادو مان هوٽل تان بنا جواز جي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو آهي۔

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن رياست جي ھن ڪڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.
عالمي انساني حقن جي تنظيمن سميت وطن دوست ساٿين کي اپيل ٿي ڪجي تہ سنڌ ۾ رياست جي اھڙن غير قانوني ۽ غير انساني عملن کي روڪرايو وڃي. رياست جو هي جبر ۽ ڏاڍ ڪنهن بہ ريت اسان کي پنهنجي مقصد تان هٽائي نٿو سگهي.

پريس سيڪريٽري
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ـ جساف جسقم ضلعو زرعي یونیورسٽي

03/09/2026

ڪاري ڪاري رات چيائون کنڀجي ويا
ٿورو اونچو ڳاٽ ڪيائون کنڀجي ويا ...


Address

Boys Hostel
Tando Jam
4242

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share