06/01/2026
چيئرمين ٽائون ڪاميٽي محترم مير حاجن ٽالپر صاحب، ٽي او ميل سائين شاھد راجپوت صاحب ، ٽي او فيميل سائين علي اختر ميمڻ صاحب ، ٽنڊو غلام علي جي تعليم جو روح روان محترم سائين فخرالاسلام آريسر صاحب ۽ سر محمد اسحاق ميمڻ، گورنمينٽ بوائز پرائمری اسڪول مين ۾ نيوٽريشن پروگرام تحت اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن کي روزاني جي بنياد تي نيرن ۾ ٽائون ڪميٽي ٽنڊو غلام علي پاران مفت کير ۽ بيضا کارائڻ جي پروگرام جو افتتاح ڪيو ۽ اسڪول جي تعليمي نظام بابت تفصيلي ڳالھ ٻول پڻ ڪئي اسان بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊو غلام علي جا سڀ استاد پنهنجي چيئرمين صاحب جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جو هوء اعلي تعليم سان گڏ پرائمري تعليم ڏانهن به ساڳي ريت ڌيان ڏئي رهيا آهن ۽ کين ان ڳالھ جو ڀلي ڀت احساس آهي ته پرائمري تعليم ئي علم جي عمارت جو بنياد آهي.
اسان ٽي اي او ميل سائين شاهد راجپوت ۽ ٽي اي او فيميل سائين علي اختر ميمڻ صاحب جا به ٿورائتا آهيون جن اسڪول وزٽ ڪيو ۽ اسان جي تعليمي سسٽم ۽ انفرااسٽرڪچر جي تعريف ڪئي 🙏..