Govt. Boys High School Khalifo Qasim

Govt. Boys High School Khalifo Qasim "Education is not the learning of many facts, but the training of the mind to think".
~Einstein.

31/12/2025

سڀاڻي يعني 1 جنوري خميس کان اسڪول معمول مطابق کلي ويندا انسپيڪشن 12 جنوري کان شروع ٿي رھي آھي تمام والدين پنھنجي ٻارن کي اسڪول پابنديءَ سان موڪلين

12/12/2025

📢 *اطلاع عام*

تمام شاگردن ۽ والدين کي اطلاع ڏجي ٿو ته *GBHS (Campus) Khalifo Qasim* ۾ *Terminal Examination* سومر ڏينهن *15-12-2025* کان شروع ٿي رهيا آهن.

مهرباني ڪري سڀئي شاگرد تياري سان اسڪول اچن ۽ امتحان جي وقت جي پابندي ڪن.
والدين کي پڻ گذارش آهي ته پنهنجن ٻارن کي پابندي سان موڪلين ۽ سندن تياري تي ڌيان ڏين.

*هيڊ ماستر*
GBHS (Campus) Khalifo Qasim

pH of Different Chemicals
20/09/2025

pH of Different Chemicals

14/08/2025

جشنِ آزادي 14 آگسٽ 2025 – گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول خليفو قاسم ۾ قومي جذبي سان ملهايو ويو

اڄ 14 آگسٽ تي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول خليفو قاسم ۾ آزادي جو ڏينهن وڏي جوش، ولولي ۽ ملي جذبي سان ملهايو ويو. تقريب جي شروعات پاڪ پرچم جي سلامي ۽ قومي تراني سان ٿي، جنهن کان پوءِ شاگردن طرفان ملي نغما، تقرريون، ۽ قومي شاعري پيش ڪئي وئي.

تقريب جي رهنمائي استاد عبدالوحيد محمد وسيم ۽ امتياز علي ڪئي، جڏهن ته انچارچ هيڊ ماسٽر حاجي محمد صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ سڄو پروگرام پُرامن طريقي سان جاري رهيو.

تقريب ۾ جن استادن ڀرپور شرڪت ڪئي، انهن ۾ ميگومل، مرچومل، ڪرشن لعل، دولت رام، يوسف چانڊيو، اسد علي، محمد حنيف، ۽ علي حسن رند شامل هئا. سڀني استادن شاگردن سان گڏجي آزادي جي اهميت کي اجاگر ڪيو.

استاد محمد حنیف صاحب پنهنجي خطاب ۾ چيو:
"پاڪستان اسان جي آبا و اجداد جي وڏي قربانين سان حاصل ٿيو. هاڻ اسان تي لازم آهي ته تعليم، ايمانداري ۽ محبت سان پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪيون."

آخر ۾ پاڪستان، پاڪ فوج، ۽ شهيدن لاءِ دعا ڪئي وئي، ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ به آواز اٿاريو ويو.

پاڪستان زنده باد – جشنِ آزادي مبارڪ

جشنِ آزادي 14 آگسٽ 2025 – گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول خليفو قاسم ۾ قومي جذبي سان ملهايو ويواڄ 14 آگسٽ تي گورنمينٽ بوائز ها...
14/08/2025

جشنِ آزادي 14 آگسٽ 2025 – گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول خليفو قاسم ۾ قومي جذبي سان ملهايو ويو

اڄ 14 آگسٽ تي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول خليفو قاسم ۾ آزادي جو ڏينهن وڏي جوش، ولولي ۽ ملي جذبي سان ملهايو ويو. تقريب جي شروعات پاڪ پرچم جي سلامي ۽ قومي تراني سان ٿي، جنهن کان پوءِ شاگردن طرفان ملي نغما، تقرريون، ۽ قومي شاعري پيش ڪئي وئي.

تقريب جي رهنمائي استاد عبدالوحيد محمد وسيم ۽ امتياز علي ڪئي، جڏهن ته انچارچ هيڊ ماسٽر حاجي محمد صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ سڄو پروگرام پُرامن طريقي سان جاري رهيو.

تقريب ۾ جن استادن ڀرپور شرڪت ڪئي، انهن ۾ ميگومل، مرچومل، ڪرشن لعل، دولت رام، يوسف چانڊيو، اسد علي، محمد حنيف، ۽ علي حسن رند شامل هئا. سڀني استادن شاگردن سان گڏجي آزادي جي اهميت کي اجاگر ڪيو.

استاد محمد حنیف صاحب پنهنجي خطاب ۾ چيو:
"پاڪستان اسان جي آبا و اجداد جي وڏي قربانين سان حاصل ٿيو. هاڻ اسان تي لازم آهي ته تعليم، ايمانداري ۽ محبت سان پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪيون."

آخر ۾ پاڪستان، پاڪ فوج، ۽ شهيدن لاءِ دعا ڪئي وئي، ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ به آواز اٿاريو ويو.

پاڪستان زنده باد – جشنِ آزادي مبارڪ

اڄ بروز جمع تاريخ 16-05-2025 تي GBHS خليفو قاسم ۾ دشمن ملڪ جي خلاف جنگ ۾ شاندار ڪاميابي تي يوم تشڪر ملھائي پاڪ وطن پاڪست...
16/05/2025

اڄ بروز جمع تاريخ 16-05-2025 تي GBHS خليفو قاسم ۾ دشمن ملڪ جي خلاف جنگ ۾ شاندار ڪاميابي تي يوم تشڪر ملھائي پاڪ وطن پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي سلامتي لاء دعا گھري وئي ۽ ٻارن کي ان ڏينهن جي باري ۾ ھيڊ ماسٽر صاحب سان گڏ استادن پڻ ڄاڻ ڏني.

Congratulations to all position holders.
27/03/2025

Congratulations to all position holders.

Farewell party of class Tenth.
27/02/2025

Farewell party of class Tenth.

06/02/2025

خليفو قاسم هاءِ اسڪول – تعليمي خبر الرٽ

خليفو قاسم هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن، شاگردياڻين، والدين، سول سوسائٽي، ۽ سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن کي اطلاع ڏنو ٿو وڃي ته سالياني امتحان 2025 جلد شروع ٿي رهيا آهن.

امتحان جي شروعات:
- 3 مارچ کان پهريون پيپر ٿيندو.
- ڪلاس 4 کان 8 جا سمورا داخلا ٿيل شاگرد سڀاڻي کان اسڪول اچن ۽ ريگيولر شاگردن سان گڏجي امتحان ۾ شامل ٿين.
- امتحان ۾ ويهڻ لاءِ امتحاني سلپون حاصل ڪرڻ ضروري آهن

غير حاضر شاگردن لاءِ خاص هدايتون:
- جيڪي شاگرد مزدوري يا ڪنهن اڻٽر مجبوري سبب غير حاضر رهيا آهن، اهي والدين يا ويجهي رشتي دار سان گڏ اچي پنهنجي داخلا کي يقيني بڻائين.

نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ خاص اطلاع:
- 25 فيبروري تي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن کي رليو (ڇڏيو) ويندو.
- انهن شاگردن لاءِ 15 مارچ کان امتحان شروع ٿيندا.
- امتحان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ شاگردن کي پنهنجي داخلا جي تصديق ڪرائڻ ضروري آهي.

ياد رکو: تعليم وقت جي ضرورت آهي، ۽ شاگردن جو روشن مستقبل اسان سڀني جي ذميواري آهي. والدين کان به گذارش آهي ته هو پنهنجي ٻارن جي تعليم کي اوليت ڏين.

Result Declaration Terminal Examination 2024-25
04/01/2025

Result Declaration
Terminal Examination 2024-25

Terminal Examination 2024-25
14/12/2024

Terminal Examination 2024-25

Culture celebration
07/12/2024

Culture celebration

Address

Khalifo Qasim
Tando Bago

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Govt. Boys High School Khalifo Qasim posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category