GBLSS Hassan Ali Afandi Tando Adam

GBLSS Hassan Ali Afandi Tando Adam Government Boys Elementary School Hassan Ali Afandi

21/12/2025
21/12/2025

خوشيون ورهائڻ سان وڌنديون آهن پر هت ڏک ۽ پيار جو الڳ سنگم آهي ڪيئن شاگر پنهنجي استاد جي ٽرانسفر ٿيڻ تي رنجيده هوندي به کيس ايئن الوداع چون ٿا.اهيو اٿوَ نامنهاد (ايس ٽي آر) جنهن جو نقصان اسان جي اسڪول ۽ ٻارن کي به ٿيو آهي جو هڪ محنتي استاد هليو ويو.

گهڙي کن ٻار ٿي وڃجي،غمن کان ڌار ٿي وڃجي.گورنمينٽ حسن علي آفندي ايليمينٽري اسڪول جمن شاهه ۾ ڇھه ماهي امتحانن بعد راند رون...
21/12/2025

گهڙي کن ٻار ٿي وڃجي،
غمن کان ڌار ٿي وڃجي.
گورنمينٽ حسن علي آفندي ايليمينٽري اسڪول جمن شاهه ۾ ڇھه ماهي امتحانن بعد راند روند سان وندر وِرونھَن ڪندي.

جان جان جيان آئون تان تان تنهنجو نانءُ مون کان مُور نه وسري (اياز)اڄ مانائتي استاد سائين سيد عبدالخالق شاهه جي مانَ ۾ سن...
15/11/2025

جان جان جيان آئون
تان تان تنهنجو نانءُ
مون کان مُور نه وسري (اياز)
اڄ مانائتي استاد سائين سيد عبدالخالق شاهه جي مانَ ۾ سندس سروس پوري ٿيڻ (ريٽائرمينٽ) تي گورنمينٽ حسن علي آفندي اسڪول جي اسٽاف پاران الوداعي پارٽي ڏني وئي جنهن ۾ اسان جا ٽي اي او ايليمنٽري (ميل) سائين علي اڪبر برهماڻي به اسان جي ننڍڙي نينڍ تي ڪھي آيا.جيئن ته اسان جو سونھون هيڊ ماستر سائين وزير علي خاصخيلي جن پڻ هن تقريب جا ميزبان هيا ۽ سندن پروموشن پڻ ٿيو آهي.سائين وزير علي خاصخيلي صاحب ۽ سائين علي اڪبر برهماڻي صاحب جن کي 18 گريڊ ملڻ جون واڌايون پڻ ڏنيون ويون. سائين عبدالخالق شاهه پنهنجي سروس جي پهرين ڏينهن کان هيل تائين جون ساروڻيون ونڊيون.جڏهن ته اسٽاف جي سڀني استادن پڻ سائينءَ جي مان ۾ پنهنجن يادن کي جڳهه ڏئي ساريو.
آخر ۾ دعاءِ خير سان کين الوداع ڪيو ويو.

28/09/2025

اھم اطلاع
سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ کي لبيڪ چوندي سمورن سرڪاري ادارن ۽ اسڪولن جي قلم ڇڏ هڙتال (تالابندي) جيڪا 6 آڪٽوبر تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول حسن علي آفندي ٽنڊو آدم ۾ به تالا بندي رھندي. ان ڪري تمام والدين کي اطلاع ٿو ڪجي ته سڀاڻي کان 6 آڪٽوبر تائين پنھنجن ٻارڙن کي اسڪول نه موڪلين.
جيئن ته پينشن ملازمن جو حق آهي ۽ اسين توھان والدين ۽ سول سوسائٽي کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي ان جائز مسئلي ۾ اسان جو ساٿ ڏين.
پاران:- وزير علي خاصخيلي ھيڊ ماستر گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول حسن علي آفندي ٽنڊو آدم

نا اهل اسان جو مالهي آ.منهنڃي هن چمن جو ڇا ٿيندو.ملازم دشمن قانون نا منظورهڪ ملڪ ٻه قانون نا منظوراڄ پ ٽ الف جو سڏ ورنائ...
25/08/2025

نا اهل اسان جو مالهي آ.
منهنڃي هن چمن جو ڇا ٿيندو.
ملازم دشمن قانون نا منظور
هڪ ملڪ ٻه قانون نا منظور
اڄ پ ٽ الف جو سڏ ورنائيندي
GBLSS
حسن علي آفندي جمن شاهه ۾ استادن پاران احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.

جشن آزادي مبارڪ....آزادي جون خوشيون (معرڪ حق ) جي عنوان جي سري هيٺ حسن علي آفندي پرائمري اسڪول جمن شاهه ٽنڊي آدم ۾ وڏي ق...
14/08/2025

جشن آزادي مبارڪ....
آزادي جون خوشيون
(معرڪ حق ) جي عنوان جي سري هيٺ حسن علي آفندي پرائمري اسڪول جمن شاهه ٽنڊي آدم ۾ وڏي قومي جذبي ۽ جوش سان ملهايو ويو. جنهن ۾ ٻارن ۽ استادن پنهنجي ملڪ ۽ فوج لاءِ دعائون گهريون.جڏهن ته ٻارن تقريرن ، ٽيبلوز ۽ قومي گيتن سان پاڪستان جي آزاديءَ ملهائيندي ۽ پاڪستاني فوج جي شهيدن کي خراج پيش ڪيو.هيڊ ماستر سائين وزير علي خاصخيلي آيل مهمانن ۽ ٻارن جو پنهنجي اسٽاف سميت آڌر ڀاءُ ڪيو.

14/08/2025

Address

Juman Shah Road
Tando Adam

Opening Hours

Monday 08:30 - 14:00
Tuesday 08:30 - 14:00
Wednesday 08:30 - 14:00
Thursday 08:30 - 14:00
Friday 08:30 - 12:30
Saturday 08:30 - 14:00

Telephone

+923100336512

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBLSS Hassan Ali Afandi Tando Adam posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share