27/09/2026
بدين اسپورٽس سوسائٽيءَ جي ٻي ميگا ايونٽ ۾ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي تلھار (SACT) کي اعزازي شيلڊ سان نوازيو ويو، جيڪا SACT جي صدر روي ڪمار چارڻ معزز ميڊم عابده جمالي جي هٿان وصول ڪئي...
هي اعزاز SACT لاءِ رڳو هڪ شيلڊ ناهي، پر نوجوانن جي مثبت سوچ، سماجي خدمتن، تعليمي سرگرمين ۽ معاشري ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوششن جو خوبصورت اعتراف آهي. هي عزت اسان لاءِ وڌيڪ ذميواري، نئون حوصلو ۽ اڳتي وڌڻ جو عزم پڻ آهي....
اسان بدين اسپورٽس سوسائٽيءَ جي پوري ٽيم کي ٻي ميگا ايونٽ جي شاندار ۽ ڪامياب انعقاد تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا...
نوجوانن کي راندين، تخليقي سرگرمين ۽ مثبت سماجي عملن سان جوڙڻ لاءِ اهڙا پروگرام يقيناً ساراهه ۽ همٿ افزائيءَ جا مستحق آهن. اميد آهي ته بدين اسپورٽس سوسائٽي مستقبل ۾ به نوجوانن لاءِ اهڙا شاندار موقعا فراهم ڪندي رهندي....