GBPS Haji Abdul Raheem Talpur

GBPS Haji Abdul Raheem Talpur Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from GBPS Haji Abdul Raheem Talpur, School, Village Haji Abdul Rahim Talpur, Talhar.

14/12/2024

Steer your way to safety! Let's follow traffic rules and make our roads a better place!
Join us in promoting traffic awareness and responsible road behavior.

09/12/2024

Unlocking the Power of Vitamins!

Today, our students at Government Boys Primary School Haji Abdul Rahim Talpur learned about the incredible uses of vitamins!
From energy boosts to immune system support, our young learners discovered the amazing benefits of vitamins.

05/12/2024

حبيبه مير، سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي اسڪول ۾ هڪ متاثر ڪن تقرير پيش ڪندي، سنڌ جي مالا مال ورثي ۽ ثقافت کي عزت ڏئي رهي آهي. سندس لفظ اسان جي ڌرتي، روايتن ۽ ثقافتي ايڪتا جو عڪس آهن. ♥️

05/12/2024

مسفراہ، سنڌ جي فخر جوڳي نياڻي، جيڪا پنجين جماعت ۾ پڙهي ٿي، هن خوشيءَ ڀري سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي شاندار ورثي ۽ روشن ثقافت جي خوبصورت انداز ۾ نمائندگي ڪندي. سندس لفظ اسان جي پيارِي ڌرتيءَ جي اتحاد، روايتن ۽ فخر جي جذبي جي عڪاسي ڪن ٿا.

05/12/2024

مرحوم شاعر حاجن ٽالپر، جيڪو سنڌ جو اصلي پٽ آهي ۽ اسان جي ڳوٺ سان تعلق رکندو هو، ھن پنهنجي سنڌ ۽ ثقافت جي محبت ۾ شاندار شاعري ڪئي. اسان جي اسڪول جي شاگرد محمد حسان ٽالپر، سنڌ جي حب ۽ ثقافت تي ٻڌل سندس شاعري پيش ڪري، اسان جي ڳوٺ ۽ سنڌ جي فخر ۽ عظمت کي اجاگر ڪيو. هڪ متاثر ڪن پيشڪش اوھان جي نظر ڪجي ٿي.♥️

05/12/2024

پنجين جماعت جو شاگرد حفيظ الله ، وڏي اعتماد ۽ سلاست سان سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ متاثر ڪن تقرير پيش ڪئي. سندس لفظ سنڌ جي مالا مال ورثي، روايتن ۽ اتحاد کي خوبصورتي سان اجاگر ڪن ٿا. ♥️
اسان جي ثقافت جو سچو سفير!

اڄ   پرائمري اسڪول حاجي عبدالرحيم ٽالپر ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جو جشن ملھايو ويو ، جتي اسان جي ورثي جا رنگين رنگ نظر آيا! ا...
05/12/2024

اڄ پرائمري اسڪول حاجي عبدالرحيم ٽالپر ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جو جشن ملھايو ويو ، جتي اسان جي ورثي جا رنگين رنگ نظر آيا! اسان جي اسڪول جي شاگردن سنڌي ٽوپي، اجرڪ، مٽي جا ٿانوَ ۽ ٻيون مختلف رنگ ب رنگي ثقافتي شيون آڻي سنڌي ھجڻ جو ثبوت ڏنو، جيڪي اسان جي ثقافت کي ظاهر ڪن ٿيون. جوش ڀرپور رقص، متاثر ڪندڙ تقريرون ۽ سنڌ ثقافت تي شاعري پڻ پيش ڪيون ، اهو ڏينهن فخر، اتحاد ۽ سنڌ جي لازوال روايتن جي جشن سان ڀرپور هو.♥️♥️

جئي سنڌ.
پڙھندي سنڌ تہ وڌنڌي سنڌ.

ثقافتي ڏينھن جي حوالي سان ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪيل ڪجھه تصويرون اوھان جي سامھون پيش نظر ڪجن ٿيون.

06/12/2023

مير اخلاص ٽالپر سنڌ ثقافتي ڏھاڙو پنھنجي سريلي آواز سان پاڻ ملھايو.❤️❤️

سنڌي ماڻھو پڌرا لکن ۾.
#سنڌ

اسان سنڌي آھيون ماڻھون ، اسان سنڌي آھيون ماڻھون ،امن امان ٿا چاھيون.ايڪتا  ڏھاڙي جي حوالي سان ھڪ تقريب اسان جي اسڪول ۾ م...
06/12/2023

اسان سنڌي آھيون ماڻھون ،
اسان سنڌي آھيون ماڻھون ،
امن امان ٿا چاھيون.

ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي سان ھڪ تقريب اسان جي اسڪول ۾ منقعد ڪئي وئي جنھن ۾ اسڪول جي شاگردن سنڌ جي ثقافت ، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي سنڌ جي ثقافت پاڻ ملھايائون.

ثقافتي ڏھاڙي جون ڪجھ تصويرون پيش نظر ڪجن ٿيون.

Address

Village Haji Abdul Rahim Talpur
Talhar

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBPS Haji Abdul Raheem Talpur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category