Dr Abdul Waheed Indhar

Dr Abdul Waheed Indhar Dr Abdul Waheed Indhar's educational activities , motivational Speech & many more

09/06/2026
تعليم، تحقيق ۽ ادب جي ميدان ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، پهرين مئي 1963ع تي هاليجي شريف، تعلقي پني عاقل...
02/05/2026

تعليم، تحقيق ۽ ادب جي ميدان ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، پهرين مئي 1963ع تي هاليجي شريف، تعلقي پني عاقل ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي علمي سفر دوران اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، جنهن ۾ ايم.اي عربي، ايم.اي اسلامڪ ڪلچر (پهريون نمبر)، فاضل عربي، فاضل اردو (پهريون نمبر)، ايل.ايل.بي، ايم.ايڊ ۽ پي.ايڇ.ڊي شامل آهن. هن پنهنجي ڊاڪٽريٽ لاءِ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي نگرانيءَ هيٺ “مظھر العلوم کڏي ڪراچي جون ديني ۽ سياسي خدمتون” جي موضوع تي تحقيق ڪري 1998ع ۾ ڊگري حاصل ڪئي.

پيشه ورانه زندگيءَ جي شروعات هن پاڪستان آرميءَ ۾ ايجوڪيشن آفيسر طور ڪئي، جتي هن لڳ ڀڳ ست سال خدمتون انجام ڏنيون. ان کان پوءِ 1993ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري تدريسي شعبي سان وابسته ٿيو، جتي ليڪچرر کان وٺي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ پوءِ ائسوسيئيٽ پروفيسر تائين ترقي ڪئي. هن ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ حيدرآباد ۾ ٻن سالن تائين ايڊيشنل ڊائريڪٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.

ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ مختلف تعليمي ادارن ۾ قيادتي ذميواريون به نڀايون. هن گورنمينٽ ماڊل ديني مدرسو بوائز سکر جو پنج سال پرنسپال رهيو، جڏهن ته ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) سکر ۾ ست سال پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان علاوه ڊائريڪٽر پرائمري ۽ هاير سيڪنڊري اسڪولز سکر ريجن طور به سندس ڪارڪردگي قابلِ ذڪر رهي.

تاريخ ۽ تحقيق سان سندس گهري دلچسپي رهي آهي. سکر هسٽاريڪل سوسائٽي سان لاڳاپيل رهندي هن علائقي جي تاريخ بابت اهم مواد گڏ ڪيو ۽ ڪيترائي ڪتاب تيار ڪيا. سندس تصنيفات ۾ “سکر ڏسڻي”، “سکر- تاريخ و تمدن” (اردو)، “ملفوظات مالڪان المعروف گنجينئه عرفان” (فارسي مان ترجمو)، “گهوٽڪي: تاريخ ۽ ثقافت”، “ديوان منھاج الحقيقت” (فارسي مان ترجمو)، “انڍڙ قبيله: تاريخي تناظر ۾”، “خطبات جتوئي”، “ارشاد الحق”، “حيات حضرت هاليجوي” ۽ “اسلاميات” بابت مختلف درسي ڪتاب شامل آهن. هن بي.اي ۽ ايم.اي سطح لاءِ به ڪيترائي نصابي ڪتاب تيار ڪيا آهن.

سندس علمي خدمتون صرف ڪتابن تائين محدود ناهن، پر سوين تحقيقي مضمون به مختلف رسالن ۽ جرنلن ۾ شايع ٿيا آهن. انهن ۾ حضور اڪرم ﷺ جي سیرت، اسلامي اخلاق، سنڌ جي اسلامي ورثي، قرآن ۽ سائنس جهڙن موضوعن تي اهم لکڻيون شامل آهن. سندس رهنمائيءَ هيٺ 35 کان وڌيڪ شاگردن ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن، جيڪا سندس علمي اثر جو واضح ثبوت آهي.

تعليمي خدمتن جي اعتراف طور کيس مختلف ادارن پاران اوارڊ، شيلڊون، سرٽيفڪيٽ ۽ گولڊ ميڊل پڻ ڏنا ويا آهن. هن وقت هو وفاقي محتسب حيدرآباد ريجن ۾ ايسوسيئيٽ ايڊوائزر (گريڊ 20) طور پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي.

چونڊ: ذوالفقار علي ڀٽي

#محقق #تعليمدان #سکر #تحقيق #اسلاميات

Address

Sukkur

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dr Abdul Waheed Indhar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share