24/03/2026
احتياط...
let's study literature
24/03/2026
احتياط...
روھڙي کان دل تائين“
(شھباز)
عيد جو ٻيو ڏينھن، ھي ٻئي دوست ۽ مان، چانھ پيئڻ جي لاء جڏھن پنھنجي پنھنجي گھرن کان نڪتاسين ته پنھنجي طبيعتن، ڪيفيتن، سان ملندڙ جلندڙ ڪو ھوٽل نه مليو تنھن ڪري ويندا رھياسين، موٽر سائيڪل ھلندي رھي، ڳالھيون ٿينديون رھيون مستيون ڪندا نيٺ روھڙي پھتاسين، روھڙي ۾ مقصود شاھ جي مزار تي حاضري ڀري، جھٽ کن شغل ڪيو، پنھنجي ارد گرد حسن جي حاڪ ڏسي مزا ماڻياسين، فقير جي واتان لطيف سرڪار جي وائي به ٻڌي نيٺ، ھن جڳه تي ويٺاسين ڳالھيون کلنديون ويون پاڻ کلندا رھياسين انھن ڳالھين مان ھڪ اوھان سان ونڊيان،
ھڪ دوست چيو مون وٽ چار ڇو ڪريون ھن، سڀن سان ڳالھائيندو آھيان ٻئي چيو مون وٽ چار ھيون ھڪ ٻئي ڇوڪرئ به ميسج ڪيو آ جنھن سان ڳالھيون ھلن ٿيون..
ان کان پوء ھو مون ڏي ڏسڻ لڳا، اکين جي اشاري سان سوال ڪيائون تون وٽ؟
مان مايوس ٿي ويس، ڇا چوان ته مون وٽ اٺ ھن اٺن سان ئي ڪچھري ڪندو آھيان کين روز گڊ مارننگ جو ميسج ڪندو آھيان؟
پو دل ٻڌي ھنن کي کلائڻ خاطر چوڻو پيو، اسان غريب آھيون ڇا؟ تھان ھنن سان صرف ڳالھائيندا آھيو مان ته ساڻس رھندو ئي گڏ آھيان روز مونکي ڀاڪرن ۾ وجھي ننڊ ڪرائيندي آھي!
ٻئي سيريئس ٿي پيا، اڇا!
مون کان کل نڪتي ته سمجھي ويا، چيائون ڀائو حقيقت ۾ يا خوابن ۾
ته کڻي ٽھي کلياسين مون چيو مون سان رھي ھوشيار ٿي ويا آھيو!
پو ڇا کلياسين، بس فرق اھو ته ھنن جي کل فاتح ھئي ۽ منھنجي مايوس ۽ ھارايل...
12/03/2026
Man without shoes..
19/01/2026
LoVe....!
ڪالونئ جي ڪنھن پارڪ ۾ جتي مان پاڻ کان وڏن ڇوڪرن سان ڪرڪٽ کيڏي رھيو ھئم، ڇوڪرن مونکي اوپننگ ڪرڻ لاء چيو ۽ مان به تيار ٿي بيٽ کڻي، اسٽرائيڪ لاء سنڀري بيٺم بالر به وارم اپ ڪري رن اپ تان ڀڄندو ٿي اچڻو ئي ھئو ته ان وچ ۾ اسٽريٽ ڏانھن نظر وئي جنھن پاسي کان پارڪ ۾ اچڻ جو دروازو ھئو، ڏٺم ۽ خاموش ٿي بيھي رھيم، ياد نه اٿم ته امپائر کي مون معذرت به ڪئي الائي نه، بالر به پوئتي نھاري چوڻ لڳو او بہائی کہیل نہ کیوں رکے ہو؟
ھوڏانھن منھنجو ڪپتان به چوڻ لڳو ته: او سندھی بہائی کیھلو بھی کیا ہوا؟
منھنجو صرف اتي ڌيان رھجي ويو ڇاڪاڻ ته ھڪ ڇوڪري ڏاڍن نازن نخرن ساڻ پارڪ ۾ اندر ٿي آئي جنھن کي رنگيلو وڳو پھريل ھئو ۽ ڪاري ڪلر جي جاڪيٽ به ھئي. بائونڊري وٽ بيھي رھي ۽ ڄڻ مون اڪيلي لاء تماشائڻ ھئي. بال ھلڻ جي انتظار ۾، مان به دل ٻڌي ٻيھر تيار ٿي بيٺم ۽ دل ۾ سوچيم اھڙو دلڪش ٿو ڇڪو ھڻان جو ھؤ خوش ٿي مون لاء ئي تاڙيون وڃائي. ھؤ گھڻو دير تائين ڏسندي رھي ان وچ ۾ بالر ڊڪندو آيو بال ڪرائيائين ۽ مون به تيز شاٽ کيڏي پر فيلڊر کي منھنجي ۽ ھنجي اکين جي ملاقات راس نه آئي ۽ ڪيچ پڪتائين. ھؤ افسوس ڪري ھن پاسي کان پنھنجي سھيلئ سان اسان ڏانھن اچڻ لڳي مونکي لڳو ڄڻ هو ٻئي مون ڏانھن ھڪ بهترين ڪپتان جيان مونکي حوصلو ڏيڻ ٿيون اچن. مون به کين ڪوڙي کل کلي ھنن کان به مسڪراھٽن جي اميد ڪئي پر ايتري دير ۾ پٺيريون ٿي ٿيلھي مان بيڊمنٽن جو سامان ڪڍڻ لڳيون. ھن جي جاڪيٽ تي نالو ڏسي ويتر ھن لاء منھنجي دل ۾ ارمان وڌڻ لڳا ھن جي جسم جي ڪشش مونکي ماحول کان اڃا به الڳ محسوس ڪرائيو. ھن جي جاڪيٽ تي لکيل نالو ڪشش خان ھئو. ۽ جڏھن اسان جي فيلڊنگ جو وارو آيو پوء ان ئي طرف فيلڊنگ ڪئي جنھن پاسي کان ھؤ کيڏي پئي. ھن جي ٽھڪن مان سرور ورتو ھن جي بدن مان ايندڙ خوشبو مان وڏا ساھ کنيا ۽ خيال ۾ ان بيٽسمين کي وڃي مون ڀاڪر به پاتو جنھن بار بار ھن ڏانھن شاٽ کيڏي.اھو لمحو ڪمال ھئو جڏھن ھن جي ڀرسان وڃي بال ڪيچ ڪيو ۽ ٻيھر ھن کان ان ساڳي نموني داد طلبيو.
09/01/2026
Linguistics terms
English Teacher
03042745798
| Monday | 09:00 - 17:00 |
| Tuesday | 09:00 - 17:00 |
| Wednesday | 09:00 - 17:00 |
| Thursday | 09:00 - 17:00 |
| Friday | 09:00 - 17:00 |