حسن درس
ڪراچي تون اسان جو سج آھين
۽ اسين سورج مکي آھيون.
Tufail Ahmed Sindhi
Sindhi and urdu poetry
Motivational videos
Relative to Education Education is a power �
نفرت جو جواب محبت سان....! ڇاڪاڻ جو سنڌ محبتن جي سرزمين آهي .....
سنڌين جي مزاحمت به نرالي آهي. هي قائداعظم يونيورسٽي جا شاگرد آهن، جيڪي وائس چانسلر جي اڍنگي روئي ۽ شاگردن کان اجرڪون کسي ڦٽي ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن.
ڀلا ٻڌايو، اهڙو ڪو مثال ملي ٿو ته پنهنجو احتجاج به پرامن طور رقص ڪري ڪيو وڃي؟
هي شاگرد آهن، جن ۾ گهڻائي سنڌي شاگردن جي آهي، جيڪي سنڌ جي مشهور لوڪ گيت "هو جمالو" تي رقص ڪري پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن.
پي ايس ايل ۾ سنڌي ڪلچر کي پروموٽ ڪرڻ واري واري ٽيم حيدرآباد فائنل ۾ پهچي وئي
*آج کے میچ پر حیدرآباد والوں کو اپنی ٹیم پر اتنا بھروسا ہںونا چاہئے*
عطا تارڑ کا یہ عمل عزت کے لائق ہے۔
پی پی حکومت کے کسی وزیر کو بھی غیرت نہیں آئی کہ وہ اپنے سندھ کے نوجوان، خیرپور کے رہنے والے اظہر میمن کی ملکیت کریں۔
نواز لیگ کے وفاقی وزیر کا ظرف دیکھیں — انہوں نے خیرپور میں در بدر ہونے والے نوجوان کو اپنی کرسی پر بٹھا دیا 💐🥰🙏
29/04/2026
"مان ڪلاس ۾ داخل ٿيس ۽ پٺيان دروازو بند ڪري ڇڏيو. مون فيصلو ڪيو ته اڄ پنهنجو سڄي ڪاوڙ ٻارن تي ڪڍنديس.
واقعي، جنهن ٻار هوم ورڪ نه ڪيو هو، ان کي پڪڙي ماريم!
هڪ ٻار کي ميز تي سُتل ڏٺم، سندس ٻانهن پڪڙي چيو: "تنهنجو هوم ورڪ ڪٿي آهي؟"
اهو ٻار ڊڄي پٺتي هٽي ويو ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين: "وسري ويو آهي، مهرباني ڪري مون کي معاف ڪريو."
مون کيس پڪڙي ڇڏيو ۽ پنهنجي سڄي ڪاوڙ، جيڪا منهنجي مڙس جي ڪري هءي، ان تي ڪڍي ڇڏيم.
پوءِ مون هڪ ٻار کي بيٺل ڏٺو، هو منهنجي ويجهو آيو، منهنجي دامن ڇڪي هٿ سان اشارو ڪيائين ته جهڪي سندس ڳالهه ٻڌان.
مان ڪاوڙ ۾ مُڙيس، جهڪي چيم: "ها، ٻڌاءِ، ڇا ڳالهه آهي؟"
هن مُرڪي وڏي معصوميت سان چيائين: "ڇا اسان ڪلاس کان ٻاهر ڳالهائي سگهون ٿا؟ هي تمام ضروري آهي."
مون کيس ڪاوڙ سان ڏٺو ۽ سوچيم ته ضرور ڪا معمولي ڳالهه هوندي، جهڙوڪ ڪنهن ساٿي سندس پين چوري ڪيو هوندو.
پر جڏهن مون سندس ڳالهه ٻڌي ته مان سندس ذهانت تي حيران رهجي ويس.
هن هلڪي مرڪ سان چيائين: "ڏسو ٽيچر، توهان تمام سٺيون آهيو، ۽ اسين سڀ توهان سان محبت ڪريون ٿا. پر منهنجو اهو ساٿي، جنهن کي توهان آخر ۾ ماريو، اهو يتيم آهي. ۽ سندس ماءُ کيس هميشه ماري ٿي جڏهن هو ڪا غلطي ڪري ٿو.
هوءَ کيس صحيح نموني تربيت نٿي ڏئي، ان ڪري هو گهڻو ڪري شيون وساري ويهندو آهي ۽ هر شيءِ کان ڊڄندو آهي. ايتري تائين جو اسان سان کيڏڻ کان به ڊڄندو آهي، ڇو ته کيس خوف هوندو آهي ته اسان به کيس مارينداسين.
مان سندس دوست آهيان ۽ هميشه ساڻس گڏ رهندو آهيان. هن مون کي ٻڌايو ته کيس مار کائڻ بلڪل پسند ناهي. جيڪڏهن توهان سندس جسم ڏسو ته توهان کي ان تي مار جا نشان ملندا، جيڪي سندس ماءُ جا ڏنل آهن."
پوءِ ان ٻار چيو: "ڇا توهان اسان جي ماءُ ۽ تربيت ڪندڙ بڻجي سگهو ٿا؟ ۽ مهرباني ڪري، جڏهن توهان ڪلاس ۾ اچو ته پنهنجي ڪاوڙ ۽ پريشاني ٻاهر ڇڏي اچو، ڇو ته اسين توهان سان محبت ڪريون ٿا ۽ توهان کان گهڻو ڪجهه سکون ٿا."
مان حيرت سان کيس ڏسندي چيم: "تون ايترو ننڍو هوندي به وڏن ماڻهن سان ائين ڪيئن ڳالهائين ٿو؟"
ته هن جواب ڏنو: "منهنجي ماءُ هميشه مون کي سٺو گمان ڪرڻ سيکاريو آهي، ۽ اهو به چيو آهي:
‘توهان کي خبر ناهي ته سامهون وارو ڪهڙي حالت ۾ آهي، تنهنڪري پنهنجي ڪاوڙ ۽ پريشاني هڪ پاسي رکو ۽ ماڻهن سان نرمي سان پيش اچو. دنيا ۾ تمام گهڻيون ڏکائيندڙ شيون آهن.’"
هنن اهو به چيو: ‘جيڪڏهن توهان ڪنهن کي پريشان ڏسو، ته ان کان معافي وٺو، ڀلي توهان ان جي تڪليف جا ذميوار نه هجو.’
پوءِ هو مون کي ڀاڪر پائي چيائين: ‘يقيناً توهان ڪنهن سبب ناراض آهيو، ان ڪري اڄ اسان کي ماريو. ٽيچر، مان توهان کان معافي ٿو گهران، مهرباني ڪري ناراض نه ٿيو، ڇو ته توهان تمام سٺيون آهيو.’
مان حيرت ۾ بيٺي هيس، ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ مان ٻار هجان ۽ هو منهنجو استاد ۽ تربيت ڪندڙ هجي.
ڇا اڄ به اهڙي تربيت ٿيندي آهي؟
۽ ڇا اهڙيون مائرون موجود آهن جيڪي پنهنجي ٻارن جي ايتري سٺي تربيت ڪن ٿيون؟"
مون ان ٻار کان پڇيو: "ٺيڪ آهي، مان هن کي ڪيئن پرچايان؟"
ته هو چيائين: "هي وٺو، چاڪليٽ! هن کي اها پسند آهي. جيڪڏهن هو توهان کي معاف ڪري ڇڏي ته پنهنجي رب کان استغفار ڪريو ۽ ‘سبحان الله وبحمده’ چئو ته جيئن جنت ۾ توهان لاءِ هڪ وڻ پوکي وڃي."
مون چيو: "جيئن دنيا ۾ وڻ هوندا آهن؟"
هو چيائين: "منهنجي ٽيچر، جنت جا وڻ دنيا جي وڻن جهڙا ناهن هوندا. منهنجي ماءُ ٻڌايو آهي ته جنت جي وڻن جا ميوا تمام نرم، وڏا ۽ ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺا هوندا آهن، ۽ انهن ۾ ڪا به ڳُٽي نه هوندي."
مون پڇيو: "انس، ڇا مان تنهنجي ماءُ کي ڪو تحفو ڏئي سگهان ٿي؟"
هو چيائين: "ها، پر هوءَ هميشه چوندي آهي ته ‘انس منهنجو تحفو آهي.’"
مون چيو: "واقعي، تون هڪ تمام وڏو تحفو آهين ۽ تمام پيارو ٻار آهين."
انس چيو: "هلو، اچو احمد کي پرچايون. مون وٽ پنج رپيا آهن، ان سان ٻي چاڪليٽ وٺون ۽ احمد کي ڏيون، ۽ چئون ته توهان هن لاءِ خريد ڪئي آهي."
مون انس کي چيو: "تنهنجي ماءُ واقعي هڪ عظيم عورت آهي، هوءَ جنت جي حقدار آهي."
وقت گذرندو ويو.
"مس ريحام، توهان ڪيئن آهيو؟"
مون مُڙي ڏٺو ته اهو انس هو، هاڻي هڪ نوجوان، عينڪ پاتل بيٺو هو ۽ سندس ماءُ ساڻس گڏ هئي، جن جي چهري تي نور هو.
بعد ۾ انس جي ماءُ مون لاءِ هڪ تحفو کڻي آئي ۽ چيائين: "توهان انس جي استاد هيو، هي تحفو منهنجي طرفان قبول ڪريو. توهان جيڪا چڱائي انس کي سيکاري، يقيناً ان ۾ توهان جو به حصو آهي."
مون حيرت سان چيو: "ڪيئن؟"
هوءَ چيائين: "الحمدلله، منهنجو پٽ هاڻي ڊينٽل ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي."
منهنجين اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. مون چيو: "توهان جي مهرباني، هي تحفا ته توهان جهڙن ماڻهن لاءِ آهن. توهان سمجهو ٿا ته توهان صرف انس جي تربيت ڪئي؟ حقيقت ۾، توهان جي تربيت مون کي به سڌاري ڇڏيو. توهان جي پٽ مون کي سال اڳ هڪ سبق ڏنو، جنهن منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي. انهيءَ سبب مون پنهنجي ٻارن جي سٺي تربيت ڪئي، ۽ منهنجو ازدواجي رشتو به بهتر ٿي ويو."
حڪمت: نيڪ زال معاشري کي جنت بڻائڻ لاءِ هڪ مضبوط بنياد آهي. ۽ گهريلو عورت جي ڪردار کي معمولي نه سمجهو، ڇو ته هوءَ پوري نسل جي تربيت ڪندڙ هوندي آهي۔ ❣️
وڌيڪ اپڊيٽ لاء پروفاءل فالو ڪريو
23/04/2026
عالمی یوم کتاب ہر سال دنیا بھر میں 23 اپریل کو اقوام متحدہ کے ذیلی ادارے یونیسکو کے تحت منایا جاتا ہے، جس کا مقصد بین الاقوامی سطح پر عوام میں کتب بینی کا فروغ، اشاعتِ کتب اور اس کے حقوق کے بارے میں شعور کو اجاگر کرنا ہے۔ اس دن کو منانے کی ابتدا 1995ء میں ہوئی
عالمی یوم کتاب منانے کا مقصد کتاب بینی کے شوق کو فروغ دینا ۔
26/02/2026
لوگوں سے وہ سوال نہ کرو جو خدا نے انسانوں سے کرنے ہیں مثلاً ،
تمہارا مذہب کیا ہے ؟
تم نے روزہ رکھا ؟
تم نے عبادت کی ؟
لوگوں سے وہ سوال کرو جو انسان کو انسان سے کرنے چاہیے مثلاً ،
کیا تمہیں کوئی پریشانی ہے ؟
کیا تمہیں کچھ چاہیے ؟
کیا تم نے کھانا کھایا؟
مستنصر حسین تارڑ
ماڻهو جڏهن پوڄڻ تي ايندا آهن تہ سامري جي گابي کي بہ پوڄيندا آهن ۽ جڏهن مارڻ تي ايندا آهن تہ مسيح ۽ حُسين کي بہ ماري ڇڏيندا آهن.
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
جو عالمي ڏينهن مبارڪ
سنڌي ٻولي قومي ٻولي ھي ھڪ اھڙو نعرو آھي جيڪو سنڌ ڌرتيءَ تي رھندڙن جي اخلاقي، زميني، قومي ۽ قانوني حق ۾ شامل ٿئي ٿو سنڌي اباڻي ٻولي مٺڙي اباڻي ٻولي انھن لفظن ۾ جيڪا رس ۽ مٺاس ڀريل آھي پنھنجي ٻولي جي ترقي ۽ حفاظت لا۽ اھو بيحد ضروري آھي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌي پنھنجي اولاد کي سنڌي ٻولي ضرور سيکارن. سنڌ جي ٻولي دنیا جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي اڄ ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اسان کي اسان جي سنڌي ٻوليءَ تي فخر آهي...
❤️🙏
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Contact the school
Telephone
Website
Address
Gulshan _e_iqbal Colony Golimar Road
Sukkur
AHMED2323