07/10/2025
Doctors
07/10/2025
03/09/2025
Professor Dr Saleh Muhammad Channa has been appointed New Principal of Ghulam Mohammad Mahar Medical College Sukkur.
Congratulations to him 💐
02/08/2025
پلصراط تي بيٺل مسيحا...!
اڄ سکر بئراج لڳ پنهنجي ڊيوٽي تي خيرپور ويندي سکر جي مشهور فزيشن ڊاڪٽر ڪرپال داس تي قاتلاڻو حملو ٿيو آهي.خبرن موجب ڊاڪٽر صاحب خيريت سان آھي پر سندس اسسٽنٽ وزير علي بوھر حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي
خبر ٻڌڻ کانپوءِ دل جي عجيب ڪيفيت آهي، ذھن ۾ ڏک سان گڏوگڏ ڪاوڙ ۽ بيوسي طاري آھي. سکر شهر سنڌ جي دل آھي، بدامني جي باھ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نڪري مک شھرن تائين اچي پھتي آھي. ڪامورا ھجن يا حڪمران ٽڪ ٽاڪ ۽ اداڪاري ۾ مشغول ۽ پنهنجي مستي ۾ مست آھن ۽ عوام جو ﷲ واھي آهي
ڪلھ مقرر ٿيندڙ ڊپٽي ڪمشنر ڪيمرا جي نگراني ۾ ڊاڪٽرن تي پنهنجي ڌاڪ ڄمائڻ لاءِ ۽ عوام جي تڪڙي ھمدردي ۽ واھ واھ حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھريون دورو اسپتال جو ڪيو ليڪن پنجن گاڏين جي پروٽوڪول ۾ گھمندڙ ان آفيسر امن امان لاءِ ڪھڙي گڏجاڻي ڪئي يا ڪندو ان جو انتظار ئي رھندو. بغير پروٽوڪول گھمندڙ ھڪ ھٿين خالي ڊاڪٽر تي ڌاڪ ڄمائڻ نھايت ئي آسان آهي ڀل اھو گريڊ ۽ تعليم جي لحاظ کان ڪنهن سيکڙاٽ انتظامي آفيسر کان ڪافي مٿي ڇو نه ھجي. بغير پروٽوڪول جي گھمندڙ ھٿين خالي ڊاڪٽر تي قاتلاڻو حملو ڪرڻ اڃان وڌيڪ آسان آهي ڇاڪاڻ ته قاتل جي ڪلھي تي حڪمراني جي مسند تي ويٺل وڏن وڏن بتن جا سڌي يا اڻ سڌي طرح ھٿ ضرور ھوندا آھن جڏھن ته سچن ڊاڪٽر جي ڪلھي تي ڪي بااثر ھٿ ناھن ھوندا. الميو اهو آهي جو اڄ جي ميڊيا تي روزاني بنياد تي ڊاڪٽرن جي خلاف اوڳاڇندڙ زھر جي سبب اھو عوام به سندن خلاف ھوندو آھي جنھن جي صحت لاءِ ھو مسلسل مصروفِ عمل ھجن ٿا. اھو نه ٿو چوان ته سڀ ڊاڪٽر فرشتا آھن ليڪن سڀ ڊاڪٽر قابلِ نفرت بہ ناھن
مان سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر ڪرپال تي حملو صرف ھڪ شخص تي حملو ناھي، معاشري جي شعور تي حملو آھي. اڳ ئي دردن ۾ ورتل قوم جي درمان جي اميد تي حملو آھي. اھي گوليون بندوق کڻندڙ ھٿن تي ناھن ھليون، اھي گوليون بند ٿيندڙ ساھن کي اسٽيٿواسڪوپ ذريعي چڪاسي پنهنجي علم جي زور تي کوليندڙ ھٿن تي ھليون آھن. اھو حملو ھڪ سانحو ناهي، اھا ظلمت جي پيروڪارن جي ھڪ وارننگ آهي ته ھن معاشري جو بگاڙ ھاڻي لاعلاج ٿيڻ جي قريب آهي
ڊاڪٽر ڪرپال صرف ھڪ ڊاڪٽر ناھي، ھو موت سان جھيڙيندڙ سوين مريضن جي اميد آهي، ھو درجنين نوجوان مسيحائن جو پيشوا آهي، بي حسي ۽ مايوسي جي شڪار معاشري ۾ ھڪ آٿت ڏيندڙ مسيحا آهي. ان مسيحا ڪردار تي حملي ۽ سندس ھڪ ساٿي جي شھادت مان واضع پيغام ملي ٿو ته اسان جو معاشرو جيڪو ڪنهن وقت ۾ محبت، سھپ ۽ رواداري جو مظھر ھيو اڄ تيزي سان دھشت،لاقانونيت ۽ زوال طرف گامزن آھي
ھن حملي جي نتيجي ۾ اڄ اسان خطي جا سڀ معالج مايوسي، خوف ۽ عدم تحفظ جي احساس ۾ ورتل آهيون. اڄ اسان بي خطر ٿي پنهنجي فرض جي ادائگي بدران پنھنجي تحفظ جي پلصراط تي بيٺل آھيون. جيڪڏهن اسان احتجاجي رستو اختيار ڪري مريضن جي علاج کان انڪار ڪري ڇڏيون ته اسان ئي قصور وار ليکباسين، ته ڇا معاشري جا چڱا مڙد اسان جي آٿت بڻبا، ڪوئي اھڙو فورم آهي جيڪو اسان کي اچي دل جاءِ ڏي ته ڊاڪٽر ڪرپال کي انصاف ملندو، شھيد وزير بوھڙ جو رت ضايع نه ويندو. ڪو آهي جيڪو دعوا ڪري سگهي ته سکر جو امن بحال ٿيندو، ڪوئي آهي جيڪو معاشري کي تحفظ جو احساس ورائي ڏي. ڪو آھي جيڪو معاشري ۾ وڌندڙ بگاڙ کي روڪي. ڪوئي ناهي، يقينن ڪوئي ناهي ڇو ته اھو ھڪ ماڻھو جو ڪم ئي ناهي. ھا پر اھو ناممڪن ناهي، ممڪن آهي اگر اسان گڏجي پئون ، ھڪ ٻئي جي اھميت سمجھون ۽ ھڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ سکون...... ڪاش اسان جاڳون، ڪاش اسان گڏجي پئون......!
انا لله وانا اليه راجعون
Prof. Dr. Hazooran Lakhan Unit 1 Gynae and Obs. GMC Sukkur is no more with us.
Kindly remember her in your prayers.
14/05/2025
Congratulations to all toppers of Batch-19 ❤
h
19/03/2025
Insha'Allah, on 20th March, we will be holding a peaceful protest against the illegal formation of canals in the Indus River system . We will be gathering at GMC Sukkur and marching to the Press Club Sukkur.
Let's stand together for our rights and the protection of our natural resources. We demand justice and an end to the illegal canal formations that are harming our environment and communities.
We emphasize that this will be a peaceful protest, and we urge all participants to maintain a calm and respectful demeanor throughout the event.
Let's make our voices heard and bring attention to this critical issue!
- Date: 20th March (Thursday)
- Time: [10.30am sharp]
- From GMC cafeteria to press club sukkur.
30/01/2025
Life is a remarkable journey, and every farewell presents an opportunity to embark on new, exhilarating experiences that shape and transform us.❤️🎉
29/01/2025
افسوس سرڪاري ادارن جي عوام سان لٽ مار!
،ا. LUMHS جيڪو سرڪاري خزاني ته هلندڙ آهي، پر فيس پرائيويٽ ڪاليجن کان به وڌ رکيل آهي. هڪ سال اڳ ٺٽي ۾ ٺهندڙ IBA جي بلڊنگ CM سنڌ طرفان LUMHS jamshoro کي ڏني وئي هئي، پر ان جي باوجود نئين MBBS بيچ جي فيس پرائيويٽ ڪاليجن کان به مهانگي مقرر ڪئي وئي.
ڇا سرڪاري خزانو LUMHS جي وائيس چانسلر جي ذاتي ملڪيت بڻجي ويل آهي؟ آخر عوام جو وارث ڪير آهي؟
افسوس آهي انهن اعليٰ ادارن تي، خاص ڪري PMDC ۽ HEC تي، جيڪي تعليم ۽ صحت جا نگران آهن، پر صرف نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ تائين محدود آهن، باقي عملدرآمد ڪرائڻ انهن جي وس ۾ ناهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ PMDC طرفان پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجن جي مهانگي فيسن تي نوٽيس ورتو ويو هو، پر پرائيويٽ بدران هاڻ سرڪاري ڪاليج ئي عوام کي لٽڻ لڳا آهن.
هن صورتحال جو ذميوار آخر ڪير آهي؟
22/11/2024
POV:-!!🤒🫠😶🌫️😱🥱!!
06/11/2024