Active Teacher Network Sindh

Call Directions

Active Teacher  Network Sindh This page basiclly depend on teacher activites,
Highlight Ideas nd Ques competitions, nd lot of lear Mr Abdull Shakoor Panhwar
Nd Others

08/02/2026

ووٽ صرف ڪتاب جو آهي ڪاميابي جو نشان ڪتاب آهي پنهنجو قيمتي ووٽ ڪتاب کي ڏئي ڪامياب ڪندا

25/01/2026
ڱ پ اسڪول بھاول خان مگسي
25/01/2026

ڱ پ اسڪول بھاول خان مگسي

وفاقي حڪومت ۽ سنڌ کان علاوه باقي صوبن پھريون دفعو 2021 ۾ سڀني ملازمن کي 25 سيڪڙو ڊي آر اي(DRA) الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ...
26/09/2025

وفاقي حڪومت ۽ سنڌ کان علاوه باقي صوبن پھريون دفعو 2021 ۾ سڀني ملازمن کي 25 سيڪڙو ڊي آر اي(DRA) الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ان وقت سنڌ جي ملازمن سائين اشرف خاصخيلي صاحب جي اڳواڻي ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو احتجاجي تحريڪ جو نوٽس وٺندي وزيراعلي مراد علي شاه چيف سيڪريٽري سنڌ جي اڳواڻي ۾ ھڪ ڪميٽي جوڙي ڪميٽي ملازم تنظيمن جي اڳواڻن سان ويھي ڳالھيون ڪيون ء DRA الائونس ڏيڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج کي ختم ڪرايو ويو ان کان پو۽ ڇا ٿيو ڪنھن کي ڪا خبر ڪون پئي 2022 ۾ ھڪ دفعو وري وفاقي ء باقي صوبن پنھنجي ملازمن کي 15 سيڪڙو DRA الائونس ڏنو ليڪن سنڌ حڪومت پنھنجي ملازمن کي ھڪ دفعو ٻيھر نظرانداز ڪيو ،پوسٽ بجٽ ڪانفرنس م صحافين جڏھن وڏي وزير کان ملازمن سان زيادتين جو سوال ڪيو ته وڏو وزير اھو جواب ڏئي ڳالھ ٽاري ويو ته سنڌ جي ملازمن جو پگھارون باقي صوبن کان وڌيڪ آھن ،،،۽ ھاڻ ھڪ دفعو ٻيھر وفاقي ء سنڌ کان علاوه صوبائي حڪومتن پنھنجي ملازمن کي 30 سيڪڙوDRA الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ حڪومت پنھنجي ملازمن کي ھڪ دفعو ٻيھر نظرانداز ڪيو 3 ڀيرا ٽوٽل 70 سيڪڙو DRA الائونس مليو جيڪو سنڌ جي ملازمن جو حق آھي ان ڪري سنڌ جي ملازمن پنھنجي پگھارن ۾ 70 سيڪڙو اضافي جو مطالبو رکيو آھي ،ھن وقت سنڌ جا سرڪاري ملازم سراپا احتجاج آھن پوري سنڌ جي ملازمن م ڪاوڙ جي لھر آھي اعلي عملدارن کان مطالبو آھي ته سنڌ جي ملازمن جي پگھارن م 70 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي ۽ ملازمن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي ..
ھي ليٽر 2021 جو آھي جڏھن سنڌ حڪومت ملازمن کي DRA الائونس ڏيڻ لاء ڪميٽي ٺاھي ھئي..
پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو

سائين سردار شاھ ۽  بلاول ڀٽو کي نماڻو عرض ٿاڪريون اسان پرائمري جي استادن کي سروس اسٽيڪچر ۽ ٻيون مراحتون ڏنيون وڃن٠ شھي...
27/04/2024

سائين سردار شاھ ۽ بلاول ڀٽو کي نماڻو عرض ٿاڪريون اسان پرائمري جي استادن کي سروس اسٽيڪچر ۽ ٻيون مراحتون ڏنيون وڃن٠
شھيد راڻي جي منشور۽وچن کي پورو ڪريو سرڪاري ملازمن سان انصاف ڪيو٠
اسان استادن مان بيچيني ختم ڪيو

18/02/2024
سائين سردار شاه جو پرائمري استادن لاء ڪارو دور رهيوسائين سردار شاه توڙي جو بهترين شاعر اديب ۽ دانشور آھي پر انتهائي افسو...
13/08/2023

سائين سردار شاه جو پرائمري استادن لاء ڪارو دور رهيو
سائين سردار شاه توڙي جو بهترين شاعر اديب ۽ دانشور آھي پر انتهائي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته سائين جن ۽ سيڪريٽري ايجوڪيشن صاحب پرائمري استادن لاء پنهنجي دور جا ولن ثابت ٿيا آھن۔

1۔ پرائمري استادن کي پري ميچوئر انڪريمنٽ کانسواء لولي لنگڙي اپگريڊيشن ڏني وئي جنهن لاء به ڪافي شرط لڳايا ويا جنهن سبب اڄ به هزارين استاد اپگريڊ نه ٿي سگهيا آھن سوچڻ جي ڳالھ اها آھي جڏهن سورهين اسڪيل تائين جا پروموشن ۽ ٽائم اسڪيل جا آرڊر ڊائريڪٽر جاري ڪري سگهي ٿو پوء پرائمري استادن جي پروسيس کي اينگهائڻ لاء سيڪريٽري صاحب جي اپروول سان مشروط ڪيو ويو۔

2 ۔پرائمري استادن جا Pst to jst جا 50% پروموشن ختم ڪيا ويا ۽ تازو Pst to Hst پروموشن به ختم ڪيا ويا۔

3۔ توڙي جو اپگريڊيشن جو عمل به شروع ٿي ۽هزارن جي تعداد ۾ نيون ڀرتيون به چوڏهين اسڪيل ۾ ڪيون ويون پر اڄ ڏينهن تائين پرائمري استادن لاء ڪو به سروس اسٽڪچر جاري نه ڪيو ويو پر ٽائم اسڪيل کي ختم ڪرڻ لاء لائسنس پاليسي لاڳو ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن جنهن سان هزارين استادن جي ترقي کي روڪڻ مقصود آھي۔

4۔ پرائمري استادن جي بدلين تي پابندي لڳائي وئي جيڪا تاحال جاري آھي ۽ بائيو ميٽرڪ جي آڙ ۾ هزارين استادن کي پريشان ڪيو ويو ۽ڪيترن کي جبري رٽائر ڪرڻ سان گڏ مختلف محڪماجاتي سزائون پڻ ڏنيون ويون۔

5۔ 2001 کان 2018 تائين ڀرتي ٿيل استادن کي ڪنٽريڪٽ تي ڀرتي ڄاڻائي انهن جا ٽي سال ضائع ڪيا ويا جنهن سبب استادن جو لکين روپين جو نقصان ڪيو ويو جيڪو معاملو ڪافي دفعا احتجاج جي حد تائين به ويو پر سائين جن ڪوبه عملي تحرڪ نه ورتو صرف ڳالهين تائين محدود رهيا۔

6۔ حڪومت جي آخري سال ۾ لکين ڪتابن جي کوٽ ڪري سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ويو۔پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ جو نعرو کوکلو لڳايو ويو...

7۔پرائمري اسڪولن جي انفرا اسٽرڪچر طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو جنهن سبب اڄ به هزارين پرائمري استاد بنا فرنيچر۔ واش روم ۔بجلي ۽ بنا بلڊنگ جي ٻارن کي پڙھائڻو ٿو پوي اميد آھن ايندڙ حڪومت پرائمري استادن جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاء عملي قدم کڻندي

11/08/2023

هر ڊپارٽمينٽ ۾ هر ڪيڊر جا پروموشن ٿين پيا پٽيوالا ڪلارڪ ٿين پيا ،مختيارڪار AC ٿين پيا ،JEST وري HST ٿين پيا HST به HM ۽ SS پيا ٿين هيڊماستر وري TEO ,DEO ۽ ڊائريڪٽر پيا ٿين پر......!پتڪڙن گدلن ميلڙن ٻارڙن سان مٿو کپائيندڙ پرائمري لاءِ سڀ دروازا بند آهن ۽ استادن جي تنظيم جا اڳواڻ چپ چپاٽ عهدن سان ائين چنبڙيا پيا آهن جيئن مکي گڙ سان..

Address

Govt Primary Sindhi Chandiya School
Sujawal
73050

Telephone

+923004368706

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Active Teacher Network Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category