26/09/2025
وفاقي حڪومت ۽ سنڌ کان علاوه باقي صوبن پھريون دفعو 2021 ۾ سڀني ملازمن کي 25 سيڪڙو ڊي آر اي(DRA) الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ان وقت سنڌ جي ملازمن سائين اشرف خاصخيلي صاحب جي اڳواڻي ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو احتجاجي تحريڪ جو نوٽس وٺندي وزيراعلي مراد علي شاه چيف سيڪريٽري سنڌ جي اڳواڻي ۾ ھڪ ڪميٽي جوڙي ڪميٽي ملازم تنظيمن جي اڳواڻن سان ويھي ڳالھيون ڪيون ء DRA الائونس ڏيڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج کي ختم ڪرايو ويو ان کان پو۽ ڇا ٿيو ڪنھن کي ڪا خبر ڪون پئي 2022 ۾ ھڪ دفعو وري وفاقي ء باقي صوبن پنھنجي ملازمن کي 15 سيڪڙو DRA الائونس ڏنو ليڪن سنڌ حڪومت پنھنجي ملازمن کي ھڪ دفعو ٻيھر نظرانداز ڪيو ،پوسٽ بجٽ ڪانفرنس م صحافين جڏھن وڏي وزير کان ملازمن سان زيادتين جو سوال ڪيو ته وڏو وزير اھو جواب ڏئي ڳالھ ٽاري ويو ته سنڌ جي ملازمن جو پگھارون باقي صوبن کان وڌيڪ آھن ،،،۽ ھاڻ ھڪ دفعو ٻيھر وفاقي ء سنڌ کان علاوه صوبائي حڪومتن پنھنجي ملازمن کي 30 سيڪڙوDRA الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ حڪومت پنھنجي ملازمن کي ھڪ دفعو ٻيھر نظرانداز ڪيو 3 ڀيرا ٽوٽل 70 سيڪڙو DRA الائونس مليو جيڪو سنڌ جي ملازمن جو حق آھي ان ڪري سنڌ جي ملازمن پنھنجي پگھارن ۾ 70 سيڪڙو اضافي جو مطالبو رکيو آھي ،ھن وقت سنڌ جا سرڪاري ملازم سراپا احتجاج آھن پوري سنڌ جي ملازمن م ڪاوڙ جي لھر آھي اعلي عملدارن کان مطالبو آھي ته سنڌ جي ملازمن جي پگھارن م 70 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي ۽ ملازمن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي ..
ھي ليٽر 2021 جو آھي جڏھن سنڌ حڪومت ملازمن کي DRA الائونس ڏيڻ لاء ڪميٽي ٺاھي ھئي..
پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو