09/03/2026
🚨 شاگردن جي حياتيءَ جو سوال – فوري توجهه جي اپيل ڪجي ٿي 🚨
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول جي سامهون گذرندڙ نئين تعمير ٿيندڙ سجاول – ميرپور بٺورو مين روڊ تي فوري طور اسپيڊ بريڪر ٺاهڻ انتهائي ضروري بڻجي ويو آهي.
هن اداري ۾ تقريباً 2000 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ساڳئي احاطي اندر قائم پيپلز اسڪول سجاول ۾ به سوين شاگرد ۽ نياڻيون تعليم پرائي رهيا آهن. روزانو صبح اسڪول اچڻ ۽ موڪل جي وقت شاگردن جو وڏو تعداد هي مصروف روڊ پار ڪري ٿو، جنهن سبب ڪنهن به وقت خطرناڪ حادثي جو خدشو موجود آهي.
شاگردن جي حفاظت لاءِ هن روڊ تي اسپيڊ بريڪر، اسڪول زون جا سائن بورڊ ۽ رفتار گهٽائڻ جا انتظام انتهائي ضروري آهن.
📌 اسڪول انتظاميه پنهنجي ذميواري نڀائيندي اڳ ئي جناب ڊپٽي ڪمشنر سجاول ۽ هاءِ وي ڊويزن حيدرآباد کي هن سلسلي ۾ لکت ۾ درخواست ڏئي چڪي آهي ته جيئن جلد کان جلد مناسب قدم کنيا وڃن.
🙏 اسان ضلعي انتظاميه، هاءِ وي اختيارين ۽ لاڳاپيل ادارن کي ادب سان اپيل ٿا ڪريون ته معصوم شاگردن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ فوري طور اسپيڊ بريڪر تعمير ڪرايو وڃي.
مهرباني ڪري هن اهم مسئلي کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ هن پوسٽ کي شيئر ڪريو ته جيئن شاگردن جي حفاظت لاءِ جلد قدم کنيا وڃن.
# Deputy Commissioner
Dio Sujawal
# Ssp Sujawal
Sujawal Shehri Itehad
Press Club Sujawal
# پريس ڪلب سجاول
# سورج سجاولي پريس ڪلب