Sibghat ul Madaris Sinjhoro

Sibghat ul Madaris Sinjhoro سنجهورو

نياڻين لاءِ ديني تعليم جو سنهري موقع_____________________________ الحمد لله ديني ضرورتن ۽ وقت جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي،...
23/04/2026

نياڻين لاءِ ديني تعليم جو سنهري موقع
_____________________________
الحمد لله ديني ضرورتن ۽ وقت جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي، اعلي حضرت پير سائين پاڳارا دامت برڪاته جن جي خصوصي حڪم ۽ هدايتن موجب، مدرسه صبغت القرآن شاهه مردان شاهه سنجھورو جي زيرِ انتظام نياڻين جي اسلامي تربيت ۽ ديني تعليم لاءِ "مدرسه البنات" جو شاندار آغاز ڪيو ويو آهي.
اسان جو مقصد نياڻين کي قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ بهترين تعليم ڏئي، کين هڪ مثالي اسلامي معاشري جو حصو بڻائڻ آهي.
پڙهايا ويندڙ ڪورس:
1. ناظره قرآن مجيد: درست مخرج ۽ تجويد سان.
2. حفظِ قرآن مجيد: مختصر وقت ۾ پختو حفظ.
3. فرض علوم ڪورس: نماز، روزو ۽ روزمره جي ضروري شرعي احڪامن جي ڄاڻ.
4. عالمه ڪورس: تفسير، حديث، فقه ۽ عربي زبان جي مڪمل تعليم.
تعليمي اوقات (شفٽون):
صبح جي شفٽ (9:00 کان 12:00 تائين):
خاص طور تي حفظ، فرض علوم ۽ عالمه ڪورس لاءِ.
شام جي شفٽ (3:00 کان 5:00 تائين):
ناظره قرآن مجيد ۽ روزمره جي شرعي مسئلن جي سکيا لاءِ.
خصوصيت:ٻنهي شفٽن ۾ نياڻين جي تعليم ۽ تربيت لاءِ فيميل اسٽاف انتظام آهي.

داخلا جي اهليت:
عالمه ڪورس، حفظ ۽ ناظره: پرائمري، مڊل ۽ ميٽرڪ پاس نياڻيون داخلا وٺي سگهن ٿيون.
فرض علوم ۽ شرعي مسئلا: هر عمر جون عورتون ۽ نياڻيون هن ڪورس مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون.
پنهنجي گهرن کي اسلامي ماحول سان سينگارڻ ۽ پنهنجي نياڻين جي آخرت سنوارڻ لاءِ اڄ ئي رابطو ڪريو ۽ هن نيڪ ڪم ۾ حصيدار بڻجو.
حر جماعت جي ڳوٺن مان نياڻيون روزاني 9:00 کان 12:00 تائين عالمه ڪورس لاءِ اچي سگهن ٿيون. خاص ڪري سانگهڙ، جهول، شهدادپور ۽ کڏڙو روڊ تان ان وقت ۾ گاڏيون آساني سان ملي سگهن ٿيون.
رابطي لاءِ
حافظ عبدالقيوم سڪندري
اتر طرف، بچل چوڪ، سنجھورو.
03458787086
نوٽ : داخلا لاءِ مرد حضرات رابطو ڪن.
شام واري شفٽ جو آغاز ٿي چڪو آهي. ايندڙ هفتي صبح واري شفٽ جو آغاز ٿيندو. ان شاء الله

06/07/2025
الحمدللہ مدرسه صبغت القرآن شاھ مردان شاھ سنجھورو جي چار طالبعلمن (ذي القعد جي مہيني ۾) حافظ عبدالباسط ولد محمد ايوب ابڙو...
29/05/2025

الحمدللہ
مدرسه صبغت القرآن شاھ مردان شاھ سنجھورو جي چار طالبعلمن (ذي القعد جي مہيني ۾)
حافظ عبدالباسط ولد محمد ايوب ابڙو (سنجھورو)
حافظ رفيق الله ولد عزيز الله بروهي(سنڌڙي)
حافظ سائين بخش ولد الهجڙيو راڄڙ (فقير غلام حيدر)
حافظ دانش علي ولد فقير بلاول جانوري (سانگهڙ)
قرآن شريف حفظ مڪمل ڪيو.
استاد صاحبان والدين ۽ حفاظ کي مبارڪون
مدرسي جي معاونين خصوصًا محترم سائين خليفه وريام فقير ورياماڻي ۽ صاحبزادگان ۽ ڀائٽن کي مبارڪون.
۽ صبغت المدارس سنجهورو جي مہتمم استاد سائين حافظ عبدالقيوم سڪندري صاحب کي مبارڪون.

الحمد لله استاد سائين حافظ عبدالقيوم سڪندري پنهنجي فرزند محمد صالح فقير مهر سان گڏ عمري شريف جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ روان...
07/02/2025

الحمد لله استاد سائين حافظ عبدالقيوم سڪندري پنهنجي فرزند محمد صالح فقير مهر سان گڏ عمري شريف جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ روانا.

مديني وڃڻ وارا      قرب   ڪجو سهڻي نبيﷺ کي منهنجا سلام ڏجوپياري نبيﷺ کي منهنجا سلام  ڏجوالحمدللہ محترم استاد سائين انشاء...
04/02/2025

مديني وڃڻ وارا قرب ڪجو
سهڻي نبيﷺ کي منهنجا سلام ڏجو
پياري نبيﷺ کي منهنجا سلام ڏجو

الحمدللہ محترم استاد سائين انشاء الله 7 فيبروري جمعي جي ڏينهن ڀلي پار روانا ٿيندا اڄ 4 فيبروري تي سنجھورو مدرسه صبغت القرآن شاھ مردان شاھ جي اساتذه ۽ طلباء کان موڪلائي پنهنجي ڳوٺ سوندر ننگر پارڪر روانا ٿيا الله تعالي کا دعا آهي ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صلي الله عليه وسلم جي صدقي سائين جو مبارڪ سفر کي مزيد مبارڪ بڻائي .

03/12/2024

صبغت المدارس سنجهورو جي 13حافظ سڳورن جي دستاربندي ورياماڻي هائوس سنجھورو 22 نومبر 2024

صبغت المدارس سنجھورو جي زير اھتمام ٽن مدرسن صبغت الفرقان شاھ مردان شاھ ڳوٺ بلاول ابوپوٽو ، صبغت الايمان شاھ مردان شاھ ڳو...
07/10/2024

صبغت المدارس سنجھورو جي زير اھتمام ٽن مدرسن صبغت الفرقان شاھ مردان شاھ ڳوٺ بلاول ابوپوٽو ، صبغت الايمان شاھ مردان شاھ ڳوٺ محمد عثمان چانڊيو ۽ صبغت العرفان شاھ مردان شاھ ميھارڪي جي 60 طلباء ۽ طالبات جي درميان حسن قرات ، نعت، تقرير ۽ ڪوئز مقابلو ٿي گذريو. جنھن ۾ سڀني محترم استادن حافظ ميانداد سڪندري ، استاد محمد فضل ڳاھو ، حافظ غلام اصغر سڪندري ، مولانا امير حسن سڪندري ، حافظ عزيز الله سڪندري ۽ حافظ محمد اڪرم سڪندري جي تمام گھڻي محنت شامل ھئي. ان موقعي تي سرپرست خليفه وريام فقير ورياماڻي جن خصوصي شرڪت ڪري شاگردن ۽ استادن کي جي محنت کي ساراھيو ۽ ھمت افزائي ڪئي. خليفي صاحب پاران 60 ھزار ۽ جماعت طرفان 70 ھزار ڪيش انعام ، ايوارڊ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون.
مدرسه جي ھڪ استاد مولانا امير حسن کي عمري جي ٽڪيٽ خليفي سائين جي طرفان ۽ ٻي استاد حافظ غلام اصغر سڪندري کي خليفي سائين ، سيٺ وڪيل احمد ڀاڻوجو ۽ جماعت طرفان عمري جي ٽڪيٽ ڏني وئي. خليفه سائين جي طرفان مدارس جي مھتمم (راقم) کي به عمرہ شريف جي خوشخبري ڏني. صبغت الايمان جي انتظاميه ۽ جماعت طرفان سھڻو انتظام ڪيو ويو. باري تعالي سڀن جي خدمت قبول فرمائي. آمين

21/06/2024

پنجاب جون مثبت ڳالھيون : پنجاب اسان کان ايڊوانس ڇو آھي....؟؟؟
حافظ نصير احمد آرائين، سڪندري سنجھورو منھنجي ابتدائي شاگردن مان آھي، ھن وقت سپريئر يونيورسٽي لاھور ۾ اصول فقہ ۾ ايم فل ڪري رھيو آھي، ان سان گڏ پتوڪي جي ھڪ ڪاٽن فيڪٽري ۾ امامت سان گڏ ھڪ ديني اداري ۾ مدرس طور ڪم ڪري رھيو آھي، جتان کان 50 پلس پگھار سان گڏ گھر، ٻارن جي تعليم ۽ علاج جي سھولت ميسر آھي.
سنجھورو مدرسي ۾ مون جيڪي شاگرد اعليٰ ذھن جا ڏٺا ، انھن کي مشورو ڏنو تہ اوھان فقط مدرسي جي تعليم تائين محدود نہ رھو بلڪ ديني تعليم سان گڏ دنياوي تعليم بہ حاصل ڪريو ۽ ڪوشش ڪريو تہ ديني تعليم بہ جديد علمي ادارن/يونيورسٽين مان حاصل ڪريو. ان جي نتيجي ۾ ڪي شاگرد بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد، ڪي ڪراچي جي جديد ادارن ۾ تہ ڪي وري پنجاب جي مختلف ديني ادارن ۾ تعليم پرائڻ لڳا، ڪافي اڃان پڙھي رھيا آھن.
حافظ صاحب جنھن ديني اداري ۾ پڙھيو ھو سو پتوڪي تعلقي ۾ آھي، جامعة الحبيب، جتي ھڪ ھزار جي لڳ ڀڳ شاگرد جديد ۽ قديم تعليم حاصل ڪري رھيا آھن. جنھن جو باني ۽ پرنسپل (تازو وصال ڪري ويل ) مشھور صوفي شخصيت ، ، علامہ عطا محمد بنديلوي جو شاگرد ، مثنوي رومي حافظ ۽ شارح پير سردار عالم قادري آھي.
حافظ صاحب سان تعليم متعلق خبرن کان پوءِ جڏھن پنجاب جو احوال ورتم تہ حيران ٿي ويس تہ پنجاب اسان کان ايڏو ايڊوانس آھي. سنڌ ۾ لاقانونيت ۽ نڌڻڪائپ وارو ماحول ڏسي يقين ئي نہ پئي آيو.
حافظ ٻڌايو تہ آئون جنھن ڪاٽن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو آھيان، اتي ھر سال بجيٽ ۾ اضافي سان مزدورن جي پگھارن ۾ اضافو ڪيو ويندو آھي، ھن وقت مزدورن کي 37000 روپيا پگھار ملي ٿي، ان سان گڏ مزدورن ۽ ان جي فيملي جو علاج فري آھي، مزدورن جي ٻارن جي تعليم جو خرچ ھي فيڪٽريون /انڊسٽريون ڀرين ٿيون. ٻڌايائين تہ منھنجي ايم فل جو سمورو خرچ فيڪٽري جي طرفان آھي.
ساڳئي فيڪٽري جي ورڪر جون ٻہ نياڻيون اعليٰ تعليم حاصل ڪري سٺي روزگار سان لڳي ويون، انھن جي تعليم جو 40 لکن کان مٿي خرچ فيڪٽري طرفان ڏنو ويو. 50 سال تائين ڪم ڪرڻ جي اجازت آھي، ان بعد پينشن طور 10 ھزار مزدور کي سڄي زندگي ملندا رھن ٿا. جيڪڏھن ڪو مزدور طبعي موت يا حادثاتي طور گذاري وڃي تہ ان جي خاندان جي مالي سھائتا سان گڏ فيملي کي پينشن ملندي رھي ٿي.
علاج ۽ تعليم جي سھولت پنجاب جي سڀ کان سٺن ادارن ۾ ڏني وڃي ٿي.
پنجاب جي سڀني انڊسٽريز جي ليبر EOBI سان لاڳاپيل آھي، مجال آھي جو ڪنھن مزدور سان زيادتي ٿئي.
سال ۾ ھڪ ڀيرو بونس سان گڏ ، جيئن ئي نوٽيفيڪشن نڪرندو آھي تہ پگھار ۾ اضافو ڪيو ويندو آھي، عمران خان جي دور ۾ ان تي عمل ڏينھن ۾ ٿيندو ھو ھاڻ ڪجھ مھينا لڳي وڃن ٿا.
مٿيون ڳالھيون پڙھي اسان سمجھي سگھون ٿا تہ پنجاب اسان کان اڳتي ڇو آھي..؟؟ ۽ سونھاري سنڌ جي سموري صورتحال اسان جي سامھون آھي.

03/04/2024

سبحان اللہ

Address

Sinjhoro

Telephone

+923337020784

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sibghat ul Madaris Sinjhoro posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category