Sindh Academy for Literature & Arts

Sindh Academy for Literature & Arts

Share

Sindh Academy for Literature and Arts (SALA) is a volunteer organization working to serve Sindh through information technology in Sindhi Language.

Photos from Sindh Academy for Literature & Arts's post 02/10/2021
08/04/2021

سلسلو: سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت نظريا
(ايم. اي- ايم. فل- پي ايڇ. ڊي سنڌيءَ جي شاگردن لاءِ)

5. پنجون نظريو: ڊاڪٽر غلام علي الانا

سنڌي صوتيات جي علم تي سنڌ جو سنڌي لسانيات جو واحد ماهر عالم ۽ ڄاڻو ڊاڪٽر غلام علي الانا آهي. هن محقق سنڌي ٻوليءَ تي سائنسي انداز سان تحقيق ڪندي ڪي نتيجا آندا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي نقطه نظر موجب سنڌي ٻولي هر لحاظ کان غير آريائي ٻولي آهي، هن جون پاڙون سنڌو ماٿر واري تهذيب ۾ کتل آهن، موجوده سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد سنڌو ماٿر واري اها قديم ٻولي آهي، جيڪا هن ماٿر جا رهواسي لوڪ پنهنجي روزاني ڪار وهنوار، اٿڻي ويهڻي ۽ وڻج واپار جي ڏي وٺ ۾ روزانو ڪم آڻيندا هئا. سنڌو ماٿر جا اهي لوڪ ۽ سندن تهذيب ۽ تمدن هن واديءَ ۾ ڪٿان ٻاهران لڏي آيل لوڪن جي تهذيب ۽ تمدن ڪانهي، پر هي ماڻهو هن واديءَ جا اصلوڪا ۽ بنيادي رهاڪو آهن. هنن ماڻهن ۽ سندن تهذيب ۽ تمدن هن واديءَ ۾ ئي جنم ورتو. سندن ٻولي هن سرزمين ۾ ئي انهن لوڪن ۽ سندن سماجي اوسر سان گڏ اڀري، اسري، وڌي ۽ ويجھي. هن ماٿر جو اصلوڪو نالو سئنڌو/ سئنڌئي/ سنڌ سڏيو ويندو هو ۽ سندن ٻوليءَ کي سئنڌوئي/ سئنڌئي/ سنڌي سڏيندا هئا. ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ متعلق سائنسي دليلن سان تحقيق ڪري ڪي نتيجا ڪڍيا آهن. سندس چوڻ موجب ته، ان وقت جيئن ته سنڌ ملڪ جو خطو وسيع ايراضيءَ تي ڦهليل هوندو هو، ان وقت هتان جي اصلوڪي ٻوليءَ جون نوَ (9) شاخون هيون، جيڪي ملڪ جي مختلف حصن ۾ شاخن جي صورت ۾ ڳالهايون وينديون هيون. انهن ۾ (1) هڪ ’سئنڌئي‘ يعني سنڌي سڏبي هئي، جيڪا جاگرافيائي طور سنڌو ماٿري جي ڏاکڻي حصي ۾ سامونڊي ڪناري تائين ڳالهائي ويندي هئي ۽ ماڻهن جي روزاني جي ڪاروهنوار ۽ رابطي جي ٻولي هئي. (2) هن ٻوليءَ جي ٻي شاخ سنڌو ماٿريءَ جي اتر واري حصي يعني ڪشمير جي واديءَ ۾ ڳالهائي ويندي هئي. (3) ٽي شاخ داردستان ۽ ڪشمير جي حدن تائين هڙاپا وارن آثارن جي علائقي ۾ رائج هئي، ان کي داردي زبان به چون ٿا. (4) چوٿين لهندي شاخ، اها اڳتي هلي سرائيڪي، ملتاني، هندڪي، پوٺوهاري، شاهپوري ۽ ڌني لهجن ۾ ورهائجي وئي، جن کي هن وقت زبانن واري حيثيت حاصل آهي. (5) پنجين شاخ اڀرندي، جيڪا لوٿل کان اڳتي اوڀرندي پاسي نرمدا نديءَ تائين ڳالهائجڻ ۾ ايندي رهي. هيءَ شاخ ڌار ڌار ٻولين ۾ ورهايل هئي، جن ۾ بيڪانيري، جيسلميري، ڍاٽڪي، مارواڙي، ميواڙي، ٻيلي وغيره اچي پئي ويون. (6) ڇهين شاخ ۾ اتر- اوڀر طرف هرياڻا ۾ ڳالهائجندڙ بانگڙو، باگڙي وغيره جهڙيون ٻوليون شامل هيون. (7) هن شاخ کي ڏکڻ اوڀر واري شاخ چئجي ٿو. گجراتي، پارڪري، ڪڇي، سوراشٽري (ڪاٺياواڙي) وغيره ٻوليون ان جا لهجا هيون، جيڪي اڳتي هلي ٻوليون ٿيون ۽ هن وقت وڏي آدمشماري هي ٻوليون ڳالهائي رهي آهي. (8) بروهي ٻولي به سئنڌوئي جي شاخن مان آهي، جيڪا لهندي شاخ واري علائقي جي ڏاکڻين حصي يعني هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلو علائقن واري حصي ۾ هئي ۽ هينئر پڻ بروهڪي جاتيءَ ۾ رائج آهي. (9) نائين شاخ قديم دراوڙي ٻولي هئي، جيڪا هينئر موجود دراوڙي ٻولين جي ماءُ ليکجڻ ۾ اچي ٿي ۽ ان مان ئي جديد دراوڙي ٻوليون ڦُٽي نڪتيون، اهي ٻوليون [تامل، تيليگو، ڪنڙ وغيره] هندستان ۾ موجود آهن.
اهو يقين ڄاڻڻ گھرجي ته صوتي ۽ وياڪرڻي هڪجهڙاين عيوض دراوڙي ٻوليون سنڌو ماٿر جي قديم تهذيب واريون ٻوليون آهن. سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل تحقيقي نتيجن ۾ ڪجھه عالمن موجوده سنڌيءَ بابت راءِ ڏيندي ڄاڻايو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورت يارهين صديءَ کانپوءِ جي برپا ٿيل آهي، نه ته ان کان اڳ ۾ ڪنهن به قياس آرائيءَ کان ڪم وٺي اڳ واري سنڌي ٻوليءَ کي هاڻوڪي ٻوليءَ جي صورت سان ملائي نه ٿو سگھجي. ان سلسلي ۾ نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته، “سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ وارو بنيادي دور راءِ گھراڻي، برهمڻ گھراڻي ۽ عربي حڪومت جي عرصي وارو دور آهي، جو ٿلهي ليکي عيسوي پنجين صديءَ کان وٺي يارهين صديءَ جي آخر تائين سمجھڻ گھرجي. هن دور ۾ موجوده سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل ٿي. انهيءَ کان اڳ واري دور کي اسان سنڌي ٻولي يا ٻولين وارو دور چونداسين، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڪو به يقيني دليل موجود نه آهي ته راءِ گھراڻي جي حڪومت کان اڳ، يعني پنجين صديءَ کان اڳ ۾ موجوده سنڌي ٻوليءَ جو خاڪو موجود هو.
سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي هئڻ نه هئڻ ۽ موجوده سنڌيءَ جي صوتي، صرفي ۽ نحوي بناوت ۽ صوتياتي سٽاءَ ۽ اڳ واري سنڌيءَ جا اهڃاڻ ساڳيا هئڻ يا نه هئڻ واري علمي مونجھاري تي ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، پروفيسر جھمٽمل ڀاوناڻي،
ديوان پرم ابيچنداڻي، پوپٽي هيراننداڻي، سراج الحق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا هن وقت رائج سنڌي ۽ آڳاٽي سنڌيءَ جي لاڳاپي ۽ ساڳئي هئڻ بابت پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن.
ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ، ڀرت مُنيءَ (Bharat Muni) جي ڪتاب ‘ناٽيه شاستر’ ۾ سنڌو سؤوير ديش جي ماڻهن جي معاشري ۾ رائج ٻوليءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جا حوالا ڏنا آهن. اهڙي طرح ‘آچاريه اڌيوتن’ (Udhyotana) نالي آڳاٽي دور جي ليکڪ سنڌو سؤوير ديش کي سئنڌواس (Saindhavas) ۽ سئنڌوس جي ماڻهن کي ڪتاب ‘ڪُواليه مالا ڪٿا’ (Kuvalayamala Katha) (779ع) ۾ ذڪر هيٺ آندو آهي. اڌيوتن ڪتاب ۾ شامل ڪيل ٻين ديش ڀاشائن مان ‘سئنڌوس ديش’ جي ڀاشا (ٻوليءَ) کي خاص اهميت ڏني آهي.
پروفيسر جھمٽمل ڀاوناڻيءَ موجوده سنڌيءَ کي يارهين عيسوي صديءَ کانپوءِ اسريل ٻولي سڏڻ واري نقطه نظر متعلق لکي ٿو ته: اپڀرنش مان جدا جدا ديش ڀاشائون، جهڙوڪ: گجراتي ۽ هندي وغيره ڇڄي ڌار ٿيون، اها ئي ڀاشا يارهين صدي عيسويءَ ۾ شروع ٿي. پر پوءِ به گھٽ ۾ گھٽ ٻه صديون پوءِ سنڌ ۽ اولهه راجسٿان جي لوڪن جي عام وهنوار واري ڀاشا ۾ گھڻو ڦيرو نه آيو ۽ عام خلق جي ٻولي سنڌي هلندي آئي.
پوپٽي هيراننداڻيءَ پنهنجي ڪتاب ‘ڀاشا شاستر’ ۾ صفحي 207 ۽ 208 تي جين ڌرم جي ڊگمبر پنٿ جي ليکڪ آچاريه اڌيوتن جي ڪتاب ‘ڪُواليه مالا ڪٿا’ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته: آچاريه اڌيوتن پنهنجي ڪتاب ۾ اٺين صدي عيسويءَ دوران ۽ ان کان اڳ ۾ ڀارت ديس جي ڌار ڌار ديسن ۾ چالو مختلف ٻولين جو ذڪر ڪيو آهي. تن ۾ سنڌي به موجود آهي. آچاريه سنڌيءَ جي ساراهه ڪجھه سرس ڪئي آهي ۽ لکيو آهي ته:
سَلِلَت مِدُ مَنَد پئي، گَنڌ وو پئي سديِس گَيچتِي،
چَئُڊيدَ مي ڀيڙَي سـُهِڻي آههَ سِنڌوي دِٺِي.
[معنيٰ: نزاڪت سان، ميٺاج سان، ڍلي ڍار سان، ڳائڻ کي پيار ڪندڙ، پنهنجو ديس چت ۾ رکندڙ چوندا، سٺو ڳائيندا، اهي سينڌي اسان ڏٺا.]
اڌيوتن پنهنجي ڪتاب ۾ 16 ٻولين جا نالا درج ڪيا آهن ۽ هر هڪ ٻوليءَ لاءِ ٻه ٻه سٽون لکيون آهي. ان مان چٽي ثابتي ملي ٿي ته سنڌي ٻولي اٺين صدي عيسويءَ کان اڳ ۾ به پنهنجي عروج تي هئي. سنڌيءَ لاءِ اهو چوڻ قطعي غلط ٿيندو ته ان موجوده صورت يارهين صدي عيسويءَ کانپوءِ ورتي. ٻين صدي عيسويءَ جي نامور ليکڪ ڀرت منيءَ به پنهنجي ڪتاب ‘ناٽيه شاستر’ ۾ سنڌو سؤوير ديش جي ماڻهن جي معاشري ۾ رائج ٻوليءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان به پتو پوي ٿو ته قديم سئنڌو ديش (سنڌ ملڪ) ۾ رائج ٻولي سنڌي هئي، جنهن ۾ پنهنجون خوبيون ۽ خصلتون شروع کان هيون.
سنڌي ٻوليءَ پنهنجي ديس جي حالتن وانگر لاها چاڙها ضرور ڏٺا آهن، پوءِ به هيءَ ٻولي هتان جي اصلوڪي ٻولي رهي آهي، جيڪا ابتدا کان وٺي سنڌي سڏبي اچي. سنڌي ٻولي صوتي لحاظ کان ڀرپور ۽ رچيل ٻولي آهي، جنهن ۾ دنيا جي اڪثر ٻولين جا اچار اُچارجي سگهن ٿا. هيءَ ٻولي هند- يورپي خاندان جي ٻين ٻولين وانگر هڪ قديم ترين ٻولي آهي. هن ٻوليءَ مان ئي ويدڪ ڌرم جنم ورتو ۽ سنڌو درياهه جي ڪناري ويد لکيا ويا. اڳتي هلي سنسڪرت واري زماني ۾ به هن ٻوليءَ سنسڪرت جي گوناگونيت مان لاڀ ورتو ۽ پنهنجو پاڻ زندهه رکيو.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ جديد تحقيق جي تناظر ۾ پختيون ثابتيون ملن ٿيون ته هيءَ ٻولي موهن جي دڙي جي تهذيب کان به گھڻو آڳاٽي ڪار وهنوار جي ٻولي رهي، جنهن جي ڳالهائيندڙن جي تهذيب جي اوج جو زمانو موهن جي دڙي جي تهذيب هئي. ان کانپوءِ به هيءَ ٻولي سنڌ جي ماڻهن ۽ اصلوڪن رهاڪن جي عام واهپي جي زبان رهي.
هڪ رايو هي آهي ته عربن جي اچڻ بعد سنڌ جي علم ادب کي ويدڪ ۽ هندو ڌرم جو ادب قرار ڏئي تاراج ڪيو ويو. سر هينري ڪزنس ان بابت لکي ٿو ته: “عربن سڀ ڪجھه ڊاهي ڇڏيو، ٺاهيو ڪجھه به نه..!” ان سموري ماجرا باوجود سنڌي ٻولي سنڌ جي عام لوڪن جي واهپي هيٺ رهندي آئي، جنهن متعلق عرب سفرناما نويسن ۽ سياحن گهڻو ڪجهه لکيو آهي. ان زماني ۾ سنڌيءَ جي آڳاٽي عالم ‘ڀونگر’ جو علم نجوم تي لکيل ڪتاب ‘الفضاري’ نالي سان عرب ترجمي نويسن عربيءَ ۾ آندو ۽ ان جو نالو ‘سنڌ- هند’ رکيائون.

حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

08/04/2021

سلسلو: سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت نظريا
(ايم. اي، ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي سنڌيءَ جي شاگردن لاءِ)

(4) ڇوٿون نظريو: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پروٽو- انڊو يورپين نسل جي ٻولي مڃڻو پوندو ۽ انهيءَ مان موجوده سنڌيءَ جي وڪاس يا ارتقا مڃڻي پوندي. هو اهو به لکي ٿو ته: جيتري قدر وچ واري هند- آريائي (Middle indo-Aryan) جي حيثيت جو واسطو آهي. موجوده سنڌي ناگر يا شؤرسيني اپڀرنش سان گھڻي هڪجهڙائي ڏيکاري ٿي. جيڪا شؤرسيني اپڀرنش هندستان جي ان زماني ۾ ساهتيه (ادبي) ٻولي هئي، جيڪو زمانو آريائي ٻولين جي وجود کان اڳ جو هو. پر اسان وٽ لکت ۾ اهڙو ڪوبه رڪارڊ موجود ناهي، جيڪو ناگر اپڀرنش جي هڪ مقامي لهجي جي مختلف خصوصيتن جي اڀياس ۾ اسان جي مدد ڪري. ڇاڪاڻ ته اپڀرنش سنڌو ماٿر جي هيٺئين خطي، جتان سنڌي ٻولي هڪ نئين هند -آريائي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ اٽڪل 1000ع ڌاري، وجود ۾ آئي ۽ اسري. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:
“سنڌي ٻوليءَ جي بناوت ۽ گردانن جا اهڙا گڻ آهن، جن مان اسان کي وڌيڪ ثابتي ملي ٿي ته سنڌي ٻولي ۽ قديم هند آريائي ٻوليءَ جي وچ ۾ ڪو ويجھو سنٻنڌ ضرور آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي لغت ۽ لفظي معنيٰ مان ظاهر ٿئي ٿو. ان ريت ڊاڪٽر جيٽلي جي راءِ سنڌيءَ کي آريائي (هند- آريائي) ٻولي مڃڻ واري آهي.”
ڊاڪٽر ايس آر راؤ جي راءِ موجب ته سنڌي ٻولي ويدن واري ٻوليءَ کان به اڳ جي ٻولي آهي. ان بابت هو ‘سنڌو لکت’ (Indus Script) جي صفحي 37 تي لکي ٿو ته، “سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ پد وارن لفظن جي گهڻائي آهي ۽ هڪ پد وارن نالن جي گھڻائيءَ مان اسان کي پتو پوي ٿو ته هيءَ ٻولي ويدن کان به گھڻي پراڻي آهي.” اهڙيءَ ريت هن لسانياتي ماهر جي نظريي موجب سنڌي ٻولي، رگ ويد جي زماني کان به اڳ جي ٻولي آهي، جنهن جو واسطو قديم هند- آريائي ٻوليءَ سان رهيو آهي. هن عالم جي تحقيق موجب سنڌو ماٿر جي تهذيب ۾ ويدن واري زماني کان به اڳ ۾ هند- آريائي نسل جون ڪي ذاتيون يا ان نسل جا ڪي ماڻهو آباد هئا.
ان کان پوءِ پنڊت دوارڪا پرشاد جو نظريو به اهميت لهڻي، سندس نظريو ڪن چند اختلافي ۽ غير مستند دليلن کي ڇڏي، باقي سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت سنڌو ماٿريءَ جي ڪک مان ئي ڦٽي اوسر ماڻي هيل تائين جيئدان وٺي پهتل ٻوليءَ واري ڪڍيل نتيجي تي بيهي ٿو. هن صاحب 1944ع ۾ ‘سنڌ پراچين اتهاس’ نالي ڪتاب ڇپايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل متعلق پنهنجي راءِ قائم ڪئي. هي پنهنجي ساڳئي ڪتاب ‘سنڌو لکت’ جي صفحي 135 تي لکي ٿو ته: مون کي وشواس آهي ته اسان جي سنڌو سڀيتا، ڌارين ملڪن جي درخت جي شاخ نه بلڪ انهن جو بنياد آهي. يعني سميري ۽ مصري سڀيتا، ان جي سنڌو يعني ڀارت ورش جي سڀيتا جا ميوا آهن. هن صاحب موجب موهن جي دڙي جا ماڻهو ويدڪ هندو آريا هئا، جن جو انداز هاڻوڪن هندن جي وڏن جو هو ۽ اڳتي انهن جي ئي سڀيتا ۾ وقت گذرڻ سان انقلابي تبديليون سرزد ٿينديون آيون آهن. هن موجب ته آريا ڪنهن ٻاهرين نسل جا ماڻهو نه بلڪ هن ئي موهن جي دڙي جي تهذيب ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ انهن جا ابا ڏاڏا هئا. هن جو نظريو پڻ سنڌيءَ کي آريائي نسل جي ٻولي سمجهڻ وارو آهي.
هند جو مشهور لسانياتي ماهر ڊاڪٽر ڪرشنا راءِ به سنڌو تهذيب ۽ هتي جي ماڻهن جي ٻولي ۽ اصل نسل بابت ان راءِ جو آهي ته: سنڌو ماٿر جي لکت جي پڙهڻيءَ مان ثابت ٿيو آهي ته سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ اصلوڪي قوم ‘آريا’ ۽ ‘اشور’ هڪ گڏيل نسل واري اها قوم هئا، جنهن جو اصل نسل، تهذيب ۽ تمدن ساڳئي ئي بڻ بڻياد وارو هو. اها جاتي سنڌو ماٿر ۾ ڪٿان ٻاهران آيل ڪا نئين جاتي (New comers) نه آهي، پر اها قوم ۽ ان جا ماڻهو جُڳن کان هن ئي سرزمين سنڌو ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو آهن.
سنڌي ٻوليءَ بابت سنڌ ۽ هند جي ٻين عالمن ۽ اديبن: گنگارام سمراٽ، سوامي شنڪر آنند، پوپٽي هيراننداڻي، ڊاڪٽر ڪشنچند جيٽلي، ايم. ايڇ پنهور، هيري ٺڪر، ٻلديو مٽلاڻي، منوهر مٽلاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي لائق محققن پنهنجا رايا ڏنا آهن، جن جو تفصيل وار ذڪر اڳتي ايندو.

حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

08/04/2021

سلسلو: سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت نظريا
(ايم. اي- ايم. فل- پي ايڇ. ڊي سنڌيءَ جي شاگردن لاءِ)
3. ٽيون نظريو: سراج (سراج الحق ميمڻ)

سـنـڌي ٻـولـيءَ بابت اڳ ٿيل تحـقيـق جي روشنيءَ ۾ برک اديب سراج ميمڻ ‘سنڌي ٻولي’ نالي هڪ ڪتاب (1964ع) لکيو ۽ نظريو قائم ڪيو ته “سنڌي ٻولي ته پنهنجي اصلوڪي مٽيءَ مان ڳوهجي نڪتي، پر مشرق توڙي مغرب جي تهذيبن ۽ ٻولين جو به اصل مقام ۽ بنياد سنڌو ماٿر آهي.” هن ڪن سائنسي ۽ علمي بنيادن تي پهريون ڀيرو آرين واري نظريي کي افسانوي ۽ جرمن عالمن جي ذهنن جو اختراع قرار ڏنو. هن ئي پهريون ڀيرو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ جي تهذيب تي سمير ۽ بابل جي تهذيب جو اثر هئڻ بجاءِ الٽو سنڌ جي تهذيبن يعني موهن جي دڙي ۽ هڙاپا وارين سنڌو سڀيتا جا انهن تي اثر واضح ۽ نمايان آهن. هن پنهنجي کوج ۽ علمي پد سان سنڌيءَ لاءِ واضح طور هيءُ نظريو قائم ڪيو ته: “سنڌي قديم وقت کان نج نبار، الڳ ٿلڳ، صرفي ۽ نحوي خوبين سميت اڪيچار لسانياتي خوبين سان مالامال رهندي پئي آئي آهي.” هن ٻين نظرين کي رد ڪندي اهو ثابت ڪيو ته سنڌي سنسڪرت ڄائي نه، بلڪ خود سنسڪرت تي سنڌيءَ جو لفظي ذخيري طور وڏو قرض آهي. سراج ميمڻ اهو به لکيو ته، “سنڌي ٻولي جيڪڏهن سنسڪرت جي لفظن جي مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو ان کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت ته هڪ طرح سان سڌي نه، پر اڻ سڌي طرح سنڌيءَ جي ڄائي آهي.” ان بحث ۾ هن دليل ڏنا ته: ”اسان جي ٻوليءَ جا اچار صوتي لحاظ کان اصلوڪا آهن، اوهين هندستان جي ڪنهن به حصي جي رهاڪوءَ بلڪ دنيا جي ڪنهن به ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ کان ‘ڳ، ڱ، ڄ، ڃ’ اُچارائي ڏسو ته هو ‘وڃ کي ونج’، ‘سڱ کي سنگ’، ‘ڳالهه کي ڳالهه’ وغيره جي اچار ۾ ورنائيندو.
سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ان مان به پرکي سگھجي ٿي ته اتر هندستان جي اڪثر ٻولين ۾ سنڌيءَ جو اثر وڌيڪ نمايان آهي ۽ ائين ٿيو به آهي ته نئين صورت ۾ آيل ٻوليون وري سنڌيءَ ٻوليءَ تي به اثر انداز ٿيون آهن. ان جو سبب يا ته ڪن پرانهن ديسن جي ماڻهن جو هتي سياسي تسلط برپا ٿيڻ واري حالت هئي يا وري سنڌ ديس سان انهن ڏيهن جي ماڻهن جي واپاري ۽ معاشي ڏي وٺ ۽ رابطو هو. سنسڪرت جو اثر موٽ ۾ ان طرح ئي سنڌيءَ تي ٿيو آهي. پر اُن اثر جي اهميت اها ناهي، جيڪا ان کي ڏني وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌي سنسڪرت کان اڳ ۾ پنهنجي مڪمل صورت اختيار ڪري چڪي هئي.“
سراج، سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوت، فعلن ۽ اسمن جي عدد جنس ۽ فعلي صورتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڦيرين گھيرين جو به تفصيلي ذڪر آڻي، سنڌيءَ جي اصلوڪي ٻولي هئڻ بابت پختا دليل ڏيندي، عربيءَ جو فقط ان تي اثر هئڻ جون ثابتيون ڏنيون آهن. سنڌي ٻوليءَ تي عربيءَ جي اثر هئڻ ۽ سنڌيءَ جي گھڻي تڻي بناوت کي عربيءَ جي مرهون منت ثابت ڪرڻ وارين دعوائن تي هن عالم راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”صوتي نظام (Phonetic system) زبانن جو اهڙو اهڃاڻ آهي، جو يقيني طرح ٻڌائي سگھي ٿو ته ڪا زبان بنيادي طرح اصلوڪي زبان آهي يا ڪنهن زبان جي اپڀاشا يا پراڪرت. هڪڙي عالم کي اهو شڪ نه پر پڪ آهي ته سنڌيءَ ۾ عربن جي اچڻ کان اڳ حروف علت هئا ئي ڪونه ۽ عربيءَ اسان تي وڏو احسان ڪري ’الف، و ۽ ي‘ حرف علت اڌارا ڏنا. تڏهن وڃي اسان جي ٻولي جڙي راس ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌيءَ جا اصل حرف علت لکجن ٿا:
اَ، اِ، اُ، آ، اي، ايِ، ايَ، او، اوُ، اوَ، اَئــُو،
Aaoo, ao, uo, o ai ay, ee, aa, u, I, a
جنهن صاحب مٿين راءِ [ا، و، ي، حرف علت واري] قائم ڪئي، ان جيڪڏهن هنن حرف علتن جي هيٺان هن ريت انگريزيءَ جا حرف لکي جانچي ڏٺا هجن ها ته يقيني طور مٿين راءِ قائم نه ڪري ها. فاضل محقق ان راءِ جي پٺڀرائيءَ ۾ ‘ڪڪڙ’ ۽ ‘گدڙ’ جا مثال ڏنا آهن ته هي لفظ رڳو حروفِ صحيح جا مجموعا آهن، پر جيڪڏهن غور ڪجي ته انهن لفظن ۾ ٽن حروف صحيح کان سواءِ به اوترائي حرف علت موجود آهن. انهن ئي لفظن کي رومن انگريزيءَ ۾ هيئن لکبو:
گِدَڙُ Gidaru
ڪــُڪــُڙُ kukuru
سراج الحق ميمڻ پنهنجي تحقيقي نتيجي ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻولي ئي آهي، جيڪا صوتي لحاظ کان ڀرپور ۽ رچيل ٻولي آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر هند- يورپي ٻولين مان به ڪن ۾ ڪي اهڙا اچار نه آهن، جيڪي فقط سنڌيءَ ۾ ئي ملن ٿا. ان ٻوليءَ کي ڪنهن ٻوليءَ مان ڄاول يا ايترو مقروض قرار ڏيڻ ته اها ٻولي فقط ڪن ٻين ڌارين ٻولين جي مرهون منت آهي، اها سراسر نا انصافي ٿيندي.
ڊاڪٽر ٽرمپ ‘گرامر آف سنڌي لئنگئيج’ (1872ع) ۾ لکيو آهي ته، “هيءَ سنڌي زبان سنسڪرت سان لاڳاپيل ضرور نظر اچي ٿي، پر هن زبان ۾ ڪي اصلوڪيون خوبيون اهڙيون آهن، جيڪي سنسڪرت ۾ ڪونهن ۽ نه رڳو ايترو، پر تفصيلي طرح ڏٺو وڃي ته هن زبان جو اندروني مزاج ئي جداگانه ۽ انفرادي آهي.”
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ڪن عالمن لکيو آهي ته دراصل اهو به سنڌيءَ جي اصلوڪي ٻولي هئڻ واري حيثيت کان واقف هو، پر سياسي مصلحت سبب ’مٺي به ماٺ‘ وارو پهلو اپنائي خاموش رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي نامور محققن: ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، پنڊت دوارڪا پرشاد شرما، عين الحق فريد ڪوٽي، ڊاڪٽر مهرالحق، ڊاڪٽر محمد رفيق مغل، ڊاڪٽر جي مارڪ ڪنائر ۽ ڪن ٻين عالمن پنهنجي تحقيقي نتيجن ۾ سنڌو ماٿر جي تهذيب ۽ ان جي ٻولي ’سنڌي ٻوليءَ‘ کي اصلوڪي، هتي ئي وڌيل ويجھيل، عروج ۽ زوال ڏسندڙ تهذيب قرار ڏيڻ سميت آرين واري ڳالهه کي مفروضو قرار ڏنو آهي.

حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

08/04/2021

سلسلو: سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت نظريا
(ايم. اي- ايم. فل- پي ايڇ. ڊي سنڌيءَ جي شاگردن لاءِ)

2. بيون نظريو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

هن نظريي جو محرڪ سنڌي ٻوليءَ جو نامور عالم ۽ فاضل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي، جنهن پهريون ڀيرو دعويٰ ڪئي ته سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه آهي، بلڪ مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اسري نڪتي آهي. هن جو بڻ بڻياد سنڌو ماٿر جي سنسڪرت کان اڳ واري دور جي ڪا هند- ايراني ٻولي آهي. لهندا ۽ ڪشميري ان جون ڀينرون معلوم ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته انهن سڀني ٻولين ۾ داردي ٻولين واريون هڪجهڙيون خصوصيتون موجود آهن. سنڌ جي قديم تمدن جي زبان شايد ‘سامي سٿ’ جي هئي، جنهن تي اوائلي اثر منڊا، دراوڙي ۽ ايراني زبانن جا ۽ بعد ۾ داردي زبانن جا پيا هوندا. سنڌ جي ٻولي يا ٻولين تي سنسڪرت جو اثر دير سان پالي محاوري جي واسطي سان پيو هوندو. مگر انهيءَ عرصي ۾ اولهه ۽ اتر وارين زبانن، جھڙوڪ: ايراني، يوناني، ترڪي ۽ دارديءَ جو پڻ اثر ٿيو. انهن اثرن کان سواءِ سنڌ جي ٻوليءَ يا ٻولين مان اسريل سنڌي ٻوليءَ جي ذاتي اصليت خواه تاريخي حقيقت سنسڪرت ۽ ان جي پراڪرت ٻولين کان نرالي هئي. انهيءَ ڪري ئي سنڌي ٻولي ٻين پراڪرت ٻولين جي ڀيٽ ۾ هڪ نرالي نوعيت ورتي.
ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت تفصيلي بحث ڪندي وڌيڪ لکيو آهي ته، سنڌيءَ کان سواءِ ٻيون پراڪرت ٻوليون، جيڪي پنهنجي ٻئي ارتقائي دور مان گذري وڌيڪ بگڙيون، انهن ٻولين کان آڳاٽن نمونن کي ’اپڀرنش يعني معيار کان ڪريل‘ وغيره چيو ويو. انهن ۽ اهڙن ٻين نمونن جي پرک جو معيار سنسڪرت سان ويجھڙائپ ۽ مناسبت هو. پر سنڌي ٻولي، جيڪا پنهنجي اصلي سنجٽ ۽ سٽاءَ ۾ نرالي هئي ۽ جنهن تي هندستاني پراڪرتن جي ڀيٽ ۾ مغربي ۽ شمالي ٻولين جا اثر وڌيڪ پيا هئا، سا انهيءَ معياري پرک موجب ته گھڻو بگڙيل هئي، انهيءَ ڪري ڪن محققن جي چوڻ موجب جنهن ٻوليءَ کي اُنهن نحوين (گرامر نويسن) ‘وراچڊ اپڀرنش’ يعني گھڻو بگڙيل سڏيو، سا سنڌي ٻولي هئي.
اڳ ڪيل پنهنجي تحقيق جي انهيءَ نقطه نظر کي ڊاڪٽر بلوچ رد ڪندي لکيو آهي ته، حقيقت ۾ وراچڊ اپڀرنش جو نالو، سنڌي ٻولي، يعني سنڌ واري خطي کان گھڻو مٿي، اتر واري خطي جي ڪنهن ٻوليءَ تي اچي سگھي ٿو ۽ نه سنڌي ٻوليءَ تي. ڇاڪاڻ ته وراچڊ اپڀرنش جي اصطلاح ۾ سنسڪرت سان مناسبت ملحوظ آهي.
اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت جيڪي خيال ظاهر ڪيا ۽ پنهنجي تحقيقي ميراث ۾ ’سنڌين جي ماءُ ٻولي‘ جي تاريخ کي هڪ نئون رخ ڏنو، جيڪو اڳينءَ تحقيق جي ڀيٽ ۾ قابل قدر اضافو آهي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي پهرينءَ راءِ ۾ اظهار ڪيو هو ته، موجوده سنڌي ٻولي سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل ناهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اسري. اها هند- آريائي ٻولي آهي، لهاذا سرائڪي، بهاولپوري، ملتاني، ديريوالي، هندڪو، ڪشميري ۽ اترئين سنڌ ماٿر جون داردي ٻوليون ان جون ڀينرون آهن. ان کانپوءِ ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي نقطه نظر ۾ ڪن تحقيقي نتيجن کي سامهون رکي، سنڌي ٻوليءَ کي ’سامي صفت‘ ٻولين مان هڪ ٻولي هئڻ قرار ڏنو ۽ لکيو ته، ”سنڌ جو هيءُ قديم تمدن هڪ قسم جو غير آريائي تمدن آهي ۽ انهيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو ته قديم سنڌي تمدن جي ٻولي به ڪا غير آريائي يا سامي صفت زبان هئي، جا سنڌ ملڪ جي اوائلي زبانن منجھان هئي. انهيءَ جا مسخ شده نشان مئن [موهن] جي دڙي مان لڌل مهرن تي موجود آهن.”
پنهنجي ان تحقيقي ڪم ۾ ڊاڪٽر صاحب سامي صفت زبانن جي وصف بيان ڪندي ڄاڻايو آهي ته، “سرياني، عبراني ۽ حبشي زبانن کي عام اصطلاح ۾ سامي زبانون سڏيو وڃي ٿو، سامي صفت معنيٰ: انهن ٻولين سان مشابهه، انهن ٻولين جهڙي.”
ڊاڪٽر بلوچ جي ان نظريي تي سڀ کان پهريان ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻيءَ تنقيد ڪئي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌي ٻولي سامي صفت ٻولي ناهي، بلڪ دراوڙي، عربي، فارسي ۽ داردي ٻولين جا اثر سنڌي ٻوليءَ تي آهن ۽ انهن کي فقط اثر هئڻ تائين وٺجي ته بهتر ٿيندو. ڊاڪٽر بلوچ جي ان راءِ تي ڊاڪٽر يشوڌرا واڌواڻيءَ به ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي.

حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار اداراو

Photos from Sindh Academy for Literature & Arts's post 08/04/2021

سلسلو: سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت نظريا
(ايم. اي- ايم. فل- پي ايڇ. ڊي سنڌيءَ جي شاگردن لاءِ)

1. پهريون نظريو: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، مرزا قليچ بيگ، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، جي ايم سيد، ڪشنچند جيٽلي ۽ ڪي ٻيا سنڌي ٻوليءَ جا عالم

هن نظريي جو محرڪ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ هو ۽ ٿوري گھڻي فرق سان مرزا قليچ بيگ، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، جي ايم سيد، ڪشنچند جيٽلي ۽ ڪي ٻيا سنڌي ٻوليءَ جا عالم هن نظريي سان سهمت رهيا آهن.

هن نظريي موجب سنڌي ٻولي سنسڪرت مان پراڪرت، پالي، شؤرسيني، اپڀرنش ۽ پوءِ اپڀرنش مان وراچڊ اپڀرنش جي معرفت يارهين صدي عيسويءَ ڌاري هاڻوڪي صورت اختيار ڪئي. مطلب ته سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل آهي.

Photos from Sindh Academy for Literature & Arts's post 08/04/2021

پراڪرت ٻولي يا پراڪرت ٻوليون ڇا آهن؟
ايم اي (سنڌي)، ايم. فل ۽ پي اي. ڊي (سنڌي) جي شاگردن لاءِ

پراڪرت جو لفظ ”پَرڪرتي“ يعني ”فطرت“ مان نڪتو آهي. پراڪرت اولهه هندستان جي لوڪن جي اصلوڪين ٻولين جو گڏيل نالو آهي. هر خطي جي پنهنجي پنهنجي پراڪرت هئي ۽ ان جو پنهنجو نالو هو، پراڪرت ٻوليءَ جو هڪ عوامي روپ هو. ڪن عالمن جو خيال آهي ته پراڪرت، سنسڪرت مان نڪتل ٻولي آهي، پر ٻنهي ٻولين ۽ ادب جي گڏيل پهلوئن تي غور ڪرڻ کان پوءِ عالم اهو خيال ڏيکارين ٿا ته پراڪرت، سنسڪرت ٻـوليءَ مـان نه نڪتـي آهي، ڇو سنسڪرت ’سنـواريـل ٻـولـي‘ (Refined Polished Language) آهي، جڏهن ته پراڪرت جو وڏو ماهر هيم چندر انهيءَ نُڪتي جي حمايت نٿو ڪري. ان جي باوجود ڪيترائي عالم اهو سمجهن ٿا ته پراڪرت ۽ سنسڪرت ٻنهي ٻولين جون صورتون برابر هڪ ئي وقت ڳالهايون ويون آهن. البت پراڪرت عام ماڻهن ۽ سنسڪرت اوچين ذاتين ۽ پنڊتن جي ٻولي هئي، ان جو ثبوت اسان کي سنسڪرت جي ڊرامن مان ملي ٿو، جن ۾ راجائن ۽ اُچي پد وارن جي ٻولي سنسڪرت آهي سپاهي ۽ عام ڪارندا پراڪرت ڳالهائيندڙ آهن.
نيمي ساڌوءَ جو خيال آهي ته، سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ 95 سيڪڙو لفظ پنهنجي اصل صورت ۾ گڏيل آهن ۽ گرامر/ صرف و نحو جي لحاظ کان به انهن جو استعمال ساڳيو آهي، ان جي باوجود پراڪرت عام ماڻهن جي ابتدائي ٻولي آهي. ايستائين جو سڀ کان قديم ادب، يعني ويدن ۾ به پراڪرت جا لفظ ۽ انهن جون وياڪرڻي صورتون موجود آهن. سنسڪرت لفظ/اصطلاح جو ذڪر پنڊت پاڻينيءَ جي تصنيف ”شِڪشا“ ۾ ڪيو ويو آهي، جيڪا گهڻو پوءِ جي تصنيف آهي، جنهن ۾ پراڪرت جا ڪيترا لفظ شامل آهن. هندي ٻوليءَ ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا، انهن مان گهڻا تڻا پراڪرت ٻوليءَ جا آهن؛ مثال طور: پاڻي، گهور، ڇري، پٿر، ڪتو، ڍڳو ۽ واري وغيره. ڪيترا عالم پراڪرت تي سنسڪرت جي اثر کي واضح ڪرڻ لاءِ بي شمار مضمون لکي چڪا آهن، پر انهن مان پراڪرت ٻوليءَ کي وڌيڪ مدد ملي آهي. پروفيسر هرٽل جو خيال آهي ته ”پنج تني“ شروع ۾ پراڪرت ۾ لکيو ويو هو.
عام طور پراڪرت ٻوليءَ کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي: هڪڙو پالي دؤر: جنهن جو زمانو ٻڌ جي دؤر کان شروع ٿي، عيسوي سن جي اوائل تائين پهچي ٿو. ٻيو پراڪرت جو زمانو، پهرين صدي عيسويءَ کان 600ع تائين آهي. ٽيون اپڀرنش (گاڏڙ ٻوليءَ ) جو زمانو آهي، جيڪو 1100ع تائين هلي ٿو. ڀارت جي ماهرن، پراڪرت جا ست قسم ڳڻايا آهن: شورسيني، ماگڌي، ارڌگامڌي، داڪشي ناٽيا، واهه ليڪي، اونتي ۽ پراچيه. صرف و نحو (وياڪرڻ) جي ماهر چاڻڪيه، اُن ۾ مهاراشٽري، پئشاچي ۽ اپڀرنش جو اضافو ڪيو آهي. ورچيءَ، مهاراشٽري گرامر تي نوَ (9) باب لکيا آهن ۽ ٽي باب پئشاچيءَ، ماگڌيءَ ۽ شورسينيءَ لاءِ مخصوص ڪيا آهن. ”ساهتيه درپن“ ۾ 12 قسمن جي پراڪرتن جو ذڪر آهي، جنهن ۾ شاڪري، دراوڙي، اڀيري ۽ چانڊاليءَ کي به شامل ڪيو ويو آهي، پر ٻوليءَ جي انهن شاخن سان پنج پراڪرت ٻوليون سٺي ادب جي سٺي ذخيري سان مالا مال آهن. دراوڙي ته ڪنهن به صورت ۾ پراڪرت جي شاخ نه آهي.مهاراشٽري: هيءَ ڪافي معياري پراڪرت هئي، ادبي پراڪرت جا 80 سيڪڙو ڪتاب، هن ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. پنجين ۽ ڇهين صديءَ ۾ پراڪرت وڌيڪ وسيع پئماني تي پکڙي هئي.
شورسيني: مٿرا لڳ شتروگهن جي حڪومت ۾ هيءَ ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، جيڪا ”برج ڀاشا“ مان نڪتل آهي، جنهن مان ’جديد هندي‘ ٻولي نڪتي آهي. جاگرافيائي حوالي سان مڌيه پرديش سان تعلق رکڻ سبب هينئر اها ٻولي تمام گهڻي ڳالهائي وڃي ٿي.
ماگڌي: هيءَ ٻولي اوڀر- بهار ۾ ڳالهائي ويندي هئي ۽ جديد ”ماگڌي“ اُن مان نڪتي آهي. ٻڌمت وارن پنهنجي تعليم لاءِ هن ٻوليءَ کان مدد ورتي هئي. هن جي اوائلي شڪل کي ”پالي“ چيو وڃي ٿو. مهاراجا اشوڪا جي دؤر ۾ اڪثر رياستن جي هيءَ ئي ٻولي هئي. هن جا نشان اوڀر ۽ اولهه ۾ حڪومتن پاران نصب ڪيل پٿرن تي ڏٺا ويا آهن.
ارڌ ماگڌي: هن ۾ شورسيني ۽ ماگڌيءَ جي وياڪرڻ (گرامر) جون خصوصيتون آهن، ان لاءِ هن کي ارڌ ماگڌي چون ٿا. اَوَڌ ۽ ڀوڄ پور ۾ اها ئي اوائلي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي.
پئشاچي: هن جي اصلي صورت کي معلوم ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ٻڌن جي ”سٿاويد وادي“ ڪتاب هن ٻولي ۾ هئا. ”دش روپڪ“ چوي ٿو ته هيءَ ٻولي ننڍيءَ ذات جي ماڻهن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. واگهه ڀٽ چوي ٿو ته: هيءَ ٻولي ٽِن قسمن جي هئي، جيڪا بلوچستان ۾ ڳالهائي ويندي هئي؛ پنچا، پنجاب ۽ اتر پرديش ۾ به ڳالهائي ويندي هئي. هارنل جو چوڻ آهي ته پئشاچي دراوڙي ٻولي آهي. هن ٻوليءَ جا ڪجهه مثال حڪومتي فرمانن وارن پٿرن تي اُڪريل چيني ترڪستان، ڪافرستان ۽ گنڌارا ۾ موجود آهن. هن ٻوليءَ ۾ دراوڙي حرف صحيح ”لا“ يا ”را“ جو استعمال ٿئي ٿو، جيڪو هنديءَ ۾ نه آهي، البت مرهٽي، اڙيا، قديم راجسٿاني ۽ ابتدائي سنسڪرت ۾ آهي.
پراڪرت جي ڪن ماهرن جو خيال آهي ته اتر هندستان جون ڪيتريون ئي ڏيهي ٻوليون هن قديم ٻوليءَ جي خاص شاخن مان ڦٽيون آهن، مثال طور: ’شورسيني پراڪرت‘ مان هيٺين ٻولين وجود ورتو: مغربي هندي، برج ڀاشا، راجسٿاني، پنجابي، پئشاچي، لهندا ۽ سنڌي عالمن جو اهو به خيال آهي ته ”برهٿ ڪٿا“، تامل ”پيروم ڪٿائي“ ۽ پنج تنتر جو ماخذ آهي. هنديءَ ۾ ويدانتي، مجازي، رزميه ڪوتائن جو بنياد پراڪرت آهي. ڇند وديا ۽ نظم جون ڪيتريون ئي صورتون پراڪرت جو حصو آهن. پراڪرت جي مطالعي مان اسان کي هزارين سالن جي ابتدائي تاريخ، مذهب، سماجي نظام، سياسيات، فن ۽ ثقافت جي ڄاڻ ملي ٿي.
حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

19/02/2021

دادو ديال: ويدانتي شاعريءَ جو اوائلي نالو
ليڪچرار (سنڌي ادب) جي تياري)

دادو ديال: دادو ديال اوائلي ويدانتي، شاعريءَ جو اهم شاعر ۽ برهمچاري ٿي گذريو آهي. کيس سنڌي ۽ هندي ادب جي اوائلي ادبي تاريخ ۾ جوڳي اهميت حاصل آهي. دادو ديال 1544ع ڌاري سنڌ سان لڳولڳ اولهه راجسٿان ۾ ڄائو. سندس باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکن ٿا ته: ”دادو ديال هڪ پيڃاري جي گهر ۾ ڄائو ۽ احمدآباد ۾ پلجي وڏو ٿيو، سندس اصل نالو دائود يار هو ۽ سانڀر جي درويش شيخ ٻڍڻ صوفيءَ جي دُعا سان پاڻ به هڪ صاف دل صوفي ٿي پيو. سندس ڪيترا پوئلڳ پيدا ٿيا، جن ۾ هندو ۽ مسلمان شامل هئا. هندو فقير ۽ سنت دادو ديال کي پنهنجي ويساهه مطابق هندو سمجهڻ لڳا. سندس دائري ۾ آيل مسلمان، خاص ڪري بنگال جا مسلمان کيس مسلمان مڃيندا هئا. دادو ديال جي مريدن ۾ رجب پٺاڻ هڪ وڏو درويش ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. باغ علي ’شوق‘ جي ڪتاب ’راجسٿاني زبان و ادب‘ مان دادو ديال ۽ رجب پٺاڻ بابت وڌيڪ معلومات ملي ٿي. باغ علي شوق لکي ٿو ته، ”دادو ديال بابت ڄاڻايل آهي ته ڪبير پنٿ جي مقبوليت سبب جيڪي تحريڪون ۽ پنٿ وجود ۾ آيا. دادو پنٿ انهن ۾ نشانبر آهي، ان جو باني دادو ديال آهي. ان پنٿ ۾ چئن قسمن جا ساڌو شامل آهن، جيڪي کاڪي (خاڪي)، ورڪت، ٿانڀاڌاري ۽ ناگا سڏبا آهن. هنن سڀني جي رهڻي ڪهڻي ۽ عبادت جو طريقو ڌار ڌار آهي، پر دادو پنٿين ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي ته اُهي مُورتي پوڄا نه ڪندا آهن ۽ وحدانيت تي يقين رکندا آهن ۽ اڪثر شادي به نه ڪندا آهن.
دادو ديال جي پيدائش ۽ ذات جي باري ۾ محققن ۾ اختلاف موجود آهن، ڪي کيس برهمڻ ڄاڻائين ٿا، ڪي پيڃارو ته ڪي موچي چون ٿا. دادوءَ جي پيدائش 1544ع بابت اڪثر محققن جو اتفاق آهي. دادو ديال بابت چيو وڃي ٿو ته احمدآباد جي لوڌي رام نالي هڪ برهمڻ کي هو سانڀر نديءَ مان هڪ صندوق ۾ لڙهندي مليو هو. لوڌي رام سندس پرورش ڪئي.
دادو ديال جي گروءَ جي نالي تي به پردو پيل آهي. دادو جنم ليلا ۾ لکيل آهي ته خود ڀڳوان کيس بشارت ڏني، ان کانپوءِ هُو ڀڳت ٿي ويو. اوڻيهن سالن جي عمر ۾ هي امير ۽ ڪلياڻ پور کان ٿيندو نيران ۾ آيو ۽ ڌرم جي پرچار ڪرڻ لڳو. دادوءَ شادي ڪئي ۽ کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون. وڏي پٽ جو نالو گريبداس (غريب داس) رکيائين. هن 1601ع ۾ لاڏاڻو ڪيو (ڪن محققن ان جو سال 04-1603ع ڄاڻايو آهي). جئپور کانپوءِ ويهه ميل پري نرينا نالي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ٽڪريءَ تي سندس نالي هڪ تيرٿ قائم آهي، جتي وڏي تعداد ۾ ماڻهو هر سال ايندا آهن ۽ ميلو لڳندو آهي.
دادو ديال جي ڪلام لاءِ باغ علي شوق لکي ٿو ته اهو پنگل ۾ آهي، جا راجسٿاني ۽ برج ڀاشا جو امتزاج چئي وڃي ٿي. جڏهن ته ماترڪ ڇند جي سرشتي کي به ’پنگل‘ سڏجي ٿو. سندس ٻاڻين جو تعداد پنج هزار چيو وڃي ٿو.
دادو ديال کي سنڌ ۾، سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان وڏي مڃتا حاصل آهي. سندس هندي دوها شاهه جي رسالي جي سر بيراڳ هنديءَ ۾ موجود آهن. مٿس قاضي قادن جي سنڌي شاعريءَ جو اثر معلوم ٿئي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڄاڻايو آهي ته دادو ديال سنڌ ۾ ڳچ عرصو رهيو هو، کيس سنڌي ٻوليءَ جي چڱي ڄاڻ هئي.
دادو ديال جي شاعريءَ جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق هيري ٺڪر وڏو ڪم ڪيو آهي، هن راڻيلا ڳوٺ (گجرات) جي دادو پنٿين جي هڪ مڙهيءَ مان قاضي قادن جي شاعري هٿ ڪري، 1978ع ۾ ’قاضي قادن جو ڪلام‘ ڇپايو، اُن سان گڏ هيري ٺڪر هٿ آيل اُن گرنٿ مان دادو ديال جا ڪيترا سنڌي بيت ۽ هڪ ٻه وايون به هٿ ڪيون آهن. ان حوالي سان سنڌي وائيءَ جو پهريون شاعر دادو ديال کي سڏي سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي ٽٽل ڪڙين جوڙڻ ۾ دادو ديال وڏو ڪردار رکي ٿو. دادوءَ جا ڪجهه سنڌي دوها هن ريت ملن ٿا:
دادو غافل ڇو وتين، منجهين ربُ نهارَ،
منجهين پرو پاڻ جو، منجهيئي ويچار.
—-
دادو غافل ڇو وتين، آهي منجهه الله،
پري پاڻ جو پاڻ سين، لهي سڀوئي ساء.
—-
دادو جِئن تِل تلن ۾، جِئن ڳُنڌَ ڦُلن،
جيئن مکڻ کير ۾، تيئن رب رهن.
قاضي قادن ۽ ان دور جي ٻين شاعرن وٽ خُدا جي وحدت وارا جيڪي خيال ملن ٿا، سي دادو ديال جي ڪلام ۾ به ملن ٿا. دادو ديال تي قـاضـي قـاضـن جـو وڏو اثـر هـو. هـو قاضـي قاضـن کان پـوءِ جـو شـاعر آهي. قاضي قادن جي وفات وقت دادو ديال ستن سالن جو هو. هن جي شعر تي قاضي قاضن جو اثر پڌرو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو دادو پنٿين جي گرنٿن ۾ ’سنتن جي واڻي‘ عنوان هيٺ جيڪو ڪلام ملي ٿو، ان ۾ قاضـي قادن جو ڪلام سڀ کان وڌيڪ آهي. معلوم ٿئي ٿو ته دادو ديال، قاضي قادن جا بيت خود سانڍيا ۽ پڻ ساڌ سنگت آڏو پڙهيا ۽ جڏهن پنهنجو ۽ ٻين سـالـڪـن سـنتـن جــو ڪـلام لکيـائيـن يـا لکرايائين ته هڪ جدا بابُ قاضي قادن جي نالي سان آندائين. دادو ديال جي خيالن جو اثر متاخرين ۾ شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ ٻين شاعرن تي به نظر اچي ٿو.

حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

19/02/2021

سُمنگ چارڻ: سومرن جي دور جي منظوم داستان گوئيءَ جو اهم نالو
ليڪچرار (سنڌي ادب) جي تياري

چارڻ، سُمنگ: منظوم داستان گوئيءَ ۾ مشهور منگتو، سُمنگ چارڻ، اوائلي سنڌي شاعريءَ جو اهم نالو آهي. هيءُ سومرن جي دور سان واسطو رکي ٿو. سمنگ چارڻ، ڄام لاکي جو مڱڻهار هو. سُمنگ چارڻ 1200ع کان 1300ع جي وچ واري عرصي ۾، قاضي قاضن کان تقريباً ٻه صديون اڳ ۾ ٿي گذريو آهي. هن لاءِ مشهور آهي ته هيءُ سومرن جي راڄ جو سخت مخالف هو ۽ سما پرستي سندس سرشت ۾ سمايل هئي. هيءُ اصل ڪڇ جي سرحد ڪيراڪوٽ جو رهاڪو هو. اباڻي عادت وانگر سدا سيلاني رهيو ۽ ڳچ عمر سفر ۾ گذاريائين. ان وقت ۾ چارڻن، ڀٽن ۽ ڀانن کي بادشاهن وٽ خاص مقام حاصل هوندو هو. هيءُ به سمن حاڪمن جي بهادريءَ جا گُڻ ڳائيندي ڪافي مشهور ٿيو. هن جو زمانو سومرن جو پويون ۽ سمن جي اسرڻ وارو دور هو. هن جي وقت ۾ همير سومرو سنڌ جو بادشاهه هو، پر هيءُ سمن سردارن جي شان ۾ ڳائيندو هو. ان ڪري سندس مقبوليت سما پرست چارڻ طور ٿي. هن لاءِ مشهور آهي ته هڪ ڀيري همير سومري وٽ وڏي طمطراق سان اچي حاضر ٿيو. ساڻس وهٽ، خچر، گهوڙا، ڏان ۾ مليل ڪيترا ٻانها، چيلا ۽ چاڪر گڏ هئا. همير سومري کي سندس سما پرستيءَ جي اڳ ئي خبر هئي. تنهن تي سومرن هن جي مهماني ڪرڻ بجاءِ سردار ڍوري راءِ سومري هٿان سمورا وهٽ ۽ ٻيو سامان راتو واهه کڻائي ويا. هن جيئن اهڙي دانهن درٻار ۾ آندي ته الٽو کيس ٻڌي ڪاٺ ۾ وڌو ويو. هن ان جاءِ تي هيٺيون بيت چيو ته:
’هـميـر کان پـوءِ، راڄ نه ماڻن سومرا‘.
چون ٿا ته تنهن وقت سمنگ کي راڄ ۾ فقير ۽ منگتي طور وڏي مشهوري حاصل هئي. تنهنڪري راڄ سندس اهڙي وائيءَ کي اڳڪٿي ڪري قبوليو ۽ اهڙي ورتاءُ بعد سمنگ جهنگ مُنهن ڪري واويلا ڪندو واهڻن، وستين ۾ در در ڀٽڪندو، سومرن جا ڏنل سور ڳليءَ ڳليءَ ۾ پِٽيندو رهيو. چون ٿا ته سندس ڪلام ئي ملڪ ۾ سومرن جي راڄ خلاف بغاوت ڀڙڪائي. جنهن سان سومرن جي حڪومت جي اختتام ۽ سمن جو برسر اقتدار اچڻ ممڪن ٿيو. محقق کيس سومرن جي دور جو ’باغي چارڻ‘ ڪري لکن ٿا. هيءُ خاص طور ڳاهه ۾ شاعري ڪندو هو ۽ سندس سرجيل ڳاهن ۾ رمزون سمايل هونديون هيون. راڻي ۽ مومل جو قصو به سندس دور جو هو. هن لاءِ هڪ ٻيو قصو به مشهور آهي ته: هڪ ڀيري هن ڄام لاکي جي پَت آزمائڻ لاءِ اڻ مندائتن پيرُن جي وڃي صدا هنئي ۽ ڄام لاکي کي چيائين: ”ڄام لاکا! منهنجي گهر واري اُميد واري آهي. چارڻيءَ کي پَيرن جي چاهت ٿي آهي. انهيءَ لاءِ تنهنجي جود ۽ سخا جي هاڪ ٻُڌي پيرن جي لپ واسطي اچي تنهنجو در جهليو اٿم. هاڻي منهنجي مشڪل آسان ڪر. وڪيو ڄام به ڏاتار آهي ۽ هو سواليءَ جي سئن سڻي، سر سوڌي به سخا ڪري ڄاڻي ٿو. آءٌ ته تو وٽ ئي آس رکي آيو آهيان، جي تو کان نه پُڄي ته وڃان ڄام وڪيي ڏاتار وٽ.“ اهو ٻُڌي ڄام لاکي سمنگ چارڻ جي پت پاڙڻ بجاءِ کيس وراڻيو ته هينئر جو هينئر منهنجي ملڪ مان نڪر، سڌو وڪيي وٽ وڃ. اٺن پهرن اندر يا ته وڪيي جي ملڪ مان پيرون پهچاءِ يا ته سندس سر آڻي ڏي نه ته تنهنجي چارڻيءَ جو خير ڪونهي.
تنهن تان فقير تي اچي ڄام لاکي جو قهر ڪڙڪيو ۽ هيءُ به ٻيجل وانگر ڪلهي تي ڪينرو پائي رمندو رهيو.
چون ٿا ته هيءُ جڏهن وڪيي ڏاتار وٽ پهتو ته ان پنهنجي گهيٽي کي پٽيون پئي ٻَڌيون. سمنگ مٿس طنز ڪندي چيو ته:
ڦلاڻي لاکي وٽ مون وڏو ڪيو ٿي وات،
گهيٽن پٽيون جو ٻَڌي، سو ڏيندو ڪهڙي ڏات!
تنهن تي وڪيي ڏاتار کيس وراڻيو ته: اي جاجڪ! اسين چپٽين ۽ نَهَنِ سان چونڊي ڌن گڏ ڪندا آهيون ۽ جڏهن ڏيندا آهيون ته اهو ساڳيو ڌن جهول ڀري ڏيندا آهيون. اهڙيءَ ريت اهو سمورو قصو ترتيب وار ٻيجل راءِ ڏياچ واري طرز تي هن منظوم ڳاهه ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪو سنڌي لوڪ ادب ۾

وڏي اهميت رکي ٿو. ان بابت چون ٿا ته ڄام وڪيي سندس سر ڏيڻ واري گهُر به پوري ڪرڻ ٿي چاهي، پر اهو سوچي ته گهر پيرُن جي ڪئي اٿس! اها ته سر ڏيڻ سان پوري نه ٿيندي. اهڙيءَ ريت ڄام وڪيي کيس ڏوراپو ڏيندي چيو ته: ”اڙي سمنگيا! ڪوڙهيا! ڏاتارن کان اهڙا اڻمندائتا ڏان گهرڻ کپن!؟“ چون ٿا ته اهڙي ڏوراپي تي سمنگ چارڻ جي پيشانيءَ تي پشيمانيءَ جا تاثر اُڀريا ۽ سندس نراڙ تي اڇو ٽِڪو اُڀري آيو، جيڪو کيس عمر جي آخر تائين رهيو.
ان کان سواءِ سمنگ چارڻ، ڄام ڪرن، ڄام اوٺي جکري، ڄام سپڙ چوٽاڻي ۽ سپڙ ڄام رونجهي سميت ڏهن ئي ڏاتارن: راءِ ڏياچ چاوڙي، جکري اوڍي، اوڍي جـکـراڻـي، ڄـام هـڻند ٿـڌياڻي ۽ جسوڌڻ اڳڙي کي پنهنجن ڳاهن ۾ ڳائڻ سـمـيـت ستن سرفـروش سـورمن: (1) ڄام انـڙ ويـر، (2) ابـڙي اڙٻـنـگ، (3) پونئري پاونگ، (4) بانڪي بڊاماڻي، (5) ڪارائڙي ڪونڌر، (6) هوٿي وريام، (7) لاکي ڦلاڻي جي مهما ڳائي آهي.
سمنگ چارڻ سنڌي لوڪ ادب جي پهرين سورنهن سڄاڻ سگهڙن کان به اڳ جو آهي. هن ڳاهه، ساراهه، سٺ سورهيائي ۽ ثنا جا عنوان پنهنجي منظوم داستانن ۾ سمايا آهن. سندس ان ذخيري ۾ مزاح جو عنصر به ملي ٿو. اشارن ۽ ڪناين سان لطيف سرڪار به هن جو تذڪرو پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي، جيئن:
ٻاجهاڻو ٻيلي ڌڻي ٻجهان ٻاجهه پيئي،
سپڙ سا سيئي، جيڪا چارڻ چِت ۾.
سنڌي ادب جي ناليواري محقق پروفيسر محرم خان پنهنجي هڪ تحقيقي مقالي ۾ ثابت ڪيو آهي ته شاهه لطيف سخين ۽ سپڙ جي ثنا ۽ ساراهه وارن بيتن ۾ سمنگ چارڻ وارا بيان ڪيل ساڳيا موضوع کنيا آهن. سنڌي لوڪ ادب ۾ هن تاريخ ساز منگتي کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، جنهن خاص ڪري ڳاهه جي صنف جا بنياد مضبوط ڪيا. جن ۾ هن پاران ڪتب آندل ٻول ۽ نج سنڌي ورجيسون روايتون، گفتا ۽ لفظي ذخيرو اڄ به سنڌ جي لوڪ ادب جي زينت بڻيل آهي ۽ پوئين دور جي چارڻن، ڀٽن، سگهڙن سندس روايتن جي پوئواري ڪئي.
هن کي مختلف ليکڪن ۽ عام روايتن ۾ سمنگ کان سواءِ سٻنگ، سومنگ، سمنگيو به سڏيو ويو آهي.
سمنگ چارڻ تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر دائود پوٽي، منگهارام اوجها سميت ٻين عالمن به تحقيقي مقالا لکيا. سندس شاعريءَ بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته: ”هن جي ڪلام ۾ نه تخيل جي بلندي آهي، نه خيال جو پرواز، پر سندس ڳاهن جي خاص خوبي اها آهي ته انهن مان ان دور جي تهذيب ۽ تمدن، اٿڻي وهڻي، ماحول ۽ تاريخ جي خبر پوي ٿي. سمنگ جي ڳاهن جي ٻي اهم خوبي سيرت نگاري ۽ واقعه نگاري آهي.“

حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

Want your school to be the top-listed School/college in Sindh?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Telephone

Website

Address


Sindh