GSTA District Shikarpur- Official

GSTA District Shikarpur- Official Registered Govt. Secondary Teachers' Association

GSTA Sindh Central President Syed Rashid Hussain Shah held an official meeting with Secretary Education Zahid Abbasi to ...
11/09/2026

GSTA Sindh Central President Syed Rashid Hussain Shah held an official meeting with Secretary Education Zahid Abbasi to discuss teachers’ issues.

Key matters discussed included:
- *HST to Head Master* and *HST to Subject Specialist (SS)* promotions
- Issues of *OT, DT and PET* teachers
- *Fram app* problems and restoration of *suspended teachers*

Present were former President Haji Muhammad Ashraf Khaskheli, Senior VP Fazlullah Umrani, VP Ghazi Rafiq Kandhro, General Secretary Mahmood Chauhan, VP Female Syeda Uzra Bilquis and other leaders.

While the delegation stressed the urgent need to resolve teachers’ concerns, the Secretary Education assured that all matters would be pursued jointly with cooperation.*

GSTA District Shikarpur-
10/09/2026

GSTA District Shikarpur-

گسٽا ضلعی شڪارپور جي صدر حاجي ڌڻي بخش مھر, جوائنٽ سيڪريٽري محترم محمد بچل ابڙو ۽ فنانس سيڪريٽري لاء محترم رسول بخش ابڙو ...
09/09/2026

گسٽا ضلعی شڪارپور جي صدر حاجي ڌڻي بخش مھر, جوائنٽ سيڪريٽري محترم محمد بچل ابڙو ۽ فنانس سيڪريٽري لاء محترم رسول بخش ابڙو جن کي ضلعي جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا- انشاءاللہ توھان جو شامل ٿيڻ گسٽا ۽ استادن جي لاء بھترین فیصلو رھندو -

سيد انيس رضا شاھ
جنرل سيڪريٽري
گسٽا ضلعو شڪارپور

09/09/2026

گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرز ايسوسيئيشن (گسٽا)
ضلعو شڪارپور

ضلعي ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي جا منٽس

تاريخ: 09 سيپٽمبر 2026ع
جاءِ: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول وزيرآباد، تعلقو لکي غلام شاهه
صدارت: محترم سيد راشد حسين شاهه، مرڪزي صدر گسٽا

گسٽا ضلعي شڪارپور جي ضلعي ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي 09 سيپٽمبر 2026ع تي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول وزيرآباد، تعلقو لکي غلام شاهه ۾ محترم سيد راشد حسين شاهه، مرڪزي صدر گسٽا جي صدارت هيٺ ٿي گذري.

گڏجاڻي جي شروعات تلاوت قرآن ڪريم سان ڪئي وئي- گڏجاڻي ۾ تنظيمي معاملن، خالي عهدن کي ڀرڻ ۽ استادن سان لاڳاپيل مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. بحث ۽ صلاح مشوري کان پوءِ هيٺيان فيصلا ۽ سفارشون ڪيون ويون:

1. ضلعي عهديدارن جي مقرري:
ضلعي گسٽا جي خالي ٿيل عهدن کي ڀرڻ لاءِ هيٺين نون عهديدارن جي منظوري ڏني وئي:

صدر: محترم ڌڻي بخش مهر

جوائنٽ سيڪريٽري: محترم محمد بچل ابڙو

فنانس سيڪريٽري: محترم رسول بخش ابڙو

2. تعلقو ڳڙهي ياسين:
تعلقي ڳڙهي ياسين جي خالي ٿيل نائب صدر جي عهدي لاءِ محترم حفيظ الله مهر جو نالو تجويز ڪيو ويو.

3. تعلقو شڪارپور:
تعلقي شڪارپور جي خالي ٿيل جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ محترم نصرالله شيخ جو نالو تجويز ڪيو ويو.

4. تعلقو خانپور:
تعلقي خانپور جي خالي ٿيل عهدن لاءِ هيٺيان نالا تجويز ڪيا ويا:

جنرل سيڪريٽري: محترم برڪت علي بروهي

جوائنٽ سيڪريٽري: محترم الطاف احمد شر

پريس سيڪريٽري: محترم عبدالجبار منگي

5. تعلقو لکي:
تعلقي لکي جي خالي ٿيل عهدن لاءِ هيٺيان نالا تجويز ڪيا ويا:

صدر: محترم عبدالله شاهه

جنرل سيڪريٽري: محترم نسيم احمد مهر

6. استادن جي مسئلن بابت گڏجاڻيون:
ضلعي ۽ تعلقي سطح جي ايجوڪيشن آفيسن، گڏوگڏ اڪائونٽس آفيس جي لاڳاپيل اختيارين سان استادن جي مختلف مسئلن ۽ معاملن بابت جلد گڏجاڻيون منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ته جيئن مسئلن جي حل لاءِ مؤثر نموني اڳڀرائي ڪري سگهجي.

7. خالي عهدن جي آئيني طريقي سان تڪميل:
متعلقہ تعلقن کي هدايت ڪئي وئي ته تنظيمي ڍانچي ۾ موجود خالي عهدن کي گسٽا جي آئين ۽ مقرر ڪيل تنظيمي طريقيڪار موجب جلد کان جلد ڀريو وڃي.

آخر ۾ گڏجاڻي ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته گسٽا جي تنظيمي معاملن کي آئيني طريقيڪار تحت اڳتي وڌائيندي استادن جي حقن، ڀلائي ۽ جائز مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ۽ مؤثر جدوجهد جاري رکي ويندي.

سيد انيس رضا شاھ
جنرل سيڪريٽري
گسٽا ضلعو شڪارپور

President GSTA District Shikarpur Haji Dhani Bux Mahar - Congratulations 🎉GSTA District Shikarpur- Official
09/09/2026

President GSTA District Shikarpur Haji Dhani Bux Mahar - Congratulations 🎉

GSTA District Shikarpur- Official

گسٽا سنڌ جي مرڪزي صدر محترم سيد راشد حسين شاهه جو لاڙڪاڻي جو دورو، استادن پاران شاندار استقبالگسٽا سنڌ جي مرڪزي صدر محتر...
08/09/2026

گسٽا سنڌ جي مرڪزي صدر محترم سيد راشد حسين شاهه جو لاڙڪاڻي جو دورو، استادن پاران شاندار استقبال

گسٽا سنڌ جي مرڪزي صدر محترم سيد راشد حسين شاهه پنهنجي وفد سان گڏ لاڙڪاڻي جو دورو ڪيو. وفد ۾ گسٽا سنڌ جو مرڪزي فنانس سيڪريٽري محترم گل حسن شر، ضلعي ڪنڌڪوٽ-ڪشمور جو صدر محترم منظور احمد چاچڙ، گسٽا ضلع خيرپور جو صدر محترم نبي بخش مڪول، گسٽا لاڙڪاڻي ڊويزن جا عهديدار محترم عبدالماجد منگي ۽ محترم عزيز الله جوڻيجو، گسٽا ضلع شڪارپور جو جنرل سيڪريٽري محترم سيد انيس رضا شاهه، ضلعي جوائنٽ سيڪريٽري محترم نسيم احمد مھر, ضلعي آفيس سيڪريٽري محترم افسر علي حاجاڻو، گسٽا تعلقي شڪارپور جو صدر سيد آصف علي شاهه، گسٽا تعلقي لکي جو صدر حاجي ڌڻي بخش مهر، تعلقي ڳڙهي ياسين جو جنرل سيڪريٽري محترم محمد اسحاق امروٽي ۽ ٻيا عهديدار شامل هئا.

وفد جو گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استادن پاران انتهائي شاندار، پُرتپاڪ ۽ محبت ڀريو استقبال ڪيو ويو.

ان موقعي تي گسٽا سنڌ جي مرڪزي صدر محترم سيد راشد حسين شاهه مرد ۽ فيميل استادن جي وڏي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته استادن جي حقن، عزت، وقار ۽ جائز مفادن جو هر فورم تي ڀرپور دفاع ڪيو ويندو. ڪنهن به استاد کي ناانصافي، زيادتي يا انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻجڻ نه ڏينداسين-

هن وڌيڪ چيو ته گسٽا سنڌ پنهنجي استادن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ هر جائز ۽ آئيني فورم تي آواز بلند ڪندي رهندي. استادن جي اتحاد، ڀائيچاري ۽ تنظيمي مضبوطي ئي اسان جي ڪاميابي جي ضمانت آهي.

06/09/2026

GSTA Shikarpur stands with Education Department Government of Sindh regarding Merit based appointment of Teachers-

Happy Defense Day 🇵🇰
06/09/2026

Happy Defense Day 🇵🇰

گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول رستم ۾ سائين محمد سلطان مھر جي ريٽائرمينٽ جي پروگرام ۾ گسٽا ضلعي شڪارپور جي شرڪت - گسٽا يون...
03/09/2026

گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول رستم ۾ سائين محمد سلطان مھر جي ريٽائرمينٽ جي پروگرام ۾ گسٽا ضلعي شڪارپور جي شرڪت -
گسٽا يونٽ جي تمام دوستن جا لک لائق ۽ ڪامياب پروگرام جون مبارڪون- ❤

اڄ 3 سيپٽمبر 2026، بروز خميس تي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول رستم تعلقي لکي غلام شاھ ۾ سائين محمد سلطان مھر جي رٽائرمينٽ...
03/09/2026

اڄ 3 سيپٽمبر 2026، بروز خميس تي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول رستم تعلقي لکي غلام شاھ ۾ سائين محمد سلطان مھر جي رٽائرمينٽ جي شاندار تقريب منعقد ٿي.

تقريب ۾ گسٽا ضلع شڪارپور جي سينيئر نائب صدر سائين سعيد احمد شاهه، گسٽا ضلع شڪارپور جي جنرل سيڪريٽري سائين انيس رضا شاهه، اسڪول جي پرنسپال سائين علي انور منگی, ڊپٽي ڊي - او سائين عبدالشڪور سومرو, گسٽا شڪارپور جو سينيئر اڲواڻ حافظ محمد سليم آرائين , ضلعي جوائنٽ سيڪريٽري سائين نسيم مھر, پريس سيڪريٽري مشرف علي مھر، گسٽا تعلقي شڪارپور جي صدر سائين آصف علي شاهه , گسٽا تعلقي لکي جي صدر سائين ڌڻي بخش مھر, سميت اسڪول جي معزز استادن شرڪت ڪري سائين محمد سلطان مھر کي سندس ڊگهي خدمت تي دلي مبارڪون ڏنيون ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشون جو اظهار ڪيو.

GSTA District Shikarpur- Official

Address

High School No: 1 Shikarpur
Shikarpur
78100

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GSTA District Shikarpur- Official posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category