Government Boys Primary School Railway Colony Shikarpur

Government Boys Primary School Railway Colony Shikarpur

Share

Government Boys Primary School Railway Colony Shikarpur
"Seek Education From Cradle To Grave."

18/09/2025

ڪلاس چوٿون
سبق پھريون (قدرت وارا)
نوجوان استاد عزير حسين سومرو ٻارن کي نئين اندز ۾ بيت پڙهائي سندن حوصلا بلند ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي

Photos from Government Boys Primary School Railway Colony Shikarpur's post 17/09/2025

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ريلوي ڪالوني جو ھيڊ ماسترھميشھ سٺي سوچ رکندڙ سائين ميھر جمالي جنهن صفائي جي نظام جي بھتري لاءڪجھ عرصي کان خراب ٿيل واش رومز جي صفائي پنهنجي نگراني ۾ ڪرائي

Photos from Government Boys Primary School Railway Colony Shikarpur's post 13/09/2025

(رٽائرمينٽ تقريب گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ريلوي ڪالوني شڪارپور )
اڄ جو ڏينهن سڀني استادن لاءِ خوشي ۽ اداسي ٻئي ساڻ کڻي آيو آهي ،خوشي ان ڳالهه جي آهي ته استادن کي محترم ذين العابدين صاحب جهڙي مهربان، محنتي ۽ ايماندار استاد سان ڪم ڪرڻ، سکڻ ۽ گڏ وقت گذارڻ جو موقعو مليو، ۽ اداسي ان ڳالهه جي آهي ته هاڻ هو استادن سان روزانو گڏ نه هوندا ،
سائين ذين العابدين صاحب نه رڳو پڙهائيندڙ استاد رهيا، پر هڪ سٺا رهنما همدرد، ۽ والد جهڙو سهارو پڻ شاگردن جو بڻيا رهيا. هنن پنهنجي سڄي خدمت دوران نه رڳو علم ڏنو، پر شاگردن جي اخلاق، تربيت ۽ بهتر مستقبل لاءِ به دل سان محنت ڪئي.
استادن جي دلين ۾ سائين جن لاءِ وڏي عزت آهي ،سندن خدمت، قربانيون ۽ پيار جا لمحا اسان ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين ،اسان دل جي گهراين سان سندن صحتياب، خوشحال ۽ عزت ڀريو مستقبل لاءِ دعاگو آهيون ،الله تعاليٰ کين زندگيءَ جي نئين سفر ۾ به ڪاميابيون عطا فرمائي ،
ان موقعي تي اسڪول جي ھيڊ ماستر ميھر جمالي ۽ استادن سائين ذين العابدين کي پڻ اجرڪ ۽ گلن جا هار پارايا ۽ سڀني استادن پنهنجي خيالن جو اظھار ڪيو
استاد آهي روشنيء جو مينار
اهو ئي بڻائي ٿو انسان کي بي مثال .
قلم سان جيڪو دنيا بدلائي
اهوئي استاد سڏائي ،

Photos from Government Boys Primary School Railway Colony Shikarpur's post 12/09/2025

وڻ پوکڻ ب عبادت جو ڪم آهي
ھيڊ ماستر سائين ميھر جمالي جي ھدايت تي اسڪول ۾ وڻ لڳايا ويا جنهن ۾ ھيڊ ماستر صاحب ميھر جمالي سائين محمدقاسم شاھ ۽ عزير سومرو حصو ورتو

Photos from Government Boys Primary School Railway Colony Shikarpur's post 10/09/2025

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ريلوي ڪالوني جي ڪلاس چوٿين ۽ پنجين جي استادن سائين محمد قاسم شاھ عزير سومرو نديم شيخ ملي ڪري ميلاد ملھايو"حضرت محمد ﷺ جي ولادت جي خوشي جي محفل ۾ ھيڊ ماستر ميھر جمالي ۽ ٻين استادن شرڪت ڪئي

Photos from Government Boys Primary School Railway Colony Shikarpur's post 25/08/2025

اڄ ....پ ٽ آلف مرڪزي ڪاميٽيءَ پاران پوري سنڌ ۾ اسڪولن کي تالا بندي جي اعلان کان پوء پ ٽ الف شڪارپور سٽي جي صدر جي سڏ تي شھر جي سڀني اسڪولن جي ھيڊ ماسترن ۽ استادن اسڪول جي ڪلاسن ء آفيس کي تالاھڻي بند ڪري چڏيو ء جيستائين استادن جا سمورا جائز مسئلا حل نه ڪيا ويندا ،تيستائين ھڙتال جاري رھندي.....

Photos from Government Boys Primary School Railway Colony Shikarpur's post 19/08/2025

اڄ بتاريخ 25-08-19پ ٽ الف يونٽ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ريلوي ڪالوني شڪارپور طرفان پ ٽ الف جي مرڪزي قيادت جي حڪم تي لبيڪ ڪندي سڀني استادن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون ڪاروجھنڊو جھولائي گورنمينٽ جي ناجائزين خلاف پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ DRA سنڌ گورنمينٽ سرڪاري ملازمن کي ڏيڻ کان انڪار ۽ پينشن 63.5 کان گھٽائي 15 ڏيڻ℅ سياھ ڏينهن ڪارو ڏينهن ملھائي ايڪي اتحاد جو ثبوت ڏنو

Photos from Government Boys Primary School Railway Colony Shikarpur's post 18/08/2025

پ ٽ الف يونٽ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ريلوي ڪالوني شڪارپور طرفان پ ٽ الف جي مرڪزي قيادت جي حڪم تي لبيڪ ڪندي سڀني استادن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون ڪاروجھنڊو جھولائي گورنمينٽ جي ناجائزين خلاف پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ DRA سنڌ گورنمينٽ سرڪاري ملازمن کي ڏيڻ کان انڪار ۽ پينشن 63.5 کان گھٽائي 15 ڏيڻ℅ سياھ ڏينهن ڪارو ڏينهن ملھائي ايڪي اتحاد جو ثبوت ڏنو

Want your school to be the top-listed School/college in Shikarpur?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address


Railway Colony
Shikarpur

Opening Hours

Monday 08:30 - 13:30
Tuesday 08:30 - 13:30
Wednesday 08:30 - 13:30
Thursday 08:30 - 13:30
Friday 08:30 - 12:30
Saturday 08:30 - 13:30