Shahpur Chakar Youth Forum -SYF

Shahpur Chakar Youth Forum -SYF Revolutionary Consciousness

26/03/2025

سنڌ شاگرد سڀا مرڪزي وائیس چیئرمین زاھد ڪيريو شاھپور چاڪر يوٿ فورم طرفان احتجاجي سڏ ۾ پنھنجو موقف رکندي

25/03/2025

جسقم نوابشاھ ضلعي اڳواڻ باغي عارف خاصخيلي شاھپور چاڪر جي شھرين ساڻ مخاطب ٿيندي

22/03/2025

يوٿ فورم جي جنرل سيڪريٽري عدنان طاھر شھرين ساڻ مخاطب ٿيندي

21/03/2025

آج کے احتجاجی ریلی کی کوریج ٹی وی ٹوڈے پر۔

21/03/2025

اڄوڪي احتجاجي ريلي جي ميڊيا ڪوريج/سنڌ ٽي وي نيوز تي ھليل خبر
Nayab Jhullan H

شاھپور چاڪر جي شعور جي مھرباني جنھن اڄ پنھنجو قومي فرض نڀائي احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ جي ھر مسئلي ۽ ھر محاذ تي شھر و...
21/03/2025

شاھپور چاڪر جي شعور جي مھرباني جنھن اڄ پنھنجو قومي فرض نڀائي احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ جي ھر مسئلي ۽ ھر محاذ تي شھر واسين سان گڏ ميدان ۾ ھونداسين.

ترجمان
شاھپور چاڪر يوٿ فورم

20/03/2025

ھي وقت ڪرڻ يا مرڻ جو آھي ، جيڪڏھن ھن وقت پنھنجي حق لاء نه اٿياسين ته اسانجي سڃاڻپ ، شناخت ۽ قومي وجود ئي خطري ۾ پئجي ويندي.پنھنجي حق ۽ بقا جي لاءِ اسانکي گڏ ٿيڻو آھي.تمام دوست سڀاڻي جي احتجاجي ريلي ۾ لازمي شرڪت ڪندا.

Video Credits Riaz Shar

Join us tomorrow ✌️ Poster Credits : Riaz Shar
20/03/2025

Join us tomorrow ✌️

Poster Credits : Riaz Shar

20/03/2025

شاھپور چاڪر يوٿ فورم پاران سڀاڻي احتجاجي ريلي جون تمام تياريون مڪمل

سڀني دوستن کي شرڪت جي دعوت

⏰ 9:30 am

📍 15 (One Five Stop)
to Press Club Shahpur chakar

🗓️ 21- March-2025




احتجاج جو سڏشاھپور چاڪر جي ھر شھري، ڳوٺاڻي، دڪاندار، ڪاروباري، مزدور، ھاري،زميندار،سياسي،سماجي ورڪر،استاد،شاگرد،وڪيل ھر ...
20/03/2025

احتجاج جو سڏ

شاھپور چاڪر جي ھر شھري، ڳوٺاڻي، دڪاندار، ڪاروباري، مزدور، ھاري،زميندار،سياسي،سماجي ورڪر،استاد،شاگرد،وڪيل ھر سنڌي کي سنڌ خلاف ٿيندڙ منصوبن (غير قانوني ڪينالن،۽ ڪارپوريٽ فارم نالي سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين فوج حوالي ڪرڻ) خلاف شاھپور چاڪر ۾ سڀاڻي احتجاج ٿي رھيو آھي جنھن لاء داعوت عرض رکون ٿا،شريڪ ٿي سنڌ جي پاڻي،سنڌ جي زمينن تي فوجي والار،تيل گيس ڪوئلي جھڙن ذخيرن،سنڌي قوميت،سنڌي شناخت،سنڌ جي تھذيب ،سنڌ جي ثقافت جي بقا جي جنگ لاء نڪرون ۽ سنڌ جي ايندڙ نسلن لاء گڏجي ڪجھ قدم وڌايون.

شاھپور چاڪر يوٿ فورم

پريس رليزتاريخ: 19 مارچ 2025سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ واهن خلاف يوٿ فورم جي مهم جو ڇھون ڏينهن مڪملسنڌو درياءَ تي ٺهندڙ واهن خ...
19/03/2025

پريس رليز

تاريخ: 19 مارچ 2025

سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ واهن خلاف يوٿ فورم جي مهم جو ڇھون ڏينهن مڪمل

سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ واهن خلاف جاري يوٿ فورم جي مهم جو اڄ ڇھون ڏينهن ھيو، جنهن دوران ٽيم 3 مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو، ڳوٺ امين وساڻ،ڳوٺ شيخ محمد ڏاھري ۽ شھر ۾ نوجوان منور جي اوطاق پڻ وڃڻ ٿيو

ان دوران مقامي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون ويون، انهن کي سنڌو تي ڌاڙي بابت آگاھي ڏني وئي ۽ يوٿ فورم جي احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي.

عوام هن مهم تي مثبت ردعمل ڏنو ۽ پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. مقامي ڪميونٽي يوٿ فورم جي هن قدمن کي ساراهيندي، هن جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ جو عزم ظاهر ڪيو.

ترجمان
شاھپور چاڪر يوٿ فورم

Spokesperson
Shahpur Chakar Youth Forum

Address

Newcolony
Shahpur Chakar
68200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shahpur Chakar Youth Forum -SYF posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share