GBPS Care Colony Iqra School

GBPS Care Colony Iqra School Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from GBPS Care Colony Iqra School, School, Sehwan Sharif, Sehwan.

20/05/2026

A good teacher and best students

20/05/2026

سر فياض احمد ڪنڀر جو پنهنجي شاگردن سان انگلش فني وڊيو۔ ڪنفيڊنس چيڪ ڪيو

12 جنوري اڄ 2026 بروز سومر تي گورنمينٽ بوائز اليمينٽري اسڪول مين ڪيئر ڪالوني سيوھڻ جي سالياني انسپيڪشن ٿي گذري ڊپٽي ڊسٽر...
12/01/2026

12 جنوري اڄ 2026 بروز سومر تي گورنمينٽ بوائز اليمينٽري اسڪول مين ڪيئر ڪالوني سيوھڻ جي سالياني انسپيڪشن ٿي گذري ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سائين عمران احمد ڪوريجو ٽيم ميمبرن ڪلاس روم آبزرويشن پنهنجي تجربي ۽ مهارتن تحت ڪئي، اسڪول جي استادن بهتر نموني سان ڪلاسز هلايا ۽ شاگردن سوالن جي جوابن جي صورت ۾ بهتر موٽ ڏني، اسڪول ايڊمنسٽريشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ،..

31/12/2025

جيئن ته اوهان کي اطلاع ٿو ڪجي ته سرڪاري اسڪول سڀاڻي کان کلي رهيا آهن اوھان پنھنجي پياري گلڙن جهڙن ٻارڙن کي سياري جي موسم ۾ سردي جي موسم آهر گرم ڪپڙا پائي اسڪول موڪليو جتي نوجوان استاد آء بي اي پاس استاد دلچسپي سان پڙهائي رهيا آهن ۽تجربيگاهه سينيئر استاد پڻ محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن سندن نگراني سينيئر هيڊ ماستر سائين عبدالستار ميمڻ ماهر تعليم جن ڪري رهيو آهي اسان اميد ٿا ڪيون ته اسان سان ساٿ ڏيئي پنهنجي معصوم ٻارڙن جو مستقل سنواريندا اوهان جو پنهنجو هيڊ ماستر ABUDL SATTAR MEMON

31/12/2025

سڀني والدين کي گذارش ٿي ڪجي ته سڀاڻي 1 جنوري 2026 بروز خميس کان سمورا اسڪول کُلي ويندا.
پنهنجي ٻارن کي وقت سان اسڪول موڪليندا.

Senior Head Master Sir Abdul Sattar Memon visited the classes of Government Boys Elementary School Care Colony, Sehwan d...
15/12/2025

Senior Head Master Sir Abdul Sattar Memon visited the classes of Government Boys Elementary School Care Colony, Sehwan during the terminal examinations. He inspected the examination process, observed the students’ performance, and ensured that discipline and fairness were maintained.

سر انور بليدي هڪ بهترين انسان هڪ بهترين شخصيت هڪ بهترين دوست هڪ بهترين ساٿي ڪيئر ڪالوني اسڪول جي جملي استادن جو پيارو هر...
30/11/2025

سر انور بليدي هڪ بهترين انسان هڪ بهترين شخصيت هڪ بهترين دوست هڪ بهترين ساٿي ڪيئر ڪالوني اسڪول جي جملي استادن جو پيارو هر دلعزيز ماڻهو هو۔ اڄ سندس جي وڇوڙي تي اسان کي دلي صدمو ڏک پهتو آهي۔ پر رب پاڪ جي حڪم اڳيان انسان ڪنڌ جهڪائڻ کان سواء ٻيو ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهي۔ راه رباني طرف هر نفس واري کي هلڻو آهي۔ الله پاڪ اسان جي پياري دوست سائين انور کي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا فرمائي۔

05/10/2025

هڪڙا استاد اسڪول ئي نه آهن ويندا
هڪڙا استاد اسڪول ته ويندا آھن پر ڪلاس ۾ نه آھن ويندا
هڪڙا استاد ڪلاس ۾ ته ويندا آھن پر پڙھائڻ نه آهن ويندا
هڪڙا استاد ڪلاس ۾ به ويندا آھن پڙھائيندا به آھن پر صرف نوڪري سمجهي يا هيڊماستر يا اعلي آفيسرن جي خوشامد لاء

۽ هڪڙا عظيم اهي استاد جيڪي واقئي پيغمبري پيشي جو حق ادا ڪندا آھن پڙھائڻ سان گڏ سنوارڻ به ويندا آهن انهن لاء ڪلاس ۾ پيل ڪرسي ڪرسي نه ممبر هوندو آھي سامهون ويٺل انهن لاء شاگرد نه قوم جو مستقبل نظر ايندو آھي هو انهن ۾ ڊاڪٽر انجنيئر نه پر سٺو انسان ڏسندا آھن هو اهو سوچي ڪري نه پڙھائيندا آھن ته پگهار ملندي ھا شايد نوڪري انهن پگهار لاء ئي ورتي هئي پر جڏهن هو پاڻ کي ان پيشي ۾ سمائي ڇڏيو ته هاڻي انهن لاء پگهار معني نه رکندي آ تعليم معني رکندي آ شعور معني رکندو آ
فزڪس ڪيمسٽري بايولاجي جاگرافي سائنس تي هنن کي گرپ نه به هجي پر هنن کي انسانيت تي گرپ هوندي آھي خدا جي وحدانيت تي يقين هوندو آھي هنن لاء ڪلاس به مسجد جيان پاڪيزه جڳھ هوندي آھي پڙھائڻ هنن لاء عباد هوندي آھي هو هوندا آھن قوم سرمايو هنن کي ميڊلس جي ضرورت ئي نه هوندي آ هنن لاء ميڊل پنهنجي شاگردن جي مرڪ هوندي آ هو ڀلي سرڪاري بيسٽ ٽيچر واري لسٽ ۾ نه لڳن ڪا پرواھ نه هوندي آ هنن کي بلڪه هو اهڙن خوشامدي ميڊلس کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آھن
اهڙا استاد هوندا ته ٿورا آھن پر هوندا لاجواب آھن
اهڙن استادن کي اسان جو سلام بلڪه پوري قوم جو سلام

03/10/2025

محترمين والدين صاحب ڇنڇر جي ڏينهن چوٿين آڪٽومبر تي اسڪول کلي رهيا آهن ۔ ان لاء پنهنجن ٻارن کي اسڪول تيار ڪري موڪليندا۔
هيڊ ماسٽر ۔
عبدالستار ميمڻ

Address

Sehwan Sharif
Sehwan
76340

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBPS Care Colony Iqra School posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category