Government Boys High School Jhangara Campus

Government Boys High School Jhangara Campus Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Government Boys High School Jhangara Campus, School, Sehwan.

14/04/2026

تمام والدين ۽ شاگردن کي اطلاع ٿو ڪجي تہ ڪلاس نائين ۽ ڏهين جا امتحان ختم ٿي چڪا آهن
سڀاڻي 15 اپريل بروز اربع کان پڙهائي شروع ٿي رهي آهي ۽ ڪلاس ڇهين کان ڪلاس نائين تائين نيون داخلائون شروع ٿي چڪيون آهن.
بحڪم هيڊ ماستر گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا

04/04/2026

اسلام عليڪم
نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اطلاع ٿو ڪجي تہ سڀاڻي 05/04/2026 بروز آچر تي صبح 11 بجي پنهنجون امتحاني سلپون گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا مان کڻي وڃڻ
بحڪم هيڊ ماستر گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا

تمام والدين کي اطلاع ٿو ڏجي ته گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري  اسڪول جھانگارا ۾ ڪلاس ڇهين کان ڪلاس اٺين تائين جا سالانہ  ا...
25/02/2026

تمام والدين کي اطلاع ٿو ڏجي ته گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا ۾ ڪلاس ڇهين کان ڪلاس اٺين تائين جا سالانہ امتحان 2026-03-02 بروز سومر کان شروع ٿي رهيا آهن تمام والدين کي عرض ٿو ڪجي تہ پنهنجن ٻارڙن کي پابندي سان اسڪول موڪلين.

Award Distributed to Position Holders in inter school drawing competition Government Boys High School Jhangara Campus
06/11/2024

Award Distributed to Position Holders in inter school drawing competition Government Boys High School Jhangara Campus

آئوُن ڪِئَن ڇَڏِيان، سومِرا! تِنِ پنوَھارَنِ پَچارَ؟ جَڙَ جنِين جي جانِ ۾، لڳي رِءَ لُھارَ؛ميخُون مُحبَتَ سَندِيُون، ھِن...
28/09/2024

آئوُن ڪِئَن ڇَڏِيان، سومِرا! تِنِ پنوَھارَنِ پَچارَ؟
جَڙَ جنِين جي جانِ ۾، لڳي رِءَ لُھارَ؛
ميخُون مُحبَتَ سَندِيُون، ھِنئڙي مَنجهِہ ھَزارَ؛
پَکا ۽ پَنوَھارَ، ڏِٺي مُون ڏِينھَن ٿِيا.

استاد جي عظمت کي سلام جنھن انسان کي عظمت بخشي انسانيت جو درس ڏنو ديني ۽ دنياوي علم سمجھايو. جنھن ڪري انسان جڳ ۾ ڪاميابيون ماڻيون ۽ سرخرو ٿيو ۽ وڏو رتبو ماڻيو ۽ زندگي سليقي ۽ قدرن سان گذارڻ لڳو شل استاد جي عظمت ميري نه ٿئي.استاد جيڪي معصوم زندگين جي ڪوري ڪاغذ تي علم، ادب ۽ حسن اخلاق جا حسين رنگ چٽي نہ صرف شاگردن پر پوري معاشري جي بھترين تعمير ۽ ترقي ڪن ٿا.
الف ب جي اچارن کان ويندي ٻولي، تھذيب، تاريخ ۽ ثقافت سميت مختلف پهلوئن سان ذھنن جي آبياري ڪرڻ وارا اھي ئي استاد آھن. استاد جھڙي عظيم ۽ پيغمبري پيشي سان لاڳا پيل گورنمينٽ بوائز ھاء جھانگارا جو سينئر استاد محترم سائين شفيع محمد ڪنڀر جنھن پنھنجي زندگي جو ڳچ حصو گورنمينٽ سروس کي ارپيو جنهن ڪيترائي شاگرد تيار ڪري انھن جو مستقبل روشن بڻايو .محترم استاد سائين پنھنجي استادي جھڙي عظيم ۽ مقدس پيشي تان رٽائر ٿي ويو سندس رٽائرمنٽ جي موقعي تي اڄ گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول جھانگارا شاندار ۾ الوداعي تقريب رکي وئي.انهن جي تعليم جي شعبي ۾ پنهنجي ڏنل خدمتن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو. تقريب دوران ھيڊ ماستر سائين نصير محمد لاکو ايف اي غلام اصغر باريجو طرفان سائين جي سروس جي مڃتا طور سائين جن کي لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن سائين کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽گلن ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا. "الوداع"صرف ھڪ لفظ ته ناھي ھوندو.
نه ئي الوداع چوڻ سان صرف ھڪ شخص جدا ٿي ويندو آھي.الوداع چوڻ سان ان شخص سان جڙيل
ڪجھ يادگار لمحا،
ساڻس گذاريل ڪجھ پل، ھميشه ياد رھجي ويندا آھن . سائين جو اسڪول ۾ گذاريل وقت اسان سڀني کي ھميشه ياد رھندو . سائين شفي محمد صاحب جن جي ڪردار ۽ گفتار، پڙھائڻ جي پيار ڀري انداز کي تعريف جي ترازوء ۾ تورڻ بجاءِ اسٽاف جي استادن ۽ اسڪول جي شاگردن جي اکين ۾ ڳولي ڏسنداسين ته ڳوڙهو ڳوڙهو تشريح ٿيندو ويندو.

جن کے کردار سے آتی ہو صداقت کی مہک
ان کی تدریس سے پتھر بھی پگھل سکتے ہیں۔

يقينن اسڪول ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ اسڪولي شاگردن جو حصو وٺڻ لازم ھجي ٿو . اڄ ڪلاس نائين ڏھين جي شاگردن ۽ محترم استادن بالخصوص سائين لقمان نوحاڻي جي شاندار ڪارڪردگي اڄ جي ھن تقريب کي يادگار بڻائي ڇڏيو . اميد ڪريون ٿا ته اھڙيون غير نصابي سرگرميون وقت به وقت ٿينديون رھن .

بارگاهه الاهي ۾ التجاء دل اھائي تہ اللہ پاڪ سائين شفي محمد ڪنڀر کي صحت ۽ عافيت واري زندگي سان گڏ عمر دراز عطا فرمائي....... آمين

15/08/2024

عام اطلاع
گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا ۾ ڪلاس يارهين (فرسٽ ايئر) ۾ داخلائون شروع ٿي چڪيون آهن خواهشمند شاگرد جيڪي فريش ميٽرڪ پاس ڪري ويا آهن اهي اسڪول اچي پنهنجي داخلا ڪرائين داخلا جي آخري تاريخ 25/08/2024 آهي.
مهرباني
بحڪم پرنسپال ۽ هيڊ ماستر گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا

15/08/2024

قابل احترام والدين
السلام عليڪم
جيئن ته گرمين جي موڪلون ختم ٿي چڪيون آهن تعليمي سرگرميون اڄ 15 آگسٽ 2024 کان شروع ٿي چڪيون آھن., پنهنجي ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي پنهنجي گلڙن جهڙي ٻارڙن جو مستقبل روشن ڪيو.
علم پرايو جھالت ڀڄايو
علم پرايو سنڌ سنواريو

تمام والدين کي اطلاع ٿو ڏجي ته گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول جھانگارا (ڪيمپس) ۾ ڪلاس چوٿين کان ڪلاس اٺين تائين جا سالانہ  ام...
16/04/2024

تمام والدين کي اطلاع ٿو ڏجي ته گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول جھانگارا (ڪيمپس) ۾ ڪلاس چوٿين کان ڪلاس اٺين تائين جا سالانہ امتحان 15/04/2024 کان شروع ٿي رهيا آهن تمام والدين کي عرض ٿو ڪجي تہ پنهنجن ٻارڙن کي پابندي سان اسڪول موڪلين.

21/02/2024

عام اطلاع
گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا جي ڪلاس يارهين (فرسٽ ايئر) جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اطلاع ٿو ڪجي تہ يارهين ڪلاس ۾ ميڊيڪل، انجنيئرنگ (رگيولر) ۽ آرٽ (پرائيويٽ) جا انرولمينٽ فارم ڀرجي رهيا آهن 26/02/2024 تائين سڀئي شاگرد پنهنجا انرولمينٽ فارم ڀرائين آخري تاريخ کان پوء فارم ڀرائيندڙ جا ليٽ فيس سان گڏ فارم ڀريا ويندا
مهرباني
بحڪم پرنسپال ۽ هيڊ ماستر گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا

12/02/2024

عام اطلاع
گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا جي ڪلاس يارهين (فرسٽ ايئر) جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اطلاع ٿو ڪجي تہ يارهين ڪلاس جا انرولمينٽ فارم ڀرجي رهيا آهن سڀئي شاگرد جلد کان جلد پنهنجا انرولمينٽ فارم ڀرائين.
مهرباني
بحڪم پرنسپال ۽ هيڊ ماستر گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا

21/01/2024

عام اطلاع
گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا ۽ گورنمينٽ گرلز هاء اسڪول جھانگارا جي نائين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اطلاع ٿو ڪجي تہ نائين ڪلاس جا انرولمينٽ فارم ڀرجي رهيا آهن فارم جي آخري تاريخ 22/01/2024 سومر جي ڏينھن آهي ڏنل تاريخ تائين فارم نہ ڀرائيندڙ شاگردن کي ليٽ فيس سان فارم ڀرائڻو پوندو.
مهرباني
بحڪم هيڊ ماستر گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جھانگارا

Address

Sehwan
76141

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Government Boys High School Jhangara Campus posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category