18/09/2026
اسان جي اسڪول جي مکيه گيٽ تي پنهنجي ذاتي خرچ تي شاندار ۽ نئون اسڪول جو بورڊ لڳائڻ تي، اسان پنهنجي اسڪول جي محترم ۽ فرض شناس پرنسپال سائين عبدالحق زرداري صاحب جا شڪرگذار آهيون. سندس هي سخاوت وارو قدم ۽ اسڪول سان بي پناهه محبت نه رڳو اسڪول جي زينت کي وڌايو آهي پر اسان سڀني لاءِ هڪ وڏي حوصلا افزائي پڻ آهي.
سندس هي هميشه ياد رهندڙ خدمتون اسڪول جي ترقي ۽ بهتري جو بهترين مثال آهن. اسان دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ کيس صحت، تندرستي ۽ بلنديون عطا فرمائي آمين!
* پاران: اسڪول جي انتظاميا سڄو عملو ۽ شاگرد.