SDF High School Naio Kot Sanghar

SDF High School Naio Kot Sanghar SDF High School Nao Kot Sanghar

02/11/2022
صحافي سٿ جي دوستن جا وڏا وڙ !استاد محمد عرفان جتوئي استاد غازي رونجھو سروري!
02/11/2022

صحافي سٿ جي دوستن جا وڏا وڙ !

استاد محمد عرفان جتوئي استاد غازي رونجھو سروري!

اسان صحافي دوستن جا ٿورائتا آهيون جن اسان پرائيويٽ استادن کي ايڏو مان ڏنو !لک لائق پيارا دوستو!استاد غازي رونجھو سروري ا...
02/11/2022

اسان صحافي دوستن جا ٿورائتا آهيون جن اسان پرائيويٽ استادن کي ايڏو مان ڏنو !
لک لائق پيارا دوستو!

استاد غازي رونجھو سروري استاد محمد عرفان جتوئي!

ايس ڊي ايف ھاء اسڪول نئون ڪوٽ تعلقو سانگھڙ جي سينيئر استادن غازي رونجھو سروري ۽ محمد عرفان جتوئي چار سالن جون خدمتون سرا...
31/10/2022

ايس ڊي ايف ھاء اسڪول نئون ڪوٽ تعلقو سانگھڙ جي سينيئر استادن غازي رونجھو سروري ۽ محمد عرفان جتوئي چار سالن جون خدمتون سرانجام ڏئي ھن اداري ۾، اڄ پنهنجي ڪيريئر جي نئين سفر تي نڪري ويا ۽ ھن اداري کي خوشي خوشي الوداع ڪيو !
ان موقعي تي استاد غازي رونجھو سروري ۽ استاد محمد عرفان جتوئي پنهنجي طرفان محنتي ۽ ريگيولر شاگردن کي حسن ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا!
۽ بھترين شاگردن کي بيسٽ اسٽوڊينٽ ايوارڊ پڻ ڏنا !
ان موقعي تي شاگردن بہ پنهنجي پيارن استادن غازي رونجھو سروري ۽ محمد عرفان جتوئي کي تحفا ڏنا ۽ اجرڪون پارايون !
ان موقعي تي پنهنجي آخري خطاب ۾ استاد غازي رونجھو سروري ۽ محمد عرفان جتوئي پنهنجي شاگردن کي علم سان چاھ رکڻ محنت جاري رکڻ ۽ وڏن جو ادب ننڍن سان پيار ڪرڻ استادن جو ادب ڪرڻ ريگيولر اسڪول اچڻ، جون نصيحتون پڻ ڪيون ۽ اداري لاءِ پڻ دعا ڪئي تہ ھي ادارو ھميشہ ڪاميابيون ماڻيندو رھي ۽ علائقي واسين جي ٻارڙن لاءِ ڪم ڪندو رھي !
اڳوڻي ھيڊ ٽيچر سر پريم چند پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي فرمايو تہ استاد غازي رونجھو سروري ۽ محمد عرفان جتوئي پنهنجي دؤر جا بھترين استاد آھن سندن محنت جي جيڏي بہ تعريف ڪجي سا گهٽ آهي، اڄ ھنن استادن جي محنتن ۽ ڪاوشن سان ھن اسڪول جو پنھنجي علائقي۾ سٺو مقام آهي، ھنن استادن جي محنتن سان اسان جي اسڪول جا شاگردن اي ون گريڊ ۾ ڪامياب ٿيا، اسان دعاگو آهيون تہ ھي استاد جتي بہ ھجن خوش ھجن !
استاد عطا محمد راھو ۽ استاد تنوير احمد بھڻ بہ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ استاد غازي رونجھو سروري ۽ استاد محمد عرفان جتوئي جي نئي سفر جي لاءِ دعا پڻ ڪئي!
۽ چيو تہ ھي ٻئي استاد قابل تعريف آهن، ھن اسڪول ۾ سندن جيڪي خدمتون آهن اھي ھميشہ ياد رھنديون، ھتي علائقي واسين جون نياڻيون بہ پڙھن ٿيون چار سالن جي ڊگھي عرصي دوران ھنن استادن جي محنتن ۽ ڪاوشن جي ڪري اسڪول جو ماحول تمام بھترين رھيو سندن دور کي ھن اسڪول جو سونھري دور چئي سگهجي ٿو،
پروگرام جي آخر ۾ اڳوڻي ھيڊ ٽيچر سر پريم چند سموري اسٽاف جي دعوت ڪئي، ۽ آخر ۾ سموري اسٽاف استاد غازي رونجھو سروري ۽ محمد عرفان جتوئي کي دعائون ڏئي الوداع ڪيو !

Address

Sindh
Sanghar

Telephone

+923332922656

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SDF High School Naio Kot Sanghar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to SDF High School Naio Kot Sanghar:

Shortcuts

Share

Category