29/05/2025
تعليم واري وزير پاران اسڪولن جي عملدارن کي اها سخت هدايت جاري ڪرڻ جو قدم ساراه جوڳو آهي ته مهمانن ۽ عملدارن کي اجرڪ، سنڌي ٽوپي يا ٻيا تحفا ڏيڻ جي روايت کي فوري طور بند ڪيو وڃي. هي فيصلو اسڪولن ۽ شاگردن تي غير ضروري بار وجهڻ واري غير تعليمي روايتن جي خاتمي ڏانهن هڪ مثبت اڳڀرائي آهي.
سرڪاري تعليمي ادارن کي رسمي رسمن بدران علمي ۽ تدريسي معيار کي ترجيح ڏيڻي گهرجي.
عزت، مهمان نوازي ۽ خدمت جو اظهار تحفن سان نه، پر علم، نظم و ضبط ۽ خلوص سان ٿيڻ گهرجي.
اسان تعليم کاتي، حڪومت سنڌ جي ان ساراهه جوڳي ڪوشش کي ڀرپور داد ڏيون ٿا، جيڪا تعليمي ادارن ۾ سادگي، ميرٽ ۽ وقار کي فروغ ڏئي رهي آهي. اچو ته اسڪولن کي پروٽوڪول جا اسٽيج نه، پر علم جا مرڪز بڻايون.