20/08/2024
شکوۂ ظلمت شب سے تو کہیں بہتر تھا
اپنے حصے کی کوئی شمع جلاتے جاتے
توڙي جو منهنجي زندگي جو هي انتهائي تڪليف ڏيندڙ فيصلو هو پر هڪ ڀڳل ٽٽل اسڪول کي هڪ معياري اداري جي شڪل ڏئي اڄ هيڊ ماستر طور سفر کي ڪجه هن صورت پورو ڪيو.
هن سفر مون کي گهڻو ڪجه ڏنو ء مون کان ٻيڻ تي وصول ڪيو. سموري سفر دوران مون کي هر وقت مدد ڏيندڙ ٻه ماڻهو، علي نواز سومرو ء صدام انصاري ڪڏهن به وسري نه سگهندا.
ان سان گڏ اهو به ضرور چوندس ته ان ڪاميابي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل تسخير آهي.
توهان سڀني استادن جي پيرن تي هٿ. اميد آهي ته توهان تڪليفن جي باوجود علم جي لاٽ کي ٻاري رکندا.