It's Sajjad's videos

It's Sajjad's videos Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from It's Sajjad's videos, Educational Research Center, Ratokot.

Masha Allah
15/06/2026

Masha Allah

وائي بادي هڪ اهڙو موذي مرض آهي، جيڪو جيستائين جسم مان ٻاڦ بڻجي ٻاهر نه نڪرندو، تيستائين اندر ۾ وٽ ۽ چڪر ڏيندو رهندو. اڄڪ...
03/06/2026

وائي بادي هڪ اهڙو موذي مرض آهي، جيڪو جيستائين جسم مان ٻاڦ بڻجي ٻاهر نه نڪرندو، تيستائين اندر ۾ وٽ ۽ چڪر ڏيندو رهندو. اڄڪلهه اهڙي ئي وائي بادي اسان جي معاشري جي اخلاق ۽ ڪردار کي پڻ چڪرائي ڇڏيو آهي.

*سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندري جي ڪتاب "جھنگل ۾ جھرمٽ" منجهان اقتباس*
سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندري هن اقتباس ۾ "وائي بادي" جي مثال سان وڏي ڳالهه سمجهائي آهي.

*وائي بادي ڇا آهي؟*
طب جي لحاظ کان وائي بادي پيٽ جي اها بيماري آهي جنهن ۾ ريح/گيس جسم ۾ ڦاسي پوندي آهي. اها جيستائين ڊُڪار يا ٻئي رستي ٻاهر نہ نڪري، تيستائين ماڻهوءَ کي بيچين ڪري ڇڏيندي آهي. پيٽ ۾ مروڙ، سِر ۾ چڪر ۽ سڄي جسم ۾ بي آرامي ٿيندي آهي.

*سادن لفظن م:*
سائين غلام حيدر شاھ چوي ٿو تہ جيئن وائي بادي جسم کي اندر ئي اندر پيڙيندي آهي، تيئن اڄڪلهه اسان جي سماج ۾ به هڪ "اخلاقي وائي بادي" پيدا ٿي وئي آهي.

*اها بيماري آهي:*
1. *لالچ ۽ خود غرضي* - هر ڪو رڳو پنهنجو سوچي ٿو
2. *ڪوڙ ۽ ٺڳي* - سچ ڳالهائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي
3. *بي حسي* - ٻئي جي ڏک تي دل نه ٿي ڏُکي
4. *ڏيکاءُ* - اندر کان خالي پر ٻاهر کان چمڪندڙ

جيستائين هيءَ "اخلاقي گيس" اسان جي دلين ۽ دماغن مان نيڪي، سچائي ۽ احساس جي صورت ۾ ٻاهر نه نڪرندي، تيستائين سڄو سماج مونجهاري، بيچيني ۽ چڪر ۾ ئي رهندو.

*روحانيت ۽ تصوف ۾ "وائي بادي" جو مطلب:*

صوفين ۽ روحاني اُستاد وٽ "وائي بادي" رڳو جسماني بيماري ناهي، پر هڪ باطني ڪيفيت جو نالو آهي.

*1. نفس جي بيماري:*
روحانيت ۾ وائي بادي انهن خيالن، وسوسن ۽ خواهشن کي چئبو آهي جيڪي دل ۽ دماغ ۾ ڦاسي پون ٿيون. جيئن گيس پيٽ ۾ مروڙ ڏئي، تيئن هي نفساني خيال انسان کي بيچين رکندا آهن. ان ۾ اچي ٿو: هوس، حسد، ڪينو، وڏائي، دنيا جي محبت.

*2. حجاب يا پردو:*
سائين غلام حيدر شاھ قلندري چون ٿا ته وائي بادي دل تي هڪ پردو وجهي ٿي. جيستائين اها "روحاني گيس" ذڪر، فڪر ۽ رياضت ذريعي ٻاهر نه نڪري، تيستائين انسان کي حق جي سڃاڻپ نه ٿيندي. دل ۾ ڳرو هجڻ، عبادت ۾ مزو نه اچڻ، هر وقت بي آرامي - هي سڀ روحاني وائي بادي جون نشانيون آهن.

*3. علاج:*
سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندري جهڙا استاد ان جو علاج هيئن ٻڌائين ٿا:
- *ذڪر الاهي*: "الله هو" جو ورد اها ٻاڦ آهي جيڪا اندر جي وائي بادي کي ٻاهر ڪڍي ٿي
- *روحاني اُستاد جي صحبت*: ڪامل اُستاد جي نظر سان اها گيس تحليل ٿي وڃي ٿي
- *توبہ ۽ استغفار*: دل جي صفائي سان اندر جو بار هلڪو ٿئي ٿو
- *خدمت خلق*:
- نبي ڪريم صه جي مُحبت دُرُود پاڪ ڏيئي ڀٽڪيل انسان کي کي راهي حق تي آڻڻ جي
- ٻين جو درد محسوس ڪرڻ سان پنهنجي اندر جي گرمي نڪري ٿي

*سائين سيد غلام حيدر شاھ جو اشارو:*
سائين غلام حيدر شاھ چئي ٿو ته معاشري کي وائي بادي ٿي وئي آهي، ته ان جو روحاني مطلب هي آهي ته ماڻهن جي دلين مان خدا جو خوف، انسانیت جو درد ۽ سچ جي طلب نڪري وئي آهي. ان جي جاءِ نفس جي گندگي ڀرجي وئي آهي. جيستائين توبه، ذڪر ۽ سچائي جي "ٻاڦ" نه نڪرندي، سماج سڪون نه لهندو.

*مختصر مطلب روحاني ظاھري*:
*1* *روحاني وائي بادي = نفس جا اهي روڳ جيڪي انسان کي خدا ۽ انسانیت کان پري ڪن.*
ان جو علاج دل جي صفائي آهي.
هوا صفائي تڏهن ٿيندي جڏهن اسان محبوب نبي ڪريم صه تي دُرود پاڪ پڙھندا سي
*2* *سماج جي بگاڙ* جو سبب اسان جي اندر جي خرابي آهي. ان جو علاج تڏهن ئي ٿيندو جڏهن اسان پنهنجي اندر جي ڪُڌ، لالچ ۽ بي حسي کي ٻاهر ڪڍي سچ ۽ خلوص کي جاءِ ڏينداسين.
*خلوص کي* جاء تڏهن ڏينداسي جڏهن الله پاڪ جو ذڪر ڪنداسي

*بابا سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندري*

20/05/2026

❤️❤️

محبوب بابا سائين غلام حيدر شاھ جي ڪتاب " آذانِ عشق " منجھان اقتباس ۔دوستو ! جيڪي به اولياء اڪرام آھن جيڪي به بزرگ ھستيون...
20/05/2026

محبوب بابا سائين غلام حيدر شاھ جي ڪتاب
" آذانِ عشق " منجھان اقتباس ۔

دوستو ! جيڪي به اولياء اڪرام آھن جيڪي به بزرگ ھستيون آھن اھي اسان جا ڇپر ڇانو آھن، اھي عشق مصطفٰی ﷺ جا ٻوٽا وڌي وڻ ٿيا، اڄ پنج پنج سٶ ڇھ ڇھ سٶ سالن کانپوءِ به انھن وڻن مان اسان کي آرام سڪون ملي ٿو، اُھي ٻوٽا اُھو عشق مصطفٰی ﷺ جو ٻج پوکڻ جي لاء اڄ اسين ھتي آيا آھيون ته اُھو عشق مصطفٰی ﷺ جو ٻج پوکجي، ظاھري تعليمون درس تدريس اھي به سڀ ڀلا آھن پر اُن سان گڏ الله وارن جو روحاني علم به لازمي حاصل ڪرڻ گھرجي،
دوستو ! حضرت خواجہ بختيار احمد ڪاڪي رحمتہ اللہ علیہ جيڪا ھڪ وڏي ھستي ٿي گذري آھي، اُن وٽ ھڪ ماڻھو ايندو ھو، ھُن کي روز چوندو ھو، سائين آءُ نيڪ آھيان آءُ عالم آھيان، مون ھيترو علم حاصل ڪيو آھي، مون فقھہ ۾ مون نحو ۾ وڏي مھارت ورتي آھي، ھُو پنھنجيون ڪھاڻيون ڪندو ھو ۽ سائين کي پنھنجيون علمي ڳالھيون، علمي خاصيتون ٻڌائي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو ۽ چوندو ھو ته اسلام جا جيڪي پنج رڪن آھن روزو، نماز، زڪوات، حج، توحيد، آھن پر سائين چوندو ھو ته ڇھون به رڪن آھي چيائين سائين ڇھون آھي ئي ڪونه پنج آهن سائین چیو ڇھون آهي خدمت خلق معنٰی انسان ذات جي خدمت في سبيل الله بغير ڪنھن لوڀ لالچ جي، اُن ما ڻھوءَ کي پنھنجي علم تي تڪبر ھُيو اُن اها ڳالھ ڪون ٻُڌي ۽ سائين سان بحث ڪري ڪاوڙجي حج تي ويو هليو، ھُن ست سال مسلسل وڃي ست حج ڪيا اُتي رهيو، جڏهن واپسي ۾ آيو، اُنھي وقت هوائي جهاز ڪون هوندا هئا، پاڻي وارا جھاز هوندا هئا. اهو پاڻي وارو جهاز آيو اوچتو پاڻي جي وچ ۾ اُن جھاز ۾ ڪا خرابي ٿي ڪي ڪيڏانھن ٻُڏا، ڪي ڪيئن هي ويچارو ٻڏندو ترندو غوطا کائيندو اچي ڪنھن سامونڊي ٻيٽ تي جزيري تي پھتو، اُتي ھُو ڪنھن پھاڙ جو جبل جو پاسو وٺي ويھي رھيو، اُن سامونڊي ٻيٽ ۾ پھاڙي ۾ ھن کي ٽي ڏينھن چار ڏينھن ٿي ويا، ماڻھو آهي، ساھ وارو آهي، بغیر پاڻي جي بغير كائڻ پيئڻ جي، ڪٿي رهي، سو هُن کي اچي بک لڳي ته هُن كي ٽي چار ڏينھن کانپوءِ اتي هڪڙو ماڻھو مليو، هُن جي هٿ ۾ پاڻي به هو ته كائڻ جي لاء به ڪجھ هو، هُن چيو اهو كاڌو مونكي ڏي ايندڙ همراھہ چيس هي ماني آءُ توکي ائين ڪو نه ڏیندس. هُن گهٹیون ڳالھیون ٻُڌایون، ته مون حج پڙهیا آهن آءُ نیڪوڪار آهیان، آءُ فرض پڙهان ٿو تهجد اشراق پڙھان ٿو آءُ زاهد آهیان، عابد آهیان پر همراھہ چیس ڪجھ به هُجي ھي کاڌو ۽ پاڻي آءُ توکي ائين مفت ۾ ڪون ڏيندس پر جي تون پنهنجي نيڪين مان ڪجھ نيڪيون منھنجي نالي ڪندين ته آءُ توكي ماني ۽ پاڻي ڏيان بھر حال هُن پنهنجا ڪجھ فرض ھُن جي نالي ڪيا ته اُن ھمراھہ ھِن كي ماني ڏني، وري ٽئين ڏينھن کانپوءِ وري هُن ويچاري کي اها بک اڃ لڳي، وري به اُهو ماڻھو آيو، چيائينس اڃا به مونكي ماني ڏي پاڻي ڏي، ائين هلندي هلندي هو ٽي چار مرتبہ آيو، هِن۔ ھُن کي پنهنجا حج به ڏنائين هُن کي پنھنجا فرض به ڏنائين هُن کي پنهنجا جيڪي به بندگيون عبادتون نيڪيون ثواب، نيٺ سڀ هُن جي حوالي ڪيائين آخر ۾ وري اُهو همراھہ آیو اُن كي چيائين مون کي وري به ماني ڏي پاڻي ڏي، اُن همراھہ چیس ائین ڪو نہ ڏيندس هي وٺ پنو هِن تي باقاعده تون لِک مون ماني جي عيوض پنهنجا حج زڪواتون فرض نفل مون سڀ توكي ڏنا، هِن اُن ھمراھہ کي بلڪل ائين لکي ڏنو جيڪا ھُن شرط رکي، ته هِن پاڻي پيتو ماني كاڌي هُو ماني كائڻ کانپوءِ اتان نڪرڻ جي لاء پھاڙ تي چڙھي آيو ته ڪو پاڻي وارو جھاز اُن رستي تان وڃي پيو اُن جھاز هن کي کڻي پار پڄايو آهستي آهستي ساهي پٽي وري اچي سائين سان مليو، سائين كي ٻُڌایائین ڏاڍيون ڳالھيون ٻُڌايائين مون حج ڪيا مون خانه ڪعبت الله جا طواف ڪيا مون هُتي وڏيون بندگيون ڪيون، وڏا وڏا ٻول ٻُڌايائين سائين ماٺ ڪري ويٺو رهيو، سائين چيو "مولوي صاحب مونكي ٻڌايو" اسلام جا رڪن ڪيترا آهن چیائین پنج" سائين چيو ڇھون به رڪن آهي خدمت خلق چيائين سائين نه، سائين چيو "بابا آهي" چيائين ڪيئن آهي، سائين اهو پنو سندس هٿ وارو جيڪو هُن لكي ڏنو هو كيس ڏيكاريندي چيو اِهو اٿئي ڇھون رڪن خدمت خلق، هن پڙهيو هن ڏٺا ته منهنجا پنهنجا اکر آهن، جنهن ۾ مون سڀئي حج بندگيون عبادتون مون جيڪو سڀ ڪجھ ٻئي كي ڏئي ڇڏيو آهي، هو ڏاڍو شرمسار ٿيو ھڪدم سائين جا پیر چمي توبھ تائب ٿيو، جيترا ڏينھن سندس زندگي هئي، هو بلڪل خاموش رهيو، هن جو ڪڏهن به ڪنهن آواز ڪو نہ ٻڌو، هن کي اها خبر پئي ته عشق غالب آهي روحانيت حاوي آهي، هن علم تي هن عقل تي روحانيت عشق جو غلبو آهي هاڻي اهو عشق روحانیت ڇا آهي؟ اهيو عشق روحانيت آهي، عشق مصطفٰی ﷺ جيڪو توهان کي اسان کي ڪيئن ملندو توهان کي اسان کي ملندو، ڪثرت درود پاک مان اِها آهي عشق مصطفٰی ﷺ جي ڪُنجي ان كي توهان قائم رکو، جڏهن توهان جي اندر ۾ منھنجي محبوب كريم ﷺ جي محبت اچي وئي ته توهان جي دلين ۾ محبت جڳھ ٺاهيندي، جڏهن توهان جي ھي ڪٽيل زنگیل دل محبت محمدي ۾ ايندي، توهان کي فرضن جي خبر پوندي توهان کي پنھنجي حقن جي به خبر پوندي، توهان کي آڙي پاڙي جي خبر پوندي توهان کي حقوق الله کانسواءِ حقوق العباد جي به خبر پوندي توهان کي ماءُ پيء جي ادب جي خبر پوندي توهان کي سڀ خبرون تڏهن پونديون، جڏهن توهان جي اندر ۾ عشق مصطفٰی ﷺ ڀڙڪا كاڌا، نه ته اهي سڀ عبادتون فقط فارميلِٽي هونديون، تنھن ڪري علم سان گڏ عشق لازم آھي عشق اسان کي تڏهن ملندو، جڏهن اسان کي اولياء اڪرام جي صحبت ملندي۔





دوستو! هيءَ محنت جاڳي ڪاهڻ وارن جي آهي، جيڪي هر حال ۾ ڪاهين،زندگيءَ جي هر وهنوار ۾ گرمين سردين ۾، خوشين غمين ۾ ڪاهين، لا...
18/05/2026

دوستو! هيءَ محنت جاڳي ڪاهڻ وارن جي آهي، جيڪي هر حال ۾ ڪاهين،زندگيءَ جي هر وهنوار ۾ گرمين سردين ۾، خوشين غمين ۾ ڪاهين، لاچار لاغر ۽ سست ڪاهل جو پانارو پوي ئي ڪو نه، جيڪي جاڳيا انهن جا دل ڀي جاڳيا ۽ ضمير ڀي جاڳيا، اهي جاڳائيندا ويا راڄن کي، ستيون سڪ واريون سيکاريندا ويا، پنهنجي فن جا اهڙا ته ماهر هئا، جو اڄ انهن جي محنتون ڀي جاڳن پيون، انهن جا فڪر ۽ فلسفا ڀي جاڳن پيا، انهن جا آستانا ڀي جاڳن پيا، دوستو ان جاڳڻ وارن جو پاسو وٺو، يقينن هي عشق مصطفيٰ صل الله عليه وسلم ۽ درود پاڪ صلي الله عليه وسلم بس سنڀالي کڻو، هي واپار ڪارائتو اٿئو.

بابا سائين غلام حيدر شاھ بادشاھ جي دوستن سان روحاني ڪچهري.

ڪتاب "نچوڙيو نينهن جن کي" منجھان اقتباس.


Syed Ghulam Hyder Shah "Hyder Qalandari"
Syed Gulam Hyder Shah






💖💖
10/05/2026

💖💖

10/05/2026

Mola Alee 💖💖

04/05/2026
محبوب بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري جي ڪتاب " آذانِ عشق " منجھان اقتباس ۔دوستو ! ادب روحاني زندگي ۾ روح ڦوڪيندو آھي ۔ ...
04/05/2026

محبوب بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري جي ڪتاب
" آذانِ عشق " منجھان اقتباس ۔

دوستو ! ادب روحاني زندگي ۾ روح ڦوڪيندو آھي ۔ توهان ڏسو ته ابليس نافرماني کان اڳ ۾ ھزارين ورھين تائين الله پاک جو انتھائي عبادت گزار مقرب ۽ عالم جن ھيو روايات جي مطابق ھُو 30 کان 80 ھزار ورھين تائين فرشتن سان گڏ رھيو ، آسمانن ۽ زمين تي عبادت ڪيائين ۽ ھُن جو شمار مقربين ۽ فرشتن جي سردارن ۾ ٿيندو ھُيو، پر تڪبر جي ڪري الله پاک جي حڪم جي پيروي نه ڪيائين ۽ بي ادب ٿي بيٺو ، ھُو پنھنجي عبادت جي غرور ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ الله پاک جي حڪم جي باوجود به حضرت آدم علیہ السلام کي سجدو نه ڪيائين ۽ لعنتي ملعون ٿي آسمانن تان تڙجي ويو، ڇو ؟ ڇو جو ھُن بي ادبي ڪئي ۽ الله پاک جي حڪم جي پيروي نه ڪئي ۔ جنھن منزل تي ادب پڄائيندو آهي اتي ڪابه عبادت پڄائي نه ٿي سگهي ۔ ادب جو تعلق روح سان آهي ۽ روح جو تعلق الله سان آهي ۔ جنھن کي الله سائين کپي محبوب مديني واري سائين جي عطا کپي اھو ادب واري راھ اختيار ڪري توهان صرف درود جي ڪثرت سان ۽ محبوب کریم ﷺ جي سوانح حيات مان ادب کي پڙھي ۽ سمجهي سگھو ٿا ۔

04/04/2025

😍💖
゚viralシfypシ゚viralシalシ

Address

Ratokot

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when It's Sajjad's videos posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share