Study With Farooq

Call Directions Website Contact the school

Study With Farooq ONLY EDUCATION

28/07/2026

نياڻيون الله پاڪ جي سڀ کان وڏي نعمت، انمول رحمت ۽ هر گهر جي حقيقي خوبصورتي آهن.اچو ته پُٽن وانگر ڌيئرن سان به هڪ جهڙو پيار ۽ عزت ڪريون..

20/06/2026

منهنجي اڪائونٽ تي پابنديون لڳيون آھن پيارن دوستن، ڀائرن ۽ فالورس کي نماڻي گذارش آهي ته مهرباني ڪري منهنجي وڊيو تي ڪمينٽ ۽ شيئر ڪريو ته جيئن منهنجي اڪائونٽ تان پابنديون ختم ٿين ۽ منهنجو مواد وڌيڪ ماڻهن تائين پهچي سگهي. توهان جي سهڪار ۽ محبت لاءِ دل جي گهراين سان ٿورائتو رھندا. 🙏❤️

27/05/2026

✨ عيد الاضحيٰ مبارڪ ✨🌙
دنيا جي سموري مسلمان امت کي دل جي گهراين سان عيد الاضحيٰ جون لک لک واڌايون 💐
الله پاڪ هيءَ برڪتن ڀري عيد سڀني لاءِ خوشيون، امن، محبت ۽ رحمت کڻي اچي 🤲🏻 قرباني جو هي پاڪ ڏينهن اسان جي زندگين ۾ اخلاص، صبر ۽ انسانيت جو جذبو وڌيڪ مضبوط ڪري سڀني مسلمان ڀائرن، ڀينرن، دوست احباب، رشتيدارن کي عيد مبارڪ
Regards:
Farooq Fareed Abro

24/05/2026

ٻارڙن کي ڪلاس ۾ ڦڦڙن 🫁 ۽ گئسي مٽاسٽا (Gaseous Exchange) بابت تفصيلي پڙهايو
بورڊ تي ڦڦڙن ۽ الويولي (Alveoli) جون تصويرون ٺاهي شاگردن کي سمجهايو ته انسان جو ساهه کڻڻ وارو نظام ڪيئن ڪم ڪري ٿو.
تمام گهڻي خوشي ٿي جڏهن شاگردن پڙهائي کي رڳو سبق نه، پر هڪ دلچسپ راند وانگر محسوس ڪيو۔ ✨
سچي تعليم اها آهي جيڪا ٻارن جي دل ۾ تجسس، خوشي ۽ سکڻ جو شوق پيدا ڪري۔ ❤️📚
جڏهن استاد محبت سان پڙهائي ٿو ته ڪلاس روم علم، خوشي ۽ تخليق جو خوبصورت جهان بڻجي وڃي ٿو🌿😊

فاروق فريد ابڙو✍️📝

23/05/2026

اڄ هڪ ننڍڙو زخمي (چٻري) الوءَ جو ٻچو 🦉 مليو، جنهن تي ٻيا پکي حملو ڪري رهيا هئا. اهو اڃا ايترو ننڍڙو هو جو اُڏامي به نه پئي سگهيو. مون ان کي بچايو، پاڻي پياريو ۽ پيار سان واپس ان جي آکيري 🪹 تائين پهچايو.
پر افسوس، ڪجهه ماڻهن الوءَ (چٻري) کي نحوست، جادو يا بري نشاني سڏيو. اصل ۾ الو به الله پاڪ جي هڪ حسين مخلوق آهي، بلڪل ٻين پکين وانگر. قدرت جي هر مخلوق خوبصورت آهي، ۽ انهن سان نفرت يا تعصب ڪرڻ فطرت سان ناانصافي آهي.
پيار، رحم ۽ حفاظت اهو ئي انسانيت جو اصل حسن آهي ❤️
اڄ دل کي سڪون ان ڳالهه جو ٿيو ته هڪ معصوم جاندار پنهنجي آکيري تائين محفوظ پهچايو….🙂🦉🦉🦉🦉🦉
فاروق فريد ابڙو…✍️📝

20/05/2026

Educational flame experiment using sanitizer 🔥🧪
Performed carefully with safety precautions.
Sanitizer contains alcohol, which is highly flammable — please do not try carelessly. HM Khoja Garden School No. 2, Khoja Garden Nawabshah

18/05/2026

اڄ ڪلاس ۾ شاگردن کي انساني ڦڦڙن (Lungs) جي بناوت ۽ ساهه کڻڻ جي مڪمل عمل (Respiration) بابت تفصيل سان سکيا ڏني
شاگردن کي ٻڌايو ويو ته ڪيئن اسان جا ڦڦڙا آڪسيجن جسم ۾ پهچائين ٿا ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٻاهر ڪڍن ٿا
سائنس صرف ڪتابن تائين محدود ناهي، پر اها اسان جي روزاني زندگيءَ کي سمجهڻ جو بهترين ذريعو آهي۔ ✨

هڪ سٺو استاد صرف سبق نه پڙهائيندو آهي، پر شاگردن جي سوچ کي به روشن ڪندو آهي.

17/05/2026

مان سڀني والدين کي گذارش ٿو ڪريان ته پنهنجي ٻارن کي باقاعدگي سان اسڪول موڪلين، جيئن هو سٺي تعليم حاصل ڪري سگهن.
اسان جا ڪلاس تمام پابندي سان هلن ٿا ۽ ٻارن کي
معياري تعليم فراهم ڪئي وڃي ٿي.
(G.P)_High_School_No.2_Nawabshah


#تعليم

Address

Larkana
Ratodero
77380

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Study With Farooq posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Study With Farooq:

Shortcuts

Share