05/02/2026
ڪشمير ڊي جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر رتو ديرو مير منظور علي ڏاهاني شرڪت ڪئي. هن پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ڊي جي اهميت بيان ڪندي چيو ته ڪشمير پاڪستان جي رڳ آهي ۽ ڪشميري عوام جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي. هن شاگردن کي تلقين ڪئي ته هو تعليم، اتحاد ۽ قومي شعور ذريعي ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار جاري رکن