Evershine Group of Colleges Gambat Sobhodero Ranipur

Evershine Group of Colleges Gambat Sobhodero Ranipur Educational institute

12/03/2026

سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن موجب 13-03-2026 تي موڪل جو اعلان
Evershine Group of Colleges Gambat Sobhodero Ranipur
جون سڀئي برانچون سڀاڻي 13-03-2026 تي بند رهنديون.
سڀني شاگردن کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته سڀاڻي 13-03-2026 وارو امتحاني پيپر هاڻي ڇنڇر 14-03-2026 تي، ڇنڇر جي مقرر ڪيل پيپرن سان گڏ ورتو ويندو.
مهرباني .
انتظاميه
Ever Shine Group of School & College Ranipur/Gambat/Sobhodero.

اڄ سالياني امتحان 2026 جي چوٿين ڏينهن تي،Ever Shine Group of Schools and Colleges ۾ معزز سر عبدالحيڪيم چنا صاحب (پرنسپل...
12/03/2026

اڄ سالياني امتحان 2026 جي چوٿين ڏينهن تي،Ever Shine Group of Schools and Colleges ۾ معزز سر عبدالحيڪيم چنا صاحب (پرنسپل) جي موجودگي ۾ نرسري کان اٺين ڪلاس تائين هلندڙ امتحانن دوران امتحاني بلاڪن جو دورو ڪيو ويو، جتي شاگردن جي همت افزائي ڪئي ۽ کين محنت سان اڳتي وڌڻ لاءِ حوصلو ڏنو .
ان موقعي تي معزز سر عبدالرسول مجيداڻو صاحب، پرنسپل گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول، پڻ امتحاني بلاڪن جو دورو ڪيو. هن مختلف ڪلاسن جي شاگردن جون سالياني جواب ڪاپيون ڏسي سندن ٽيلنٽ، قابليت ۽ محنت کي ساراهيو.
سر صاحب Evershine Group of Schools and Colleges جي بهترين تعليمي ماحول، نظم و ضبط ۽ شاگردن جي محنت کي ڏسي تمام گهڻو تعريف ڪئي.
يقيناً محنت، لگن ۽ سٺي رهنمائي سان شاگردن جو روشن مستقبل تعمير ٿيندو.
"تعليم ئي قوم جي ترقي جو بنياد آهي."

Evershine Group of Colleges Gambat Sobhodero Ranipur
Ever Shine College Sobhodero
Ever Shine Group of School & College Ranipur/Gambat/Sobhodero.
Ever Shine College Gambat

11/03/2026

اڄ جي ڏينهن دل چيو ته ايورشائين ڪاليج سوڀوديرو پنھنجي دوستن کي ڏيکاريا. اھي ڪاوش قابل احترام انجنيئر ممتاز علي چنا صاحب جن جي آھي. جنھن سوڀوديرو جي ايورشائين کي بھترين بلڊنگ ، بھترين اسٽاف، بھترين مسجد، بھترين سائنس ليب، بھترين راند جو ميدان سرسبز ، بھترين ڪمپيوٽر ليپ ٽاپ ليب ۽ بھترين ايئرڪنڊيشن ڪلاس مھيا ڪري ثابت ڪيو ته ھو پنھنجي شھر سوڀوديرو سان بي انتھا محبت پيو ڪري

اڄ ايور شائن گروپ آف اسڪولز اينڊ ڪاليجز ۾ نرسري کان اٺين جماعت تائين هلندڙ سالياني امتحان 2026 دوران محترم سر انجنيئر مم...
10/03/2026

اڄ ايور شائن گروپ آف اسڪولز اينڊ ڪاليجز ۾ نرسري کان اٺين جماعت تائين هلندڙ سالياني امتحان 2026 دوران محترم سر انجنيئر ممتاز علي چانّا صاحب (Patron-in-Chief) مختلف بلاڪن جو دورو ڪيو۔

سندس شاگردن سان ملاقات، حوصلا افزائي ۽ تعليم بابت قيمتي هدايتون اسان سڀني لاءِ وڏي عزت ۽ حوصلو آهن۔
تعليم ئي اها روشني آهي جيڪا قومن جو مستقبل روشن ڪري ٿي۔
اسان جا شاگرد محنت، نظم ۽ ايمانداري سان امتحان ڏئي رهيا آهن، جيڪو سندن روشن مستقبل ڏانهن هڪ اهم قدم آهي۔
📚 “محنت ڪندڙ شاگرد ئي سڀاڻي جا اڳواڻ بڻجن ٿا.”

دوري دوران مختلف امتحاني بلاڪن جو جائزو ورتو ويو ۽ امتحاني عمل جي شفافيت، نظم و ضبط ۽ بهتر انتظام کي يقيني بڻايو ويو۔ ان موقعي تي استادن ۽ اسڪول انتظاميا جي ذميواري، محنت ۽ پيشه ورانه خدمتن کي وڏي قدر سان ساراهيو ويو۔

شاگردن پڻ امتحاني ماحول جي بهتري ۽ مهيا ڪيل سهولتن تي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو۔ خاص طور تي ٽنهي ڪيمپسز جي هر ڪلاس روم ۾ ايئر ڪنڊيشننگ سسٽم جي موجودگي شاگردن لاءِ هڪ آرامده، پر سڪون ۽ سازگار تعليمي ماحول فراهم ڪري ٿي۔
ان سان گڏ ايورشائن اسڪولس جي هر برانچ ۾ جديد ليپ ٽاپ لئب پڻ قائم آهي، جتي دورِ جديد جي تقاضائن مطابق ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ۽ تربيت فراهم ڪئي وڃي ٿي، جيڪا يقيناً قابلِ تعريف قدم آهي۔
بيشڪ ايورشائن گروپ آف اسڪولز هميشه معياري تعليم، جديد سهولتن ۽ شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي،
۽
علم جي روشني سان نئين نسل جي تعمير جو مشن جاري رکيو پيو وڃي.

Second day of Annual Examination 2026 at Evershine college Ranipur 9-3-2026جيئن اڄ تاريخ 9/3/2026 تي ايورشائن گروپ آف اس...
09/03/2026

Second day of Annual Examination 2026 at Evershine college Ranipur 9-3-2026
جيئن اڄ تاريخ 9/3/2026 تي ايورشائن گروپ آف اسڪولس اينڊ ڪاليجز سسٽم جي انتظاميان طرفان ٽنھي برانچن راڻيپور ،صوڀوديرو ،گمبٽ ۾ نرسري کان اٺين درجي تائين سالياني امتحان جو ٻيو پيپر ورتو ويو.
Evershine Group of Colleges Gambat Sobhodero Ranipur

Address

Ranipur

Telephone

+923003120708

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Evershine Group of Colleges Gambat Sobhodero Ranipur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Evershine Group of Colleges Gambat Sobhodero Ranipur:

Shortcuts

Share

Category