Govt Boys Degree College Pir Jo Goth

Govt Boys Degree College Pir Jo Goth GBDC Pir jo Goth page

گورنمنٹ بوائز ڈگری ڪاليج پیر جو ڳوٺ جی حالیہ ترقي ۽ ڪاميابيون مخلص قيادت، اڻٿڪ محنت ۽ بهترين ٽيم ورڪ جو هڪ چٽو ثبوت آهن....
17/06/2026

گورنمنٹ بوائز ڈگری ڪاليج پیر جو ڳوٺ جی حالیہ ترقي ۽ ڪاميابيون مخلص قيادت، اڻٿڪ محنت ۽ بهترين ٽيم ورڪ جو هڪ چٽو ثبوت آهن. گذريل چند سالن دوران هن اداري تعليمي، انتظامي، هم نصابي ۽ راندين جي شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جن جو سهرو اڳوڻي پرنسپال پروفيسر الطاف حسين کھوڙو، موجوده پرنسپال پروفيسر برڪت علي ڪانهر ۽ سندن پوري ٽيم جي سر تي سجهي ٿو.
​جڏهن پروفيسر الطاف حسين کھوڙو بطور پرنسپال ڪاليج جي چارج سنڀالي، ته اهو ادارو مختلف انتظامي ۽ بنيادي مسئلن جو شڪار هو. هن وڏي عزم ۽ حوصلي سان ڪاليج جي بهتريءَ لاءِ عملي قدمن جو آغاز ڪيو. سڀ کان پهرين صفائي سٿرائيءَ جي هڪ خصوصي مهم هلائي وئي؛ ڪاليج جي ڇتن، ڪلاسن، عمارت ۽ اراصي تان سالن کان پيل ملبو ۽ غير ضروري سامان هٽايو ويو، جنهن سان اداري جي خوبصورتي ۽ تعليمي ماحول ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي.
​پروفيسر الطاف حسين کھوڙو پنهنجي دورِ تعيناتيءَ ۾ تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ ماهوار ٽيسٽن، تقريري مقابلن، علمي توڙي ادبي پروگرامن ۽ ٻين هاڪاري سرگرمين کي فروغ ڏنو. سندن سرپرستي ۾ شاگردن مختلف تعليمي، ثقافتي، اسپورٽس ۽ STEAM Exhibition جي مقابلن ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪري ڪاليج جو نالو روشن ڪيو.
​هن ترقياتي سفر ۾ موجوده پرنسپال پروفيسر برڪت علي ڪانهر جو ڪردار پڻ انتهائي اهم ۽ ساراهه جوڳو رهيو آهي. هن بطور سينيئر استاد ۽ بعد ۾ بطور پرنسپال اداري جي ترقي، نظم و ضبط، تدريسي معيار ۽ شاگردن جي ڀلائيءَ لاءِ ڀرپور محنت ڪئي. هن پروفيسر الطاف حسين کھوڙو سان گڏجي ڪاليج ۾ مثبت تبديلين کي اڳتي وڌايو ۽ اڄ به کيس ساڳئي جذبي سان اداري کي وڌيڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن رکيو اچي.
​ڪاليج جي هن ڪاميابيءَ جي پٺيان هڪ مخلص ۽ محنتي ٽيم پڻ موجود رهي، جنهن ۾ پروفيسر ارشاد علي سولنگي پروفيسر غلام اڪبر ميمڻ ، پروفيسر نجم الحسن، پروفيسر محمد اڪرم لاشاري، ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن غلام مرتضيٰ ڏهوٽ، پروفيسر ارشاد علي ڪانهر، پروفيسر فريد احمد سومرو ۽ ٻيو تدريسي توڙي غير تدريسي عملو شامل آهي. تمام اسٽاف ميمبرن ڪاليج جي بهتري، شاگردن جي تربيت ۽ اداري جي نيڪ ناميءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
​گورنمنٹ بوائز ڈگری ڪاليج پیر جو ڳوٺ جي موجوده ترقي ان حقيقت جي عڪاس آهي ته جڏهن قيادت مخلص هجي، ٽيم متحد هجي ۽ مقصد صرف اداري جي بهتري هجي ته ڪاميابيون پاڻ مرادو قدم چمنديون آهن. پروفيسر الطاف حسين کھوڙو ۽ پروفيسر برڪت علي ڪانهر ۽ سندن پوري ٽيم جون خدمتون يقينن قابلِ تحسين آهن، جيڪي ڪاليج جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيون وينديون. شاگرد، استاد ۽ علائقي جا ماڻهو سندن انهن خدمتن کي هميشه قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ياد رکندا.

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ پنهنجي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن جي حوالي سان هڪ نمايان تعليمي ادارو رهيو آهي۔ گذريل...
12/06/2026

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ پنهنجي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن جي حوالي سان هڪ نمايان تعليمي ادارو رهيو آهي۔ گذريل سالن جون سنهري يادون اڄ به هن اداري سان لاڳاپيل استادن، شاگردن ۽ عملي جي دلين ۾ تازيون آهن۔
اڳوڻي پرنسپال پروفيسر عبدالخالق جتوئي جي دور ۾ ڪاليج ۾ نه رڳو تعليمي سرگرمين کي هٿي ملي، پر هڪ خوشگوار، دوستانه ۽ مثالي ماحول پڻ قائم ٿيو۔ سندن قيادت هيٺ ڪاليج ترقي جون نيون منزلون طئي ڪيون ۽ استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ باهمي احترام، اخلاص ۽ سهڪار جا بهترين مثال قائم ٿيا۔
يادگار لمحن ۾ پروفيسر عطا محمد منڱريو، پروفيسر ارشاد علي سولنگي، مرحوم پروفيسر ثناءُالله سولنگي، پروفيسر مير محمد رضا ٽالپر، پروفيسر عبيدالله سولنگي، پروفيسر غلام اڪبر ميمڻ، پروفيسر نانڪ داس، پروفيسر لياقت سومرو، پروفيسر مشتاق احمد ڦلپوٽو ۽ ٻين استادن ۽ ملازمن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، جن پنهنجي علم، تجربي ۽ محنت سان ڪاليج جي ترقي، تعليمي معيار جي بهتري ۽ شاگردن جي بهتر تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جن ڪاليج جي ترقي، تعليمي معيار جي بهتري ۽ شاگردن جي بهتر تربيت لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو۔
موجوده پرنسپال پروفيسر برڪت علي ڪانهر پڻ انهيءَ روشن روايت کي اڳتي وڌائيندي ڪاليج کي وڌيڪ خوبصورت، سرسبز ۽ تعليمي لحاظ کان فعال بڻائڻ لاءِ نمايان ڪوششون ڪري رهيا آهن۔ سندن محنتن سان ڪاليج جو ماحول وڌيڪ دلڪش بڻيو آهي ۽ ادارو ترقي جي نون رستن تي گامزن آهي۔
اهي يادگار تصويرون نه رڳو ماضيءَ جي خوشگوار يادين کي تازو ڪن ٿيون، پر انهن سڀني شخصيتن کي خراجِ تحسين پڻ پيش ڪن ٿيون، جن گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ کي هڪ مثالي ۽ باوقار تعليمي اداري طور سڃاڻپ ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔

09/06/2026

ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر، پروفيسر شفيق احمد رند جو گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ دورو ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر برڪت علي ڪانهر ڪاليج جي عمارت، باغيچي، نرسري ۽ ٻين مختلف شعبن جو تفصيلي دورو ڪرايو.
دوري دوران پروفيسر شفيق احمد رند ڪاليج ۾ جاري تعليمي، انتظامي ۽ ترقياتي سرگرمين جو جائزو ورتو ۽ ڪاليج جي خوبصورت ماحول، صفائي سٿرائي، شجرڪاري ۽ باغباني جي واکاڻ ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر، پروفيسر شفيق احمد رند چيو ته کيس انتهائي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته جڏهن کان پروفيسر برڪت علي ڪانهر ڪاليج جون واڳون سنڀاليون آهن، تڏهن کان ادارو نمايان ترقي ۽ بهتري طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته ڪاليج جو تعليمي ماحول، نظم و ضبط، باغباني ۽ مجموعي خوبصورتي قابلِ تعريف آهي، جيڪا پرنسپال ۽ سندس ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي.

ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر، پروفيسر شفيق احمد رند جو گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ دورو ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپ...
09/06/2026

ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر، پروفيسر شفيق احمد رند جو گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ دورو ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر برڪت علي ڪانهر ڪاليج جي عمارت، باغيچي، نرسري ۽ ٻين مختلف شعبن جو تفصيلي دورو ڪرايو.
دوري دوران پروفيسر شفيق احمد رند ڪاليج ۾ جاري تعليمي، انتظامي ۽ ترقياتي سرگرمين جو جائزو ورتو ۽ ڪاليج جي خوبصورت ماحول، صفائي سٿرائي، شجرڪاري ۽ باغباني جي واکاڻ ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر، پروفيسر شفيق احمد رند چيو ته کيس انتهائي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته جڏهن کان پروفيسر برڪت علي ڪانهر ڪاليج جون واڳون سنڀاليون آهن، تڏهن کان ادارو نمايان ترقي ۽ بهتري طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته ڪاليج جو تعليمي ماحول، نظم و ضبط، باغباني ۽ مجموعي خوبصورتي قابلِ تعريف آهي، جيڪا پرنسپال ۽ سندس ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي.

05/06/2026

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ ۾ ماهر زراعت ۽ خوبصورتي سازي بابت اهم ملاقات
گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ ۾ ماهر زراعت ۽ خوبصورتي سازي جي شعبي سان لاڳاپيل رٽائرڊ استاد غلام شبير جسڪاڻي ۽ استاد شفيع محمد لوڊرو (هيڊماستر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول جسڪاڻي) ڪاليج جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي پرنسپل پروفیسر برڪت علي ڪانھر معزز مهمانن کي ڪاليج ۾ هلندڙ زراعت ۽ خوبصورتي جي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. مهمانن ڪاليج جي بهترين تعليمي ماحول، سرسبز لانن، گلن جي باغيچن ۽ وڻڪاري جي واکاڻ ڪندي پرنسپل جي ڪوششن کي ساراهيو.
ملاقات دوران ٻنهي مهمانن گلن، ٻوٽن ۽ وڻن جي پوک، سنڀال ۽ واڌ ويجهه بابت قيمتي مشورا ڏنا. هنن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪاليج جي خوبصورتي ۽ سرسبزي کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ هو پنهنجي طرفان پڻ مختلف قسمن جي گلن جا ٻج ۽ زيبائشي ٻوٽا فراهم ڪندا، جيئن ڪاليج جو ماحول وڌيڪ دلڪش، حسين ۽ شاگردن لاءِ خوشگوار بڻجي سگهي.

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ ۾ ماهر زراعت ۽ خوبصورتي سازي بابت اهم ملاقاتگورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ ۾ ...
05/06/2026

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ ۾ ماهر زراعت ۽ خوبصورتي سازي بابت اهم ملاقات
گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ ۾ ماهر زراعت ۽ خوبصورتي سازي جي شعبي سان لاڳاپيل رٽائرڊ استاد غلام شبير جسڪاڻي ۽ استاد شفيع محمد لوڊرو (هيڊماستر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول جسڪاڻي) ڪاليج جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي پرنسپل پروفیسر برڪت علي ڪانھر معزز مهمانن کي ڪاليج ۾ زراعت ۽ خوبصورتي جي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. مهمانن ڪاليج جي بهترين تعليمي ماحول، سرسبز لانن، گلن جي باغيچن ۽ وڻڪاري جي واکاڻ ڪندي پرنسپل جي ڪوششن کي ساراهيو.
ملاقات دوران ٻنهي مهمانن گلن، ٻوٽن ۽ وڻن جي پوک، سنڀال ۽ واڌ ويجهه بابت قيمتي مشورا ڏنا. هنن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪاليج جي خوبصورتي ۽ سرسبزي کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ هو پنهنجي طرفان پڻ مختلف قسمن جي گلن جا ٻج ۽ زيبائشي ٻوٽا فراهم ڪندا، جيئن ڪاليج جو ماحول وڌيڪ دلڪش، حسين ۽ شاگردن لاءِ خوشگوار بڻجي سگهي.

Principal Prof Barkat Ali Kanhar and Staff Welcome New Posted Senior Director Physical Education Abdul Karim Bhatti at S...
03/06/2026

Principal Prof Barkat Ali Kanhar and Staff Welcome New Posted Senior Director Physical Education Abdul Karim Bhatti at Staff Room

داخلائون جاري آھن
01/06/2026

داخلائون جاري آھن

گورنمنٹ بوائز ڈگری کالج پیر جو گوٹھ میں عید کے دونوں دنوں کے دوران پیر جو گوٹھ شہر کی عوام نے شدید 50+ ڈگری گرمی میں کال...
28/05/2026

گورنمنٹ بوائز ڈگری کالج پیر جو گوٹھ میں عید کے دونوں دنوں کے دوران پیر جو گوٹھ شہر کی عوام نے شدید 50+ ڈگری گرمی میں کالج کے خوبصورت باغات اور ٹھنڈے ٹیوب ویل سے بھرپور لطف حاصل کیا۔
شہریوں کا کہنا تھا کہ جب سے پرنسپل پروفیسر برکت علی کانھر نے کالج کا چارج سنبھالا ہے، تب سے کالج کی تقدیر ہی بدل گئی ہے۔ ان کی شب و روز محنت، بہترین نگرانی اور تعلیمی ماحول کو خوبصورت بنانے کی کاوشوں نے کالج کو علاقے کی ایک مثالی درسگاہ بنا دیا ہے۔
عوام نے پروفیسر برکت علی کانھر کی خدمات کو سراہتے ہوئے کہا کہ کالج نہ صرف تعلیم بلکہ عوامی فلاح اور خوبصورتی کا بھی بہترین مرکز بن چکا ہے۔

Eid Mubarak
27/05/2026

Eid Mubarak

Address

Pir Goth

Opening Hours

Monday 09:00 - 13:00
Tuesday 09:00 - 13:00
Sunday 09:00 - 17:00

Telephone

+923013430108

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Govt Boys Degree College Pir Jo Goth posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Govt Boys Degree College Pir Jo Goth:

Shortcuts

Share

Category