پڪاچانگ جي رھجي ويل خبر

پڪاچانگ جي رھجي ويل خبر nature lover

10/10/2025

فيضگنج: ڪرونڊي واسي رفيق سولنگي جو گذريل ٻن مهينن کان پتو نہ پيو. سندس گھرواريءَ طرفان ڳولا ۾مدد ڪرڻ جون منٿون

08/10/2025

ذريعن موجب پڪاچانگ سرڪاري اسپتال ۾ تازو ئي آيل جين ايم سئين جا ڪارٽن گم ڪيا ويا آهن

04/10/2025

T.E.O visited the primary school Shahan Khan Shar


13/09/2025

ھڪ دفعو پڙھجو غور ضرور ڪجو 🙏

سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تعليم تباھ،
خانگي ادارا پيسا ميڙڻ جي ڪڍ ،
ڪوچنگ سينٽر بہ ڏوڪڙن جي ڪڍ
ٻارن جي تعليمي نشونما چٽ مائٽ پريشان،

ادارا لاتعلق....!!
(رپورٽ نور مصطفي)
خبر موجب سنڌ جي اڪثر علائقن جي سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارن ۾ پڙھائي ستر سيڪڙو تباھ ٿي چڪي آهي . ٻار سڄي ڏينھن ۾ ستن سبجيڪٽن مان ھڪ يا ٻہ ڪلاس وٺي موٽي اچن ٿا. گھڻن اسڪولن ۾ استاد ڪلاس ۾ نٿا اچن ۽ جيڪي اچن ٿا اھي موبائل ھلائي ۽ سبجيڪٽ کان ھٽي ڪچھري ڪري ھليا وڃن ٿا. ڪجھ ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي تہ سرڪاري ادارن ۾ استاد گسائن ٿا ۽ جيڪي اسڪول وڃن ٿا سي وري ڪلاس نٿا وٺن...

ھڪ ڳوٺاڻي چيو تہ اڪثر ڪري ٻارن کان پروگرامن جي تياري ڪرائي وڃي ٿي ۽ جيڪي ٻار پروگرامن ۾ حصو نٿا وٺن سي ڪلاس ۾ عجيب حرڪتون ڪن ٿا جيڪي عادتون ٻين ٻارن تائين منتقل ٿين ٿيون ايئن ٻارن جي ذھني اوسر منفي پاسن ڏانھن وڌيڪ لاڙو رکي ٿي. ڪي استاد ڪلاسن ۾ ٻارن کان نعتون ۽ ڪلام چورائي وقت پورو ڪن ٿا. ھوڏانھن شاگردن جي صورتحال ڏسڻ سان خبر پئي تہ ڇھين درجي جي ٻارن کي سنڌي/ انگريزي لکڻ بہ نٿي اچي ۽ ضرب ۽ ونڊ کان اڳتي رياضي ۾ اڻ واقف آھن. پڇڻ تي ٻارن جو جواب ھيو تہ کين پرائمري ۾ صھي پڙھائي نہ ملي سگھي جنھن ڪري ھاڻ ڪجھ سمجھ نٿو اچي...

ڪجھ مائٽن جو چوڻ آھي تہ جيڪڏهن اسانجا ٻار صھي نٿا پڙھن تہ ساڻن ادارا سھڪار نٿا ڪن ۽ سال سال تي پرائمري جي ٻار کي بہ امتحان ۾ ڪاپي ڪرائي پروموٽ ڪن ٿا ڪيترائي ادارا تہ مائٽن کي مشورو ڏين ٿا تہ ٻارن کي ڪوچنگ سينٽر تي موڪليو. جڏھن ته سينٽرن جون چيزون بہ ڳريون ۽ ڪو کڙ تيل اتان بہ نٿو نڪري...

پرائيويٽ ادارا پئيسن ميڙڻ جي ڪڍ ، سيف ادارا ٻار ميڙڻ جي ڪڍ ۽ سرڪاري ادارا پگھارن جي ڪڍ لڳا پيا آھن...

ھوڏانھن ھڪ سرڪاري اداري جي ھيڊ سان رابطو ڪيو ويو جنھن ٻڌايو ته: تعليم اڳي جي ڀيٽ ۾ بھتر ٿي آھي پر اڃا بہ سياسي مداخلت ۽ علائقائي اثر جي ڪري ڪافي ups & downs آھن ڪيترين جاين تي استاد غير حاضر رھن ٿا ڇوتہ ھو ڪنھن نہ ڪنھن سياسي شخصيت جي ويجھو آھن ، ۽ مائٽ بہ استادن سان لھ وچڙ ۾ تمام گھٽ ھوندا آھن...

سيف جي ھڪ ھيڊ ٽيچر ٻڌايو تہ استاد تمام گھٽ پگھار تي رکيا وڃن ٿا جيڪي گھٽ تجربيڪار ۽ ڪم کان لنوائيندا آھن .!
پرائيويٽ اداري جي ھڪ استاد جو چوڻ ھو تہ اسان جون پگھارون تمام گھٽ آهن ۽ ڪيترائي استاد انٽر پاس آھن جيڪي ڊگرين وارا آھن اھي فقط نائين ڏھين ۾ ھوندا آھن ۽ اسان بہ فقط ايئن ڪندا آھيون جيئن اداري جا مالڪ چوندا آھن . ڪو ڪريڪيولم نصاب گھڻو باقي لکڻ پڙھائڻ ۽ سمجھائڻ تي ڌيان گھٽ ...

علائقي جا ساڃاھ وند چون ٿا تہ اسان جي سنڌ جي تعليم دنيا کان سئو سال پوئتي آھي ، ان ۾ وڏو ڪردار حڪومت ۽ انتظاميا جو آھي پر سرڪار شايد سنڌ جي تعليم ۾ سنجيدھ ناھي علائقي جي استادن کي اڳڀرائي ڪري مائٽن کي متحرڪ ڪري ۽ ايس ايم سي کي فعال بڻائي شاگردن جي مستقبل لاءِ سوچڻ گھرجي.🙏🙏🙏
Copy









゚viralシfypシ゚viralシalシ

Copy

پڪاچانگ: موٽرسائيڪل ڦرونپڪاچانگ ۽ آسپاس جي شھرن ۽ ٻهراڙين مان گاڏين جي ڦر ٿئي ٿي. ظاھر ۾ ڦورو ٻہ کان ٽي ڄڻا ھوندا آھن جي...
20/07/2025

پڪاچانگ: موٽرسائيڪل ڦرون
پڪاچانگ ۽ آسپاس جي شھرن ۽ ٻهراڙين مان گاڏين جي ڦر ٿئي ٿي. ظاھر ۾ ڦورو ٻہ کان ٽي ڄڻا ھوندا آھن جيڪي گھڻو تڻو بيروزگار ھوندا آھن وٽن ھڪ ٻہ ھٿيار ھجي ٿو. گاڏي ڦر ڪرڻ کان پوء ھنن جا رابطا ٿين ٿا. آسپاس جي دڪانن يا اوطاقن تي وقتي طور گاڏي بيھاري وري ٻئي پاسي موڪلجي ٿي. گاڏي مختلف دلالن وسيلي وڪامجي ٿي ، جيڪڏھن مالڪن جو زور گھڻو ھجي تہ ڀنگ وسيلي واپس ٿئي ٿي نہ تہ گاڏي ٻئي شھر ۾ وڪرو ٿئي ٿي. ان کان سوا گاڏي جا جمپر، ٽاڪي ٽاپا ۽ ڪم جو سامان شھر جي مخصوص مسترين عيوض وڪرو ٿئي ٿو. باقي گاڏيءَ جو چيچس وڃي بچي ٿو جيڪو شھر جي ڪٻاڙي وارا سستي اگھن ۾ وٺن ٿا. ڪي ڪٻاڙي وارا سڄي گاڏي بہ وٺن ٿا جنھن کي ھو پاڻ ٿورو ٿورو ڪري کپائن ٿا. گاڏين جي ان ڌنڌي ۾ فقط اھو ملوث ناھي جيڪو ھٿيار کڻي ڦر ڪري ٿو جيڪو ڪڏھن ڪڏھن ھاف فراء بہ ٿئي ٿو پر ان سڄي عمل ۾ شھر جا چڱا مڙس ، صحافي ، پوليس ، مذھبي طبقو ، سفيد پوش ، عام عزتدار فرد ۽ تقريبن عام ماڻھن جو ڳچ حصو شامل ھوندو آھي . چوندا آھن دن دائي کان ڳجھو ناھي ھوندو ايئن ئي شھر يا ڳوٺ جي ماڻھن کي سڄي خبر ھوندي آھي تہ سندن علائقي جا ماڻھو ڪھڙو ڪم ڪن ٿا. ھن ڪڌي ڪم ۾ شھر جا مستري بہ ملوث آھن جيڪي اھڙي قسم جون گاڏيون گھر ۾ ڪاھي ڪم کي اڳتي ھلائين ٿا.نہ صرف مستري پر ھي پوسٽ پڙھڻ وارا توھان ۽ اسان بہ تقريبن ستر سيڪڙو ماڻھن کي خبر آھي تہ ڪير چور آھي ڪير پاٿاريدار ۽ ڪير ڀاڳيو. پر توھان ۽ اسان منافقت جا ٻوٿاڙا پائي گھمندا وتندا آھيون. جڏھن اسانجي پنھنجي چوري ٿئي تہ پوءِ ھاءِ گھوڙا ڪندا آھيون

سڄو شھر ڪچري جا ڍير ، گٽر اٿلن پيا. غريب آباد ڪالوني ، چانگ محلو ، شر ڪالوني ، محسن آباد ، شمس آباد... سڄو شھر گند ڪچرو ...
19/07/2025

سڄو شھر ڪچري جا ڍير ، گٽر اٿلن پيا. غريب آباد ڪالوني ، چانگ محلو ، شر ڪالوني ، محسن آباد ، شمس آباد... سڄو شھر گند ڪچرو . ڌڻي ڪونھن

21/11/2024
کس کس نے دیکھا اس پوسٹ کو
03/10/2024

کس کس نے دیکھا اس پوسٹ کو

Address

Pacca Chang

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when پڪاچانگ جي رھجي ويل خبر posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category