22/06/2026
Proud Moment for SBBU-SBA
Honorable Vice Chancellor Engr Prof. Dr Madad Ali Shah has been invited as a Guest Speaker at the 42nd SANA Convention in Toronto, Canada, 2-6 July 2026.
Theme: _Education as the Foundation for Human Dignity and Social Harmony in Sindh_
A great honor for SBBU-SBA. Wishing Sir continued success in representing our university globally!
21/06/2026
فڪر جي تحريڪ؛ بينظير
بينظير هميشه زندهه رهندي
ڊاڪٽر مدد علي شاھ
قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل کان پو۽ هن ملڪ جي غريب عوام کي پنهنجن حقن بابت شعور ڏيندڙ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جهڙو پليٽ فارم مهيا ڪندڙ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو اڄ جنم ڏينهن آهي.
شهيد راڻي تاريخ 21 جون 1953ع تي 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ ڄائي. قائد عوام ۽ مادرجمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي پهرين اولاد آهي. مٿس سندس پڦيءَ جو نالو بينظير رکيو ويو. ڀٽو خاندان ۾ وڏن جا نالا پنهنجي اولاد تي رکڻ جو قديم رواج آهي. جيئن ته محترمه پيدائشي طور تمام خوبصورت ۽ گلابي چهري جي مالڪ هئي تنهن ڪري پيار مان ڀٽو صاحب کيس ”پنڪي“ سڏيندو هيو. محترمه جڏهن اڃا ٽن ورهين جي هئي ته کيس ”ليڊي جيننگس نرسري اسڪول“ ۾ داخل ڪيو ويو. پنجن ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي سڀ کان بهتر اسڪول“ دي ڪانوينٽ آف جيزس اينڊ ميري“ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي تعليم انگريزي ٻولي ۾ هئي. اهو ئي سبب هيو جو سندن گهر ۾ انگريزي ٻولي هلندي هئي. هن اسڪول ۾ آئرش ماسترياڻيون پڙهائينديون هيون. ٻئي طرف باقائدي مولوي اسلامي ۽ قرآن شريف جي تعليم لاءِ رکيل هيو. پاڻ جڏهن چئن سالن جي هئي ته سندس والد اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويو ۽ ستن سالن جي هئي ته ڪابينا ۾ وزير مقرر ٿيو. والده ڀٽو صاحب سان پرڏيهه ويندي کيس چوندي هئي ته ”تون ٻين ٻارن جو خيال رکجانءِ ڇاڪاڻ ته تون وڏي آهين“ ائين ننڍپڻ کان محترمه ۾ خود اعتمادي ۽ حوصلي جي قوت جنم ورتو. محترمه ڏهن سالن جي ٿي تڏهن کيس ڪوهه مري هل اسٽيشن جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. جتي پهريون ڀيرو کيس پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻو پيو. جهڙوڪ وهنجڻ لاءِ ٻاهران نل مان پاڻي ڀرڻ، بوٽ پالش ڪرڻ ڇاڪاڻ ته سندس والد جو اسڪول جي انتظاميا کي حڪم هيو ته منهنجي ٻارن کي به ٻين ٻارن وانگر سمجهو.
قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي وزير خارجه جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ بعد محترم والد سان ريل گاڏيءَ ۾ لاڙڪاڻي تائين سفر ڪيو. هر اسٽيشن تي ماڻهن جا هجوم پهتا. هنن ”فخر ايشيا زنده باد“ جا نعرا هنيا. اهڙيءَ طرح محترمه کي پنهنجي والد جي صحبت ۾ سياسي جهيڙن جهڳڙن، تقريرن، تبصرن بابت ڄاڻ ملندي هئي. 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد پيو تڏهن محترمه اٽڪل چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ 70 ڪلفٽن تي قائم پيپلز پارٽي جي دفتر تي ميمبر شپ لاءِ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جون قطارون لڳل ڏٺيون وري 1968ع ۾ سندس والد کي جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت گرفتار ڪيو تڏهن محترمه بينظير جي تعليمي زندگيءَ جو ڏکيو سال آيو، ڇاڪاڻ ته کيس گذريل ٽن سالن جي پڙهائيءَ سميت او ليول امتحانن ڏيڻ ۽ ريڊ ڪلف ۾ داخلا جي امتحان جي پڻ تياري ڪرڻي هئي. 28 نومبر 1968ع تي ساهيوال جيل مان ڀٽو صاحب پنهنجي ذهين ڌيءَ کي خط لکيو ”مون کي سچ پچ ته فخر آهي ته منهنجي ڌيءُ اهڙي ذهين آهي جو هوءَ پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ اهي امتحان ڏئي ٿي جيڪي مون ارڙهن ورهين ۾ ڏنا هيا، ان رفتار سان تون صدر ٿي سگهين ٿي.“
شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙي 18 سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بي نظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هوءَ عالمي سطح جي لينن، مائوزيتنگ، هوچي منھه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. هوءَ پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدتر کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري عظيم ليڊر هئي. بينظير ڀٽو هڪ قداور ۽ تمام ذهين ليڊر هئي، جنهن جي شادي 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور آصف علي زرداري ( صدر پاڪستان) جيڪو نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي. جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي آفنديءَ سان واسطو رکي ٿو.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته زندگي کان اڳ موت تخليق ٿيو. موت ظاهري طور منتقليءَ جو نالو آهي، انسان حياتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪائنات طرف گامزن ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ انسان جو هڪ نئون سفر شروع ٿئي ٿو. پر طبي موت جي برعڪس شهادت هڪ اهڙو تحفو آهي جيڪو ڪامياب انسانن کي هميشه جي لاءِ امر بڻائي ڇڏي ٿو. اهڙي شهادت سان معاشري اندر انقلاب برپا ٿي ويندو آهي. شهادت بعد نئي مظلوم طبقي کي منزل ميسر ٿي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو پوءِ دلين، دماغن ۽ ڌڙڪن اندر زنده رهندا آهن ۽ نسل در نسل انهن جو ذڪر جاري رهندو آهي. اڄ اهو ئي جذبو اسان کي شهيدراڻي محترمه بينظير ڀٽو جي رت جي رشتن اندر نظر اچي ٿو. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان نڊر ۽ بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي.
محترمه جو جنم ته هڪ دفعو 21 جون تي ٿيو هو پر هن جو موت ڪيئي دفعا ٿيو پر هر دفعي هڪ نئون جوش ۽ حوصلو بڻجي عوام جي سگھه بڻيو. هن جو موت ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت ، شاهنواز جي شهادت ۽ مرتضى جي شهادت وقت به ٿيو هو پر 27 ڊسمبر 2007ع وارو ڏينهن کيس جسماني طور اسان کان هميشه لاءِ جدا ڪري ويو پر سندس ڏنل فڪر اسان سان گڏ هر وقت رهندو، سندس يادون اسان کي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون. هيءُ گُل ته 27 ڊسمبر تي وکرجي ويو هو، ڳاڙهيون پتيون وکري ويون، سڄو چمن اجڙي ويو هو، سڄي زمين سڙي وئي هئي پر گُل جي خوشبو اڄ به زنده آهي ۽ آزاد آهي. خوشبوءَ کي ڪير قيد نٿو ڪري سگهي. هُوءَ ڪلهه به زنده هئي، اڄ به زنده آهي ۽ سڀاڻي به زنده رهندي.
21/06/2026
شہید محترمہ بینظیر بھٹو کی سالگرہ کے موقع پر ہم انہیں خراجِ عقیدت پیش کرتے ہیں، جنہوں نے جمہوریت، عوامی حقوق اور تعلیم کے فروغ کے لیے تاریخی خدمات انجام دیں. محترمہ بینظیر بھٹو کا یقین تھا کہ قوموں کی ترقی کی بنیاد معیاری تعلیم، بالخصوص اعلیٰ تعلیم (ہائر ایجوکیشن) پر استوار ہوتی ہے. انہوں نے نوجوانوں کو اعلیٰ تعلیم کے مواقع فراہم کرنے، خواتین کی تعلیم کو فروغ دینے اور علمی تحقیق و جدت کی حوصلہ افزائی کے لیے ہمیشہ آواز بلند کی.
آج ان کی سالگرہ کے موقع پر ہم اس عزم کا اعادہ کرتے ہیں کہ اعلیٰ تعلیم کے شعبے کو مزید مضبوط بنائیں گے، نوجوانوں میں تحقیق، اختراع اور علمی صلاحیتوں کو فروغ دیں گے، اور ایک ایسا معاشرہ تشکیل دیں گے جہاں ہر طالب علم کو اپنی صلاحیتوں کے مطابق اعلیٰ تعلیم حاصل کرنے کے مساوی مواقع میسر ہوں.
منجانب: انجینئر پروفیسر ڈاکٹر مدد علی شاہ
وائیس چانسلر
شھید بینظیر بھٹو یونیورسٹی شھید بینظیر آباد، نوابشاھ
19/06/2026
🌟 𝐏𝐫𝐨𝐮𝐝 𝐌𝐨𝐦𝐞𝐧𝐭 𝐟𝐨𝐫 𝐒𝐡𝐚𝐡𝐞𝐞𝐝 𝐁𝐞𝐧𝐚𝐳𝐢𝐫 𝐁𝐡𝐮𝐭𝐭𝐨 𝐔𝐧𝐢𝐯𝐞𝐫𝐬𝐢𝐭𝐲, 𝐒𝐡𝐚𝐡𝐞𝐞𝐝 𝐁𝐞𝐧𝐚𝐳𝐢𝐫𝐚𝐛𝐚𝐝🌟
Heartiest congratulations to 𝐄𝐧𝐠𝐫. 𝐏𝐫𝐨𝐟. 𝐃𝐫. 𝐌𝐚𝐝𝐚𝐝 𝐀𝐥𝐢 𝐒𝐡𝐚𝐡, 𝐕𝐢𝐜𝐞 𝐂𝐡𝐚𝐧𝐜𝐞𝐥𝐥𝐨𝐫, 𝐒𝐡𝐚𝐡𝐞𝐞𝐝 𝐁𝐞𝐧𝐚𝐳𝐢𝐫 𝐁𝐡𝐮𝐭𝐭𝐨 𝐔𝐧𝐢𝐯𝐞𝐫𝐬𝐢𝐭𝐲, 𝐒𝐡𝐚𝐡𝐞𝐞𝐝 𝐁𝐞𝐧𝐚𝐳𝐢𝐫𝐚𝐛𝐚𝐝, on being honored with the "𝐄𝐭𝐡𝐢𝐜𝐚𝐥 𝐋𝐞𝐚𝐝𝐞𝐫𝐬𝐡𝐢𝐩 𝐀𝐰𝐚𝐫𝐝 𝐟𝐨𝐫 𝐏𝐫𝐨𝐟𝐞𝐬𝐬𝐢𝐨𝐧𝐚𝐥 𝐄𝐱𝐜𝐞𝐥𝐥𝐞𝐧𝐜𝐞" in recognition of his outstanding leadership, integrity, commitment to academic excellence, and remarkable services to society.
This prestigious recognition reflects his visionary approach, dedication to higher education, and unwavering commitment to institutional development and national progress.
May his leadership continue to inspire the academic community and future generations.
🎉 Congratulations on this well-deserved achievement!
Shaheed Benazir Bhutto University Nawabshah SBBU Madad Ali Shah
18/06/2026
ORIC Announces Academic Collaboration between SBBU-SBA and Nazeer Hussain University
ORIC, SBBU-SBA, is pleased to announce the signing of an MoU with Nazeer Hussain University, Karachi.
The agreement was signed by Engr. Prof. Dr. Madad Ali Shah, Vice Chancellor, SBBU-SBA, and Engr. Farhat Khan, Chancellor, NHU, in the presence of Dr. Khaliq Ahmed Khanzada Warsi, Professor & Chairman, Department of Computer Science, and Mr. Ashfaque Hussain, Director Finance, SBBU-SBA.
The partnership aims to promote research, innovation, academic excellence, and institutional collaboration.
Together, advancing higher education and research in Pakistan.
14/06/2026
*Good News*
*New NAVTTC courses are available at SBBU SBA*
Registeration Deadline *TODAY* *14 June 2026*
*Transport for the selected candidates will be available from Nawabshah city only*
Fill out the form to apply:
https://nsis.navttc.gov.pk/sign-in
08/06/2026
Personal Banking Officer (PBO)
Meezan Bank