Wisdom For Welfare

Wisdom For Welfare

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Wisdom For Welfare, Tutor/Teacher, Government Degree College 60-Mile, District Shaheed Benazirabad, Nawabshah.

15/05/2025

سنڌ جا سٺ ميلي ڪاليج ۽ اسٽاف جي کوٽ

سنڌ سرڪار طرفان تعليم جي سڌاري لاءکنيل اپاء بلاشبہ تعريف جوڳا آھن. جھڙوڪ ھاڻ ڪميشن سنڌ جي سموري ڪاليجن تي ھڪ ئي وقت ڪونہ ٿينديون... ھاڻي اھي بس سنڌ جي ڇھن ريجن مان ھر ھڪ ريجن لاء ٿينديون.. يعني شھيد بينظير آباد جي ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاء صرف شھيد بينظير آباد جي ڪميشن ٿيندي. پوء اميدوار ڀلي کڻي سکر ہا لاڙڪاڻي جو ڇونہ ھجي.

پر ڏٺو وڃي تہ اھڙا اپاء ايترو ڪارگر ڪونہ ٿيندا جو بنيادي طور تي ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ جو پوراؤ ڪري سگھن. ڇا ريجن تي ڪميشن ڏيندڙ ھڪ ڪامياب اميدوار سٺ ميل ڪاليج ۾ رضا خوشيء سان ڪم ڪرڻ پسند ڪندو؟ ڇا ھو نوابشاھ شھر جتي اڳ۾ يونيورسٽيون موجود آھن ۽ جتي پھرين کان ئي ڪاليجن ۾ گھرج کا ن وڌيڪ استاد ٿيو وڃن ٿا اتي وري نئون استاد ترجيح ڏيڻ کان پاسو ڪندو؟ مونکان لکي وٺو صفا نہ.

تہ پوء ڄاڻايل مقصد جي پورائي طور۽ اڃا وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاء ڇونہ ڀرتيء جي رينج کي اڃا ڪجھ گھٽائجي؟ ۽ ڇونہ ڪنھن ڪاليج جي کوٽ جي پورائي لاء ان ڪاليج جي سطح تي وڃي ڪميشن ڪرائجي. جيڪڏھن ھڪ مخصوص ريجن لاء اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاء ليڪچررز جي ڪميشن ٿي سگھي ٿي تـ پوء ھڪ ڪاليج لاء ڇو نـ ؟

سمجھي سگھجي ٿو تہ اھڙي ڪميشن ۾ ويھڻ کانپوء ۽ ڀرتي ٿيڻ کانپوء، پوء ڀلي کڻي قمبر شھداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ ھجي يا اٻاؤڙو ۽ مٺيء سان چونڊيل ملازم سٺ ميل ڪاليج جي ڪميشن تي ڀرتي ٿيڻ کان بالڪل ڪين ڪيٻائيندو ۽ ھڪ وڏي عرصي تائين اتي ئي ڪم ڪرڻو پوندس.

ياد رھي تہ سنڌ جا 'سٺ ميلي ڪاليج' يا 'نوابشاہ شھر' کي ھڪ استعاري طور استعمال ڪيو ويو آھي. ڇوتہ اھڙا ڏورانھان ۽ ڏکيا ڪاليج ھجن توڙي سھنجا آسائشن ڀريا، اڃا ٻيا الائي ڪيترا آھن جتي عمارتن تي ڪروڙين روپيا خرچ تہ ٿيل آھن پر سرڪار اتان ڪي جوڳا نتيجا اڃا ڪونہ وٺي سگھي آھي.

Photos from Wisdom For Welfare's post 17/12/2024

Countless thanks to the Almighty Allah!

Today, GDC 60th Mile warmly welcomed the esteemed affiliation visit team from SBBU SBA, led by
Prof. Dr. Liaquat Ali Zardari, Dean FST
and accompanied by distinguished dignitaries including:
Dr Salman Bashir, Dean FMS,
Mr Kashif Ali Noorani,
Deputy Director for Colleges,
Mr Ashfaque Ahmed,
Assistant Director QEC,
Prof Irshad Ali Otho
Principal, GDC, Daulatpur, and
Prof Ihsan Ali Rind،
Ex Principal GDC, 60th Mile.

We acknowledge that excellence in education is our perpetual pursuit, and we remain committed to providing exceptional academic experiences. Insha'Allah, our degree programs will be a beacon of hope for students in 60th Mile Town and surrounding areas.

Photos from Wisdom For Welfare's post 12/12/2024

سٺ ميل ڪاليج ۾ سنڌ ثقافتي ڏھاڙي جي تقريب.

20/11/2024

سٺ ميل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آگاھي ھجي تہ بورڊ پاران انرولمينٽ فارم لاء سندن جو ب فارم لازمي گھربل آھي. کين مشورو آھي تہ پندرنھن ڏينھن اندر ب فارم ٺھرائي وٺن. تہ جيئن امتحاني فارم ڀرائڻ وقت مشڪلات کان بچي سگھن.

05/11/2024

منھنجا شاگرد منھنجو فخر۔۔۔۔

Photos from Wisdom For Welfare's post 14/10/2024

الحمد للہ سٺ ميل ڪاليج ۾ سيرت ڪانفرنس صلي اللہ عليہ وسلم ٿي گذري. بھترين تقريرون، نعتون ۽ قرٔات ڪرڻ وران کي پھرين، ٻي ۽ ٽي پوزيشن کڻڻ وارن کي انعام ڏنو ويو.

14/10/2024

انرولمينٽ ڀرائڻ جي تاريخ اچي وئي آھي. آخري تاريخ 6 نومبر 2024.

Photos from Wisdom For Welfare's post 17/08/2024

سٺ ڪاليج ۾ پلانٽيشن مھم زور ۽ شور سان جاري آھي. پرنسيپال،استاد توڙي شاگرد گذريل برسات جي مڪمل سڪڻ جو انتظار نہ ٿا ڪري سگھن. ڇو تہ مھم جو آغاز شروع ٿي چڪو آھي. مٿان وري برسات بہ ٺھي آئي آھي. تنھن ڪري اسان مشڪلات کي رڪاوٽ ٿيڻ جا قائل نہ آھيون بلڪہ اسان مشڪلات کي پنھنجي لاء سگھ بڻائي اڳتي وڌي رھيا آھيون. يقينا ھمت مردان مدد خدا..

Want your school to be the top-listed School/college in Nawabshah?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Culinary Team

Attire

Address


Government Degree College 60-Mile, District Shaheed Benazirabad
Nawabshah
67450