شعور جي لاٽ

شعور جي لاٽ شعور جي لاٽ پيج ۾ اوھان سڀنين ساٿين جو ڀليڪار۔ ھن پيج تي اوھان کي ڪتابن سان سنڌي شاعري سنڌي ادب به ملندو

ناول: هڪ مهان ڇوڪري ليکڪ: انور ابڙو ھن ناول جا ڪردار ته گهڻا هن , پر ليکڪ ٽن ڪردارن تي گهڻو لکيو آ , سوڍو , انا , معني ا...
10/12/2025

ناول: هڪ مهان ڇوڪري
ليکڪ: انور ابڙو
ھن ناول جا ڪردار ته گهڻا هن , پر ليکڪ ٽن ڪردارن تي گهڻو لکيو آ , سوڍو , انا , معني اناميڪا , چندرا . انهن ٽن ڪردارن مان آئون ڪهڙي ڪردار تي لکان.
ته مان , انا تي لکندم, انا "ڪيئنڊا" ۾ رهندڙ هڪ سنڌي ڇوڪري آ, جنهن جي رانگ ڪال لڳي ٿي وڃي. رانگ ڪال تي ايترو ته سوڍي کي سهارو ملي ٿو وڃي. جو سوڍو چندرا جي بيوفائي جو سڄو داستان انا کي ڏسي ٿو ڇڏي , ڪال ميل تي سوڍي ۽ انا عام جام ڪچهريون ٿين ٿيون , انا به سوڍي سان پنهنجو هر ڏک سک شيئر ڪري ٿي , سوڍو به پنهنجي غمن جو انا کي ڀائيوار سمجهڻ لڳي ٿو. دوستي ڪڏهن پيار ۾ بدلجي وڃي ٿي, سوڍي کي خبر ئي نٿي پئي , ڪجھ سالن کان بعد انا سنڌ ۾ اچي ٿي , سوڍي ڏي ميل ٿي لکي, ته مان تونسان ڪراچي سمنڊ تي ملڻ ٿي چاهيان , سوڍي کي تمام گهڻي خوشي ٿي ٿئي, سوڍو مڪمل تياري ڪري ٿو. سوڍي هن طويل عرصي ۾ انا جي ڪڏهن به تصوير ناهي ڏٺي, جڏهن "سي ويو " تي انا پنهنجي ڀاءُ خالد سان اچي ٿي , سوڍي کان اڳ انا سمنڊ تي پهچي ٿي, سوڍو جڏهن انا کي ڏسي ٿو , حيران ٿي ٿو وڃي. انا هن جي سوچن کان به وڌيڪ حسين آ. هن آواز ٻڌي دل ته ڏني هئي , پر انا کي ڏسي انا تي پنهنجي جان به نڇاور ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري. انا ڪجھ مهينا سنڌ ۾ رهي ٿي, سوڍي ۽ انا جون ملاقاتون هر روز ٿين ٿيون, سوڍو پنهنجي پيار جو اظهار انا سان ڪري ٿو. پر انا هن جي پيار کي قبول نٿي ڪري, ڪجھ مهينن جي موڪل کان پو , " ڪينئڊا " هلي ٿي وڃي .
سوڍو انا کي به چندرا وانگر بيوفا سمجهڻ لڳي ٿو , پاڻ کي دنيا جو بد نصيب تسليم ڪري ٿو , ۽ اهو سوچي ٿو ته جيئن چندرا بيوفا ٿي, تيئن انا ڀي بيوفا آ , تقريبن ڏيڍ سال کان بعد انا جي ميل سوڍي ڏي اچي ٿي , پر سوڍو به گهڻن ئي ڪمن ڪارن ۾ مصروف آ , پنڌرهن سورهن ڏينهن کان بعد انا جي ميل پڙهي ٿو, پر انا جون کوڙ ساريون ميليون به اچي وڃن ٿيون انهن پنڌرهن ڏينهنن ۾ , ڪجھ مهينن کان بعد انا سوڍي کي پنهنجي دوستي جو واسطو ڏئي , چئي ٿي سوڍو تون ڪا ڇوڪري ڏسي شادي ڪري ڇڏ. مان نٿي چاهيان ته تون پنهنجي زندگي منهنجي انتظار تباھ ڪرين.

ڪامريڊ ڀڳت سنگھ جي جدوجهدڪامريڊ ڀڳت سنگھ جو نالو هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ انقلابي علامت جي طور تي ياد ڪيو وڃي ٿو. ه...
03/12/2025

ڪامريڊ ڀڳت سنگھ جي جدوجهد

ڪامريڊ ڀڳت سنگھ جو نالو هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ انقلابي علامت جي طور تي ياد ڪيو وڃي ٿو. هو صرف هڪ شخص نه پر هڪ فڪر، هڪ ولوله ۽ هڪ جدوجهد جو نالو آهي. ڀڳت سنگھ ننڍپڻ کان ئي برطانوي سامراج جي ظلم ۽ غلاميءَ خلاف نفرت سان ڀرپور هو. سندس دل ۾ هڪ ئي خواب هو ــ آزادي، برابري ۽ هڪ اهڙو سماج جتي ڪنهن به انسان تي استحصال نه ٿئي.

ڀڳت سنگھ پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي قلم ۽ هٿيار ٻنهي کي هٿ ڪيو. هو لکڻ ذريعي نوجوانن جي دلين ۾ بيداري پيدا ڪندو رهيو ۽ ساڳئي وقت عملي جدوجهد ۾ شامل ٿي ويو. سندس مشهور نعرو "انقلاب زندہ باد" صرف آزاديءَ لاءِ نه پر سماجي انصاف ۽ معاشي برابري لاءِ به هو.

هن برطانوي سامراج کي لوڌڻ لاءِ ساٿين سان گڏ هندستاني سوشلسٽ ريپبليڪن ايسوسيئيشن ٺاهي. لاهور ۾ "سندر لال ڊاڻي ڪيس" ۽ دهليءَ جي اسيمبليءَ ۾ بم ڦٽو ڪرڻ جهڙا واقعا سندس انقلابي حڪمتِ عمليءَ جا مثال آهن، جتي هو قتل ڪرڻ بدران ڌماڪي ذريعي پيغام ڏيڻ چاهيندو هو ته ظلم هميشه لاءِ قائم نه رهي سگهي.

ڀڳت سنگھ جي جدوجهد جو وڏو پاسو سندس فڪر ۽ لکڻيون آهن. هو سرمائيداري، جاگيرداري ۽ مذهبي تنگ نظريءَ جي سخت مخالفت ڪندو هو. سندس خواب هڪ اهڙو سوشلسٽ هندستان هو، جتي هر هڪ کي تعليم، روزگار ۽ عزت ملي.

1931ع ۾ جڏهن کيس ڦاهي ڏني وئي، تڏهن هو صرف 23 سالن جو هو، پر ان جي شهادت لکين ماڻهن جي دلين ۾ نئون جذبو پيدا ڪيو. ڀڳت سنگھ جي شهادت ثابت ڪيو ته حقيقي انقلابي موت کان نه ٿو ڊڄي، ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته سندس رت قوم جي نئين زندگيءَ جو بنياد بڻجندو.

ڪامريڊ ڀڳت سنگھ جو پيغام اڄ به زنده آهي:
آزادي رڳو ڌرتيءَ جي آزادي نه، پر انسان جي شعور، فڪر ۽ معاشي حالتن جي آزادي به آهي.

ناول: چچريل لاشليکڪ: احمد شاڪرهي ناول پنهنجي قوم جي حِلالي فردن تي لکيل آ , جيڪي پنهنجي جان کان وڌيڪ اهميت وطن کي ڏيندا ...
22/08/2025

ناول: چچريل لاش

ليکڪ: احمد شاڪر

هي ناول پنهنجي قوم جي حِلالي فردن تي لکيل آ , جيڪي پنهنجي جان کان وڌيڪ اهميت وطن کي ڏيندا هن. هو ايترو تہ پنهنجي وطن سان پيار ڪندا هن جو هنن کي وطن کان سوا ڪا بہ شيءَ پياري ناهي هوندي. دل منهنجي بہ چئي ٿي مان ڀي هن ناول تي ڪجھ تاثر لکان پر هن ناول مان ئي ڪجھ لفظ کڻي لکجن ٿا , ڇو تہ انهن ۾ جيڪا صداقت آ, سا متان منهنجي لفظن ۾ نہ هجي ۽ پڙهندڙ کي نہ وڻي..

سج لهي ٿو...

کنڀي گم ڪيلن جي گهرن ۾ سُڏڪن جي سيج وڇائجي وڃي ٿي. ڪنهن جي ماءُ اکين مان ڳوڙها هاري هاري ٻاهر ڇَرَ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اکين کي ٿر ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن جي ڀيڻ ڀَرت ڀرڻ وساري ويٺي آهي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي بازيابيءَ جو نعرو چپن سان اُڻي رهي آهي. ڪنهن جو ڀاءُ ماني کائڻ وساري ويٺو آهي ۽ ڀاءُ جي کنڀي گم ڪرڻ تي جُهري پيو آهي, جيئن جُهڪر جو دڙو مٽيءَ جو ڍير آهي. ڪنهن جي وني پنهنجي ور جي واپسيءَ جا خواب اکين ۾ ٽاڪي در جي چانئٺ تي اکيون وڇائي ويٺي آهي ۽ سينڌ , سُرمو وساري ويهڻ کان پوءِ تڪليف جي تارازيءَ ۾ تُري رهي آهي. ڪنهن جي ڌيءُ پنهنجي پيءُ جي واپسيءَ جو ايئن انتظار ڪري رهي آهي, جيئن ٿر جا ماڻهو مينهن وسڻ جو انتظار ڪندا آهن ۽ ڌيءُ نہ رڳو گهر جي زينت هوندي آهي پر پيءُ جي پَڳَ بہ هوندي آهي. ڪنهن جو پٽ پنهنجي پيءَ کي ساري سُڏڪن جي سمنڊ ۾ ٻُڏي ٿو وڃي... ان سڄي درد جي درياھ کي ڪهڙن لفظن ۾ اظهارجي.!؟

هي ڪُهاڙي وارو رت ريٽو قومي پرچم ازل کان بلند رهيو آھ  ۽ سدائين رهندو سفاڪ وحشي دشمن ڪيترو به زور لڳائي ڏسي پر هي پرچم ن...
25/06/2025

هي ڪُهاڙي وارو رت ريٽو قومي پرچم ازل کان بلند رهيو آھ ۽ سدائين رهندو سفاڪ وحشي دشمن ڪيترو به زور لڳائي ڏسي پر هي پرچم نه جُهڪيو آه ۽ نه ئي ڪڏهن جُهڪندو ڇو ته هن پرچم کي وڏي شان مان سان اوچو رکڻ لاء سڄي سنڌ جي غيرتمند ۽ حلالي ڪونڌرن جو گرم خون ڏنل آ.✊

انقلاب!  انقلاب کوئی پکا ہوا پھل نہیں ہوتا جس نے ایک دن زمین پر ضرور گرنا ہے .. انقلاب لانا پڑتا ہے . جدوجہد کرنی پڑتی ہ...
24/06/2025

انقلاب!
انقلاب کوئی پکا ہوا پھل نہیں ہوتا جس نے ایک دن زمین پر ضرور گرنا ہے ..
انقلاب لانا پڑتا ہے . جدوجہد کرنی پڑتی ہے . انقلاب خواب دیکھنے سے کبھی نہیں آتے . یہ ایک بہتر زندگی کا عمل ہے .
موت کا خوف انقلابی کی موت ہے .
یہ آگ اور خون کا کھیل ہے .
کمزور دل اور کم ظرف اس میدان سے دور رہیں .
آزاد منش انسان غلامی میں جی ہی نہیں سکتا .
آزادی کے اس سفر میں موت کا سامنا دلیری سے کیا جاتا ہے .

➖ چی گویرا🚩☠️

دوستووسڪي 30 آڪٽوبر، 1821ع - 9 فيبروري، 1881ع)،  هڪ روسي ناول نگار، مُختصر ڪهاڻيءَ ليکڪ، صحافيءَ ۽ مضمون نگار هو. ڪيترائ...
23/06/2025

دوستووسڪي

30 آڪٽوبر، 1821ع - 9 فيبروري، 1881ع)، هڪ روسي ناول نگار، مُختصر ڪهاڻيءَ ليکڪ، صحافيءَ ۽ مضمون نگار هو. ڪيترائي ادبي نقاد کيس سڄي دُنيا جي ادب جي عظيم ناول نگارن مان شُمار ڪن ٿا. سندس ڪيترائي ڪم انتهائي اثرائتو شاهڪار سمجهيا وڃن ٿا. دوستووسڪي جا ادبي ڪم 19هين صديءَ جي روس جي مُشڪلاتي سياسي، سماجي ۽ روحاني ماحول ۾ انساني حالت کي ڳولين ٿا ۽ مُختلف فلسفي ۽ مذهبي موضوعن سان مشغول آهن. سندس سڀ کان وڌيڪ مشهور ناولن ۾ "جرم ۽ سزا" (1866)، "دي ايڊيٽ" (1869)، "ڊيمنز" (1872)، "دا ايڊوليسينٽ" (1875) ۽ "دا برادرز ڪرامازوف" (1880) شامل آهن. سندس سال 1864ع جي ناول "نوٽس فرام انڊر گرائونڊ" (پاتار مان پنا) کي وجوديت پسند ادب جي پهرين ڪم مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو..،

پهريون 10 ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ!  توهان کي اهڙو محسوس ٿيندو ڄڻ ته توهان دنيا جا سڀ کان سمجهدار انسان آهيو،  ۽ توهان ڪنهن به...
23/06/2025

پهريون 10 ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ!
توهان کي اهڙو محسوس ٿيندو ڄڻ ته توهان دنيا جا سڀ کان سمجهدار انسان آهيو،
۽ توهان ڪنهن به فلسفي يا ماهر جي سامهون بيهي ڳالهائي سگهو ٿا.
توهان کي روٽين ۽ ڪوفي سان عشق ٿي ويندو،
۽ توهان اڪيلائي ۾ بيٺل ڪيفي جي ميزن کي ترجيح ڏيندؤ.

50 ڪتابن کان پوءِ!
توهان قلم هٿ ۾ کڻي پڙهندؤ
۽ نوٽ لکڻ لڳندؤ، ڀلي پنهنجي جلد تي ئي ڇو نه هجي.

200 ڪتابن کان پوءِ!
توهان سٺن ۽ خراب ڪتابن ۾ فرق سڃاڻڻ لڳندؤ.

250 ڪتابن کان پوءِ!
توهان ماڻهن کان وڌيڪ ڌار ٿيڻ لڳندؤ،
عام گانا ۽ مشهور پروگرام توهان کي وڻڻ بند ٿي ويندؤ،
توهان پنهنجي ئي تخليقي دنيا ۾ رهڻ لڳندؤ،
۽ ديوانگيءَ سان اهڙو ڪو ديوانو ڳوليندؤ جيڪو توهان وانگر هجي.
بهرحال، توهان تمام پر سڪون ٿي ويندؤ.

350 ڪتابن کان پوءِ!
توهان کي احساس ٿيندو ته توهان ڪيترا سست هئو،
۽ هاڻي توهان وڌيڪ سست ٿي چڪا آهيو،
ڇو ته اڃا به توهان تمام گهٽ ڄاڻو ٿا.

500 ڪتابن کان پوءِ!
توهان آئينو ڏسندؤ
۽ بيحد خودپسندي محسوس ٿيندي،
تڏهن توهان لکڻ شروع ڪندؤ،
۽ اها هڪ بلڪل الڳ ڪهاڻي هوندي.

(اردو مان ترجمو ڪاظم ڪليري)

23/06/2025

محبوب ليڊر جا تاريخي الفاظ💯

اڙي ھيڏي ڪوھستان جا ڀولڙا ھي عشق جو سفر ڪڏھن به کٽڻو ئي ناھي ھي سفر جيڪو شروع ٿيوشاھ حيدر سنائي کان سائين جي ايم سيد تائ...
23/06/2025

اڙي ھيڏي ڪوھستان جا ڀولڙا ھي عشق جو سفر ڪڏھن به کٽڻو ئي ناھي ھي سفر جيڪو شروع ٿيو

شاھ حيدر سنائي کان سائين جي ايم سيد تائين سائين جي ايم سيد کان امداد محمود شاھ ۽ امير حيدر شاه تائين سائين امداد محمود شاھ کان سائين جلال محمود شاھ ۽ سائين زين تائين جاري ساري آھي تنھنجا پيء ختم ٿي ويو تون ختم ٿي ويندي تنھنجو ايندڙ نسل ختم ٿي ويندو پر جي ايم سيد جو فڪر تا قيامت رھڻو آھي جنھن سيد کي تنھنجا آقا نه هارائي سگھيا توھان جي ڪھڙي اوقات آھي

تنھنجو رھبر منھنجو رھبر
جي ايم سيد جي ايم سيد

Address

Naushahro

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when شعور جي لاٽ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to شعور جي لاٽ:

Shortcuts

Share

Category