The IQRA School N Feroze

The IQRA School N Feroze A child without education , is like a bird without wings.

   .
05/06/2026

.

   .
04/06/2026

.

Principal vs. Principle
04/06/2026

Principal vs. Principle

02/06/2026

25/05/2026
          # IQRA
19/05/2026




# IQRA

19/05/2026






19/05/2026

سي ايس ايس (CSS)

سي ايس ايس هڪ مقابلي جو امتحان آهي.

• داخلا آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ٿيندي آهي۔
• داخلا فيس 2200 رپيا آهي۔
• پيپر فيبروري ۾ ٿيندا آهن۔
• ڪل مارڪس 1200 آهن۔
• لازمي مضمون 6 آهن۔
• اختياري مضمون 6 آهن۔
• لازمي مضمونن جا مارڪس 600 آهن۔
• اختياري مضمونن جا مارڪس 600 آهن۔

سي ايس ايس هڪ مقابلي جو امتحان آهي، جنهن ذريعي پاڪستان حڪومت، Federal Public Service Commission (FPSC) جي نگراني هيٺ گريڊ 17 ۾ آفيسر ڀرتي ڪري ٿي۔ هي امتحان هر سال هڪ ڀيرو ورتو ويندو آهي ۽ انتهائي قابل، ذهين ۽ محنتي اميدوارن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي، جن کي بيوروڪريسي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي۔ بيوروڪريسي حڪومتي نظام هلائڻ ۾ ريڙهه جي هڏي جهڙي حيثيت رکي ٿي۔

تعليمي قابليت ۽ عمر جي حد:

هر سال هن امتحان جو اعلان FPSC طرفان ڪيو ويندو آهي۔
گريجوئيشن (آرٽس، سائنس، ڪامرس، ميڊيڪل يا انجنيئرنگ) ۾ سيڪنڊ ڊويزن رکندڙ 21 کان 30 سالن تائين جا مرد، عورتون ۽ خصوصي فرد امتحان ڏيڻ جا اهل هوندا آهن۔
خصوصي ماڻهن لاءِ عمر ۾ 2 سالن جي رعايت هوندي آهي۔
آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ درخواست فارم ڀريا ويندا آهن، جڏهن ته امتحان فيبروري ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي۔

امتحاني مرڪز:

سي ايس ايس جا امتحان پاڪستان جي لڳ ڀڳ 19 شهرن ۾ ٿيندا آهن، جن ۾:
ايبٽ آباد، بهاولپور، ڊي جي خان، ڊي آءِ خان، فيصل آباد، گلگت، گوجرانواله، حيدرآباد، اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، لاڙڪاڻو، ملتان، مظفر آباد، پشاور، ڪوئيٽا ،
پنو عاقل ۽ راولپنڊي وغيره شامل آهن۔

امتحاني طريقو:

هاڻي سي ايس ايس امتحان کان اڳ MPT (اسڪريننگ ٽيسٽ) لازمي قرار ڏنو ويو آهي۔
هي ٽيسٽ 200 مارڪن تي مشتمل هوندي، جنهن ۾ 200 MCQs سوال هوندا۔
انهن سوالن ۾ انگريزي، پاڪستان اسٽڊيز، اسلامي اڀياس، جنرل سائنس ۽ رياضي شامل هوندا۔
جيڪي اميدوار هي ٽيسٽ پاس ڪندا، صرف اهي ئي Written Exam ڏئي سگهندا۔

امتحان جا مرحلا:

سي ايس ايس ۾ 4 قسم جا امتحان ٿيندا آهن:

1. تحريري امتحان (Written Test)
2. نفسياتي امتحان (Psychological Test)
3. طبي امتحان (Medical Test)
4. زباني امتحان / انٽرويو (Viva Voce)

ڪامياب اميدوارن کي سندن مارڪن جي بنياد تي مختلف گروپن ۾ ورهايو ويندو آهي۔

گروپس:

1. District Management Group
2. Police Service of Pakistan
3. Customs and Excise
4. Postal Group
5. Income Tax Group
6. Information Group
7. Foreign Service of Pakistan
8. Commerce and Trade Group
9. Military Lands and Cantonments
10. Office Management Group
11. Pakistan Audit and Accounts
12. Railways Group

مضمونن جا قسم:

سي ايس ايس جا مضمون ٻن حصن ۾ ورهايل آهن:

1. لازمي مضمون (Compulsory Subjects)
2. اختياري مضمون (Optional Subjects)

لازمي مضمون:

1. انگريزي (Precis & Composition)
2. انگريزي Essay
3. پاڪستان افيئرز
4. اسلامي اڀياس / غير مسلم لاءِ Comparative Religion
5. Current Affairs
6. Everyday Science

پاسنگ مارڪس:

• لازمي مضمونن ۾ پاسنگ مارڪس 40٪ يعني 40 يا 44 جي لڳ ڀڳ هوندا آهن۔
• اختياري مضمونن ۾ پاسنگ مارڪس 33٪ هوندا آهن۔

اختياري مضمون:

اختياري مضمونن جو تعداد لڳ ڀڳ 55 آهي، جيڪي مختلف گروپن ۾ ورهايل آهن۔
اميدوار کي انهن مان 6 مضمون چونڊڻا پوندا آهن۔
هر پيپر 100 مارڪن جو هوندو آهي ۽ ڪل مارڪس 1200 هوندا آهن۔
اميدوار لاءِ مجموعي طور گهٽ ۾ گهٽ 50٪ مارڪس حاصل ڪرڻ ضروري هوندو.

ھن پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪريو جيئن ٻيا پڙهي فائدو وٺن


17/05/2026

visiting

Address

Near Mcb � Main Road
Naushahro Firoz

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when The IQRA School N Feroze posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to The IQRA School N Feroze:

Shortcuts

Share