12/06/2025
ورچوئل اسٽيم اسڪول لاهور آن لائن پروگرام ۾ سليڪٽ ٿيندڙ اسان جي اڪيڊمي نيو اسٽار جي شاگرد سان گڏوگڏ اڪيڊمي جي ٻين ٻارن کي به اسٽيم اسڪول آن لائن پروگرام لاهور بابت آگاهه ڪيوسين ۽ ورچوئل اسٽيم اسڪول طرفان موڪليل فري ليپ ٽاپ شاگرد ڪشور پٽ جڳديش ڪڇي جي حوالي ڪيوسين. اڄ کان آن لائن ڪلاس شروع ٿي ويا آھن ۔ جنھن ذريعي کين انگلش,رياضي ۽ ڪمپيوٽر سائنس سبجيڪٽ پڙھايا ويندا.