Government Boys Higher Secondary School Naudero

Government Boys Higher Secondary School Naudero Govt Boys Higher Secondary School Naudero was founded by Shaheed Zulfikar Ali Bhutto and is a prestigious school in Larkana. We offer classes 6-12.

Join us!

24/07/2026

Congratulations ♥
23/07/2026

Congratulations ♥

23/07/2026

*GBHSS Naudero*
SSC-II Annual Examination 2026 Result Summary

*Science Group*
Appeared: 483
A-1 Grade: 27
A Grade: 76
B Grade: 192
C Grade: 122
D Grade: 05
Failed: 60
RWH: 01
*Total Pass: 422*

*Private Group*
Appeared: 19
A-1 Grade: Nil
A Grade: Nil
B Grade: 10
C Grade: 06
Failed: 03
Total: 19
*Overall Summary*
Total Appeared: 502
Total Passed: 438
Total Failed: 63
RWH: 01

*Overall Pass Percentage: 87.25%*

21/07/2026
16/06/2026

Behind every green corner of our school lies the silent dedication of our supporting staff, keeping the park as fresh in June as it is in December. 🌿

14/06/2026

Work is our motto because progress comes through dedication and commitment. We seek innovation in education, positive institutional change, and the best learning opportunities for students. Our goal is to build centers of excellence that nurture knowledge, creativity, and character. Through vision, teamwork, and continuous effort, we will overcome challenges, achieve our goals, and strengthen the future of education.
DEO ES&HS Larkana Riaz Kalhoro Inamullah Mangi Abdul Latif Shah Bukhari Abid Hussain Tagar Ayaz Hussain Gul Zaman Manzoor Manzoor Aijaz Ahmed Jarwar Adnan Katper Adv Wahid Bux Narejo@ Qurban Ali Ghanghro

13/06/2026

احـتجــاج احـتجـاج احـتجــاج
استاد اتحاد زنده باد
گسٽا زنده باد

گسٽا يونٽ گورنمينٽ بوائيز ھاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو تعلقي رتوديرو جو ٻيون نمبر ۽ نئين ديري شھر جو سڀ کان وڏو يونٽ آھي. روايتي طور ھميشہ ائين رھيو آھي تہ جڏھن بہ گسٽا تنظيم جي اندر صدارت رتوديرو شھر کي ملندي آھي تہ جنرل سيڪريٽريء جو عھدو نئين ديري شھر کي ملندو آھي. ھن ڀيري بہ اليڪشن مرحلي دوران اسان جي طرفان اھڙو مطالبو ڪيو ويو تہ گسٽا تعلقي رتوديرو جي قيادت ۽ ضلعي جي موجودہ جنرل سيڪريٽري صاحب غيرضروري طور جذباتي ردعمل ڏئي اسان کي ان مطالبي تان ھٿ کڻايو جنھن کانپوء اھو واعدو ڪيو ويو تہ اوھان کي تعلقي ۾ 2 عھدا ڏنا ويندا.

جڏھن تعلقي جي نامينيشن جو وقت آيو تہ پنھنجي واعدي مطابق ٻَہ عھدا ڏيڻ بجاء ھڪ عھدي جي ڳالھ ڪئي وئي ۽ ان جي لاء بہ اھو زور رکيو ويو تہ اھو نالو بہ اسڪول جي نمائندي طور چونڊجي آيل يونٽ جي بدران تعلقي جا اڳواڻ پاڻ پنھنجي پسند جي بنياد تي ڏيندا ۽ اھو واعدو ڪيو ويو تہ ضلعي ۾ اوھان جي يونٽ کي سٺو عھدو ڏنو ويندو.

ضلعي جي اليڪشن جو وقت آيو تہ اسان جي يونٽ کان نالو گهريو ويو جنھن تي يونٽ مشاورت ڪري اسڪول جي ھڪ سينيئر ۽ محترم استاد جو نالو موڪليو پر شايد اھو تعلقي قيادت کي پسند نہ آيو ۽ اسان جي اسڪول کي ملندڙ ضلعي جو اھو عھدو بہ نہ ڏنو ويو ۽ ھڪ وڏي يونٽ کي اتي بہ مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو.

ان کانپو واعدو ڪيو ويو تہ ڊويزن ۾ اوھان کي عھدو ڏيون ٿا ۽ نامينيشن کان ٻہ ڏينھن پھريان ڊويزن جي عھدي جي لاء يونٽ کان نالو گهريو ويو جنھن تي يونٽ مشاورت ڪري ھڪ نالو موڪليو جنھن تي پھريان ان تي راضپو ڏيکاري ۽ پوء اچانڪ ان تي غير ضروري اعتراض واريو ويو. جنھن کانپوء ٻيھر يونٽ جو اجلاس ڪوٺائي مشاورت ڪري اسڪول جي ٻن معزز ۽ سينيئر استادن جا نالا موڪليا ويا. انھن نالن تي ڪا بہ اعتراض جوڳي ڳالھ نہ ملڻ تي تعلقي قيادت ڄاڻي واڻي طور اسان کان رابطو ڪٽي وئي جيڪو ھن وقت تائين ڪٽيل آھي.

جنھن کانپوء بغير اسان سان مشاورت ڪرڻ, اعتماد ۾ وٺڻ يا اطلاع ڏيڻ جي تعلقي قيادت ۽ ضلعي جي موجودہ جنرل سيڪريٽري صاحب پنھنجي طور تي ھڪ من پسند استاد سان رابطو ڪري ان کي نامينيشن جي لاء گهرايو ۽ اسڪول جي نمائندي طور چونڊيل يونٽ کي مڪمل طور نظر انداز ڪري پنھنجي مرضيءَ جو فيصلو مڙھيو ويو.

اسان ھتي واضع ٿا ڪيون تہ تنظيمن جي اندر جيڪڏھن اھڙي انداز ۾ صرف پنھنجي مرضي ھلائڻي آھي ۽ غير جمھوري رويا اپنائي خوشامد ۽ اقربا پروري ڪرڻي آھي تہ ان انداز ۾ تنظيمن جو وجود بي اثر بڻجي ويندو.

اسان ضلعي جي موجودہ جنرل سيڪريٽري صاحب ۽ گسٽا تعلقي رتيديري جي قيادت طرفان اھڙي بي واجبيءَ ۽ زيادتيءَ جي خلاف پنھنجي يونٽ جي سطح تي احتجاج جو حق رکون ٿا ۽ اسان اھڙن سمورن فيصلن جي مخالفت ڪيون ٿا. ھي شھر ۽ ھيءُ اسڪول شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترما بينظير ڀٽو جا آھن ۽ اسان انھن جي شھر ۽ انھن جي ادارن سان اھڙي زيادتي ڪڏھن بہ برداشت نہ ڪنداسين ۽ جيستائين اسان سان بار بار ڪيل واعدي خلافي ۽ زيادتيءَ جو ازالو نہ ڪيو ويندو اسان پنھنجو احتجاج جاري رکنداسين.

(گسٽا يونٽ گورنمينٽ بوائيز ھاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو)

*پريس رليز*  *تاريخ: 11 جون 2026* گسٽا يونٽ گورنمينٽ بوائيز ھاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو جي ھنگامي گڏجاڻي يونٽ جي صدر مح...
11/06/2026

*پريس رليز*
*تاريخ: 11 جون 2026*

گسٽا يونٽ گورنمينٽ بوائيز ھاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو جي ھنگامي گڏجاڻي يونٽ جي صدر محمد شفيق کھڙو جي صدارت ۾ ٿي گذري جنھن ۾ گسٽا تعلقي رتيديري جي قيادت جي طرفان اسان جي يونٽ کي مسلسل نظر انداز ڪرڻ واري معاملي تي مشاورت ڪئي وئي.

گسٽا تعلقي رتيديري جي قيادت تعلقي، ضلعي ۽ ڊويزن جي اليڪشن جي دوران اسان جي يونٽ جي طرفان نامزد ڪيل نالن کي بار بار رد ڪري غير جمهوري رويو اپنائي اسان جي اسڪول جي مٿان پنھنجي مرضيءَ جا فيصلا مڙهيا آھن.

گسٽا يونٽ گورنمينٽ بوائيز ھاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو اھڙن غير جمهوري روين ۽ فيصلن جي سخت مخالفت ڪري ٿو. اھڙي غير جمهوري طريقي سان آيل ڪنھن بہ عھديدار کي اسان جي يونٽ جي حمايت يا تائيد حاصل نہ ھوندي.

( *گسٽا يونٽ گورنمينٽ بوائيز ھاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو.)*

11/06/2026

Govt. (B) Higher Sec. School Naudero

05/06/2026

We believe every small step creates a big future. With 2500+ young minds, we support and try for the best environment, because when our campus is green, our dreams grow greener. Today we plant trees, tomorrow we plant hope. Together, for a cleaner school, a healthier Larkana, and a brighter Pakistan.

Address

Near Panjguli, Police Station Road, P. O Naudero
Naudero
77360

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Government Boys Higher Secondary School Naudero posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category